نجي شعبي جي ملازمن ۽ مظلوم مزدورن سان ٿيندڙ ويڌن

0
172
نجي شعبي جي ملازمن ۽ مظلوم مزدورن سان ٿيندڙ ويڌن

  انساني تاريخ ۾ جهڙي طرح ظالم ۽ مظلوم جا ڪردار هڪٻئي کان بنھ ابتڙ ھوندي به سدائين گڏ گڏ پچاربا آھن، تهڙي طرح هاري، مزدور ۽ نجي شعبي ۾ نوڪري ڪندڙ ننڍي ملازم جو ذڪر به ظالم زميندار، بيرحم صنعتڪار ۽ سفاڪ سيٺ سان سلهاڙي سلبو آھي. گذريل سومر ڏينهن اسان به پهرين مئي تي جنهن مهل مزدورن سان يڪجهتيءَ لاءِ رسمي ۽ روايتي ريليون ڪڍي ڏيکاءُ پئي ڪيو،ان ڏينهن تي به ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور يا ته مزدور تي ويل هو يا ڪنهن مصروف موڙ ۽ چوڪ تي پنهنجي اوزارن سميت ڪنهنمزدوري ملڻ جي آس ۾ اُداس اکيون وجهي ويٺل هو. هي طبقو وڏن شانائتن ۽ احترام جي علامت بڻيل امير ملڪن ۾ به استحصال جو شڪار آھي پر اسان وٽ جڏهن مڊل ڪلاس وارو به اٽي ۾ ٻڌل نظر پيو اچي ته ان سڀني جي ستايل، مهانگائي ماريل مسڪين شخص جو گذر بسر ته مورڳو محال ٿي ويو آھي.

                 ڪجھ ڏينهن پهريائين ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي هڪ مصروف ميگا سينٽر تي وڃڻ ٿيو، جيڪو 24 ئي ڪلاڪ ڪم ڪندو آھي، ان مرڪز ٻاهران هڪ گهري سانوري رنگ، اُس ۽ گرميءَ سان لوساٽيل چمڙي وارو انسانم 45- 50 ڪلو وزن سان، هڏائين پڃري مثل ”ضعيف جوان“ باوردي بندوق ڪلهي ۾ لڙڪايو هوشيار باش بيهي ايندڙ ويندڙ تي نظر رکيو بيٺو هو. رهيو نه ٿيو، ان ڪري پُڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين ته، سندس اها نوڪري صبح جو 8 کان رات 8 تائين 12 ڪلاڪن تي ٻڌل آھي، جنهن ۾ پندرهن منٽ منجهند جوآنڊا ساوا ڪرڻ جي اجازت هوندي آھي. پرائيويٽ سيڪيورٽي ڪمپني پگهار ته 20 هزار مقرر ڪئي آھي پر انتظاميه 2 هزار ڪٽوتي ڪري 18 هزار ڏيندي آھي. پڇيم ته گذارو ڪيئن ٿو ٿئي؟ چيائين ته، ”اهو نه پُڇو……!“ اهو لقاءَ صرف اتي ڪونهي، سڄي ملڪ ۾، ويندي گادي واري شھر اسلام آباد ۾، ۽ جتي منهنجي رهائش آھي اتي به ساڳيو حال آھي. سرڪار سڳوري، سياسي حڪمران ۽ وڏا عهديدار جڏهن پهرين مئي تي لٻاڙون هڻي رهيا هئا، ان وقت لڳو پئي ته، اڄ انقلاب ضرور ايندو. ان مظلوم طبقي جو اجورو ڪنهن چيو ته، 25 هزار آھي، ڪنهن دعويٰ ڪئي ته 35 هزار آھي ۽ ڪنهن ڊاڙ ھنئي ته جلد ئي اهو  50 هزار ڪيو ويندو. 20 مان به ٻن هزارن جي ڪٽوتي ۽ ڪم ڪرڻو آھي 12 ڪلاڪ!! اهو ظلم ناهي ته ٻيو ڇا آھي؟

ٿوري وقت ۾ گھڻو ڪم ڪڍڻ جي حرص ئي ته سرمائيدار کي وڌيڪ امير ۽ مزدور کي وڌيڪ لاغر بنائي غريب ڪري ڇڏيو آھي. تاريخ ۾ مختلف ملڪن ۽ مختلف وقتن ۾ اهڙي ويڌن خلاف آواز به اُٿندو رهيو آھي. 14 هين صديءَ جي وچ کان 17 صديءَ جي آخر تائين ڪم جي اوقاتِ ڪار تي سرمائيدار جي هڪ ھٽي هئي ۽ ان جي حد ئي مقرر نه هئي. ٻار، عورتون ۽ نوجوان مزدور 15 کان کان 16 ڪلاڪن تائين يا اڃا به ڪجھ شعبن ۾ ويهن ڪلاڪن تائين ڪم ڪرڻ لاءِ پابند هئا. 8 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي تحريڪ جو آغاز 16 صديءَ ۾ اسپين کان ٿيو ۽ قانون تحت اتي 1593 ۾ ڪارخاني مزدورن ۽ قلعه سازي وارن شعبن ۾ لاڳو ٿيو. جديد صنعتي انقلاب کان پوءِ 1760ع کان وٺي  1820- 40 دوران مشينن جي استعمال ۾ واڌ آئي ته پيداوار ۾ واڌاري سان گڏ اوقات ڪار تي نظرثاني جي گنجائش به پيدا ٿي چڪي هئي پر سرمائيدار، جيڪو واڌو موڙي يا سرپلس ويليو کي ڏاٺ ڏيو ويٺو هو، سو ڪنهن به طرحدم وڃي پر دمڙي نه وڃي جي مثل اهو منافعو منتقل ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. اهو سلسلو ايتري تائين جاري رهيو، جيسين تائين انگلستان ۾ 1883ع ۾ پهريون ڀيرو فيڪٽري ايڪٽ مطابق ڪم ڪرڻ جو وقت 15 ڪلاڪ مقرر ڪيو ويو. جيڪو لاڳيتي ۽ ڊگھي جدوجهد کان پوءِ 12 ڪلاڪ ڪيو ويو. صنعتي دور ۾ آسٽريليا جي مزدورن 8 ڪلاڪ جي اوقات ڪار جي مڃتا لاءِ 1856 ۾ ڪم بند ڪري هڙتال تي ويهي رهيا. ان طرح جي جُرئت ۽ ٻَڌي مزدور ڪاز کي وڏي طاقت بخشي. 1835 ۾ فلاڊيلفيا آمريڪا ۾ آئرش ڪوئلي مزدورن مشهور نعري وارو بينر لڳايو ته ”ڇھ کان ڇھ تائين“. 1867ع ۾ شڪاگو جي مزدورن ايلينئس اسٽيٽ اسيمبليءَ کان 8 ڪلاڪ جي اوقات ڪار جي قانون منظور ڪرڻ جي گهر ڪئي. قانون ته منظور ٿي ويو پر عمل نه ٿيو. جنهن ڪري ساڳئي سال عام هڙتال ڪئي ويئي. 1868ع ۾ 49 هين ڪانگريس پهريون دفعو اٺ ڪلاڪ ڪم ڪار جي وقت جو قانون صرف وفاقي ملازمن لاءِ منظور ڪيوپر مشيني معاوضي تي ويھ  سيڪڙي جي ڪٽوتي لاڳو ڪئي. 1868ع ۾ صدر يولائيسس ايس گرانٽ 8 ڪلاڪ ڪم جو فرمان جاري ڪيو ۽ معاوضن گهٽائڻ تي پڻ پابندي لڳائي ڇڏي. رِيسَ ۾ اچي غير سرڪاري ملازمن به ساڳيو مطالبو ڪري ڇڏيو. 1884ع ۾ آمريڪا جي فيڊريشن آف آرگنائيزڊ ٽريڊس اينڊ ليبر يونينز فيصلو ڪيو ته پهرين مئي 1886ع کان وٺي ڪم صرف اٺ ڪلاڪ ڪيو ويندو. مضبوط ارادي سان ڪيل وچن مطابق پهرين مئي 1886ع تي 3 لک 50 هزار مزدورن سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ڪري نيشنل ليبر يونين ڪانگريس کان اٺن ڪلاڪن جي وقت مقرر ڪرڻ کي اولين مطالبو قرار ڏيارڻ جي گهر ڪئي وئي. ان تعداد ۾ 80000 رڳو شڪاگو نائيٽس آف ليبر جي اڳواڻ البرٽ پارسنس جي اڳواڻيءَ ۾ شڪاگو ۾ گڏ ٿيا هئا. جڏهن مختلف شھرن ۾ تحريڪ زور ورتو ته 4 مئي 1886 تي Haymarket Square Chicago  ۾ بم ڦاٽو. گوليون هليون، رت جي راند کيڏي وئي. نتيجي ۾  دنيا جي مزدورن کي شڪاگو جا شھيدَ ۽ رت رنگي جهنڊي سميت  پهرين مئي جو ڏينهن  يادگار ٿي ملي ويو. تنهن بعد آمريڪا ۾ اٺ ڪلاڪ جي اوقات ڪار جو مطالبو مڃيو ويو. 1890ع ۾ پهريون ڀيرو ان ڏهاڙي کي ملهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ان قربانيءَ جي نتيجي ۾ اهو سلسلو اڳتي وڌيو ۽ ٻين ملڪن به لاڳو ڪرڻ شروع ڪيو. 1915ع ۾ يوراگوئي ۾ غير زرعي مزدورن لاءِ ان اصول کي لاڳو ڪيو ويو. سڀني شعبن ۾ سويت يونين 1917ع ۾ 8 ڪلاڪن جو وقت مقرر ڪيو. هينري فورڊ 1926ع ۾ 40 ڪلاڪ هفتي جي ڪم ڪار واري اصول جو اعلان ڪيو. اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو وقت مقرر ڪرڻ جو اتساھ ڏياريندڙ، اهو اصلاح يا نعرو لڳائيندڙ پهريون شخص ويلش مينوفيڪچرر اينڊ ليبر رائيٽس جو جاکوڙي انسان رابرٽ اووِن هو، جنهن چيو هو ته، ”اٺ ڪلاڪ  محنت، اٺ ڪلاڪ تفريح ۽ اٺ ڪلاڪ آرام.“ آمريڪا ۾ 137 سال اڳ ڏنل رت جي قربانيءَ بدلي اڄ تائين پاڪستان سميت دنيا جي ڪافي خطن جا مزدور ان قاعدي مان لاڀ حاصل نه ڪري سگهيا آھن.

محنت جي عالمي اداري (ILO)  جي گورننگ باڊي شروع ۾ ئي  بنيادي سماجي ۽ پورهئي بابت جن اٺن حقن جو ذڪر ڪيو هو، انهن مان گهڻن اصولن جي آخرڪار 1998ع ۾ توثيق Ratification  به ٿي وئي هئي، تن ۾ ھِي حق شامل هئا: مؤثر مجموعي سودا ڪاري جو حق 1949ع ڪنوينشن، زور زبردستي لازمي مشقت وٺڻ جو خاتمو 1957ع  ڪنوينشن،  تنظيم سازي ۽ منظم ٿيڻ جي حفاظت وارو ڪنوينشن 1948، ملازمت ۽ پيشي بابت متڀيد جي خاتمي وارو ڪنوينشن 1958، گهٽ ۾ گھٽ معاوضو طئي ڪرڻ 1973ع وارو ڪنوينشن، پورهئي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ عمر مقرر ڪرڻ وارو ڪنوينشن 1973،  ٻاراڻي پورهئي جي بدترين قسمن بابت ڪنوينشن 1999ع، مزدوري جي معاوضي ۾ مساوات جو ڪنوينشن 1951ع سميت اوقات ڪار جي تعين ۽ ٻيا انيڪ حق شامل آھن. پاڪستان سميت دنيا جي لڳ ڀڳ 135 ملڪن انهن بنيادي اصولن جي توثيق به ڪري ڇڏي آھي پر افسوس جو اسان جي ملڪ سوڌو اڪثر هنڌن تي اڄ به پورهيت ۽ غريب نوڪر انساني بنيادي حقن کان به محروم آھي، جيڪي اقوام متحده جي انساني حقن واري چارٽر ۾ موجود آھن. سڀني جي سامهون تغاري مزدوري کان وٺي هر طرح جو مزدور ۽ هاري ڏاڍي ۽ سيٺ جي ڏاڍ جو شڪار آھي. لٻاڙون ته سرڪار، پرائيويٽ ادارا، صنعتڪار ۽ اين جي او جا نمائندا گهڻائي هڻندا آھن پر حقيقي هڏ ڏوکي ڪو ورلي ملندو.

اسان جي ملڪ ۾ تاريخ جي ڀيانڪ ترين مهانگائي ۽ سڪي جي بي قدري سبب ملندڙ معمولي معاوضا به پنهنجو قدر ۽ قيمت وڃائي ڪاغذ جا ٽڪرا پيا ڀانئجن. اهڙي هولناڪ صورتحال ۾ جڏهن چڱو چوکو کائڻ چڱي ڀلي جي وس کان به ٻاهر ٿي ويو آھي، تڏهن پورهيت صرف رکي مانيءَ سان پيٽ جو دوزخ ڀرڻ جو حقدار ضرور هجڻ گھرجي. ڪنهن قسم جي مزدوري ۽ نجي نوڪري واري لاءِ ڪم ڪرڻ جو وقت اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ  هئڻ نه گهرجي. جيڪڏهن ٻنهي ڌرين جي رضا خوشي سان وڌيڪ وقت ڪم ڪرڻ ضروري هجي ته ان جو اضافي اجورو ٻيڻ تي هجڻ گھرجي. مهانگائي کي نظر ۾ رکندي گهٽ ۾ گھٽ پگهار 40 ھزار مهينو مقرر ڪرڻ گھرجي. مزدور، هاري،نجي نوڪري ڪندڙ ملازم ۽ انهن 12 ڪلاڪ پيرن تي بيهي، وردي ۽ ڳرن بوٽن سان چوڪسي ڪندڙ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊن جي واهر لازمي ٿيڻ گھرجي، ڇو ته امن و امان جي خراب صورتحال سبب پرائيويٽ سيڪيورٽي ڪمپنين جو ڪاروبار به بلڊر مافيا وانگر هر روز ترقي ڪندو پيو وڃي ۽ غريب ملازم مفت  مصيبت ۾ آھي.