ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جون وڌندڙ ڪارروايون

0
163
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

پنهنجي ملڪ کي ٻين جي مفادن جي جنگ جي ميدان بنائڻ ۽ ٻين جي مفادن جي جنگ وڙهڻ جو نتيجو اهو سامهون آيو آهي ته هتي دهشتگرديءَ جي ڏانئڻ مستقل مسڪن ٺاهي ويهي رهي آهي، ۽ روز قوم جا ٻچا ڳڙڪائي رهي آهي. باهه ۽ بارود جي راند کيڏي رهي آهي. دهشتگردن تي ڪنهن به آپريشن جو اثر ان ڪري به نٿو ٿئي، جو هتي دهشتگردن جون نرسريون موجود هجڻ جي ڳالهه کي رد نٿو ڪري سگهجي. سوويت يونين کي مات ڏيڻ لاءِ افغانستان ۾ پرڏيهي پئسي سان جيڪي “وار لارڊز” پيدا ڪيا ويا هئا، سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ به انهن “وار لارڊز” جي “مجرم سپاهه” مسلسل جنگ جي حالت ۾ آهي. توڙي جو انهن خلاف نون نون نالن سان آپريشن به ڪيا ويا آهن، پر اهي اهڙا ته ‘نئود’ آهن، جو انهن تي ڪو به اثر نٿو ٿئي. دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙڻ وارا بيان هاڻي ان ڪري به ويساهه وڃائي چڪا آهن، جو دهشتگرد هر نئين ڏينهن سيڪيورٽي فورسز، ٿاڻن، ۽ حساس هنڌن تي حملا ڪري سرڪاري بيان تان چٿر ڪري ٿا وڃن. ڪي پي ڪي ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا وڌي ويا آهن. دهشتگرد ايترا ته منظم آهن، جو فورسز جي آپريشن دوران به گهڻو نقصان پهچائي رهيا آهن. تازو خيبر پختونخوا ۾ آپريشن ۽ مختلف حملن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 14 جوان شهيد ٿي ويا آهن، ٽن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ جون پڻ خبرون رپورٽ ٿيون آهن.

اسان جي لاءِ دنيا ۾ اها چوڻي مشهور آهي ته هن ملڪ جا حڪمران صرف هڪ “فون ڪال” جو خرچ آهي، جيڪا ڳالهه به غلط ان ڪري نٿي چئي سگهجي، جو اسان جي ملڪ جي هڪ سپهه سالار/صدر هڪ “فون ڪال” تي دهشتگرديءَ خلاف عالمي جنگ جي نالي ۾ هن ملڪ کي آمريڪي مفادن جي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو هو. ان جنگ ۾ پاڪستان جو تمام گهڻو نقصان ٿيو. خوف ۽ غير يقينيءَ جو طوفان آيو، پر اهو ته هو عوام لاءِ، جڏهن ته هن ملڪ جي حڪمرانن تي ڊالرن جو مينهن وسندو رهيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو دهشتگردي هتي پاڙون پختيون ڪري وئي آهي. “سٺا ۽ خراب” طالبان جا عجيب اصطلاح متعارف ڪرايا ويا. پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ حڪومت دوران افغانستان مان دهشتگردن کي هتي اچڻ جي ڇوٽ ڏني وئي، جنهن کان پوءِ سوات جي وادي ۽ ٻيا جابلو علائقا انهن والاري ورتا. رهواسين جي ڊگهي احتجاج کان پوءِ وڃي جان ڇٽي. هتي اهو ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته غلط حڪومتي پاليسين سبب دهشتگردن کي سازگار ماحول فراهم ٿيندو رهيو آهي ۽ هاڻي اسان کي پنهنجو ئي ملڪ فتح ڪرڻ جي ڪرت تي لڳايو ويو آهي ۽ ملڪي وسيلا ملڪ جي ترقي، عوام جي حالت ۾ بهتري آڻڻ بدران دهشتگردن خلاف ويڙهه تي خرچ ٿي رهيا آهن. دهشتگردن کي راهداري ڏيڻ ۽ هڪ وڏي “کٿاب” کي ڪروڙن جي امداد ڏيڻ جي ڀلا ڪا جاچ ٿي سگهندي ۽ فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي؟ اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته، دهشتگرديءَ خلاف جنگ صرف هٿيارن سان نه پر عوام جي حمايت، ساٿ ۽ سهڪار سان کٽي سگهجي ٿي. هيستائين جيڪي به آپريشن ٿيا آهن، انهن ۾ ان اهم ڳالهه کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

دهشتگرد هاڻي ملڪ جي ڪنهن هڪ حصي تائين محدود نه رهيا آهن، اهو سرطان هن ملڪ جي سڄي وجود ۾ سرايت ڪري ويو آهي. وزيرستان کان ڪراچيءَ تائين انهن جي موجودگيءَ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. انهن خلاف پوري سگهه ۽ وسيلن سان ويڙهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي جتي ڪي پي ڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪن ٿا ته ڪراچيءَ ۾ اتي جي پوليس چيف جي آفيس تي به قبضو ڪري ٿا وٺن. دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ اهو ضروري آهي ته ملڪ مان دهشتگردن جون نرسريون ختم ڪيون وڃن. ماضيءَ ۾ دهشتگردن سان ڳالهين جي نالي ۾ انهن کي سهولتڪاريءَ ۽ حمايت جي آڪسيجن مهيا ڪندڙن خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ انهن کي بي نقاب ڪيو وڃي.