اچو ته عمل جي مُترڪي سان مايوسيءَ جو مٿو چِٿيون!

0
263
اچو ته عمل جي مُترڪي سان مايوسيءَ جو مٿو چِٿيون!

 انساني سماج جي اتھاسڪ سفر جو اڀياس ٻُڌائي ٿو ته انسان کي ٻين سمورن جيون کان اُتم، مُنفرد ۽ اعليٰ بڻائيندڙ سندس ئي پورهيو ۽ تجرباتي علم آھي. انسان پورهيو نه ڪري ها ته تجربا نه ٿين ها ۽ تجربا نه ٿين ها ته هُو سِکڻ جي سائنس کان محروم بڻجي وڃي ها ۽ ائين حالتن جي جبر هٿان شڪست کائي پنهنجو وجود وڃائي ويهي رهي ها پر انسان محنت ۽ مشقت ڪندو نوان تجربا ڪندو، انهن جي منفي نتيجن مان سکندو، مثبت نتيجن مان اُتساھ وٺندو ارتقائي عمل جي هٿيلي تي وڌندو وڏو ٿيندو، معروضيت جي سگهه تي پاڻ ڊاهيندو ۽ ٺاهيندو هن جديد شڪل ۾ پھتو آھي، جتي مصنوعي ڏاهپ جهڙا حيرت ۾ وجهندڙ تجربا ڪرڻ لڳو آھي.

                 انسان جي ارتقائي تاريخ مان پورهيو ڪڍي ڇڏجي ۽ اُن جي بدلي ملندڙ تجربن کي اُڇلي ڇڏجي ۽ پوءِ ويھي انسان تي ڳالهائجي، اهو ائين آھي جو فون مان بيٽري ڪڍي، سِم غائب ڪري، پوءِ فون کي مارڪيٽ ۾ کڻي وڃي وڪڻجي ۽ ٻولي لڳائجي ته وَٺو وَٺو منهنجو سُھڻو فون،درحقيقت فون بيٽري ۽ سِم بنا ڪنهن به ڪم جو ناهي، ائين ئي انسان پڻ پورهئي ۽ تجربي بنا ڪنهن به ڪم جو ناهي. هاڻ سمجهڻ جوڳي ڳاله هاها آھي ته اسين سمجهون به ٿا ته پورهيو ۽ ڪم ئي انساني حيثيت جو بُنياد، اهم شناخت ۽ عنصر آھي، اُن باوجود به جيڪڏھن اسين پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ پورهئي کان وئون وڃون ٿا، لنوايون ٿا، نٽايون ٿا ۽ ٻئي طرف اُميدون نيري آسمان جهڙيون نياريون رکون ٿا، دل جي هندوري ۾ حسرتون حَسين رکون ٿا، دماغ جي آکيري ۾ خيال ۽ اکين جي عميق سمنڊ ۾ خواب موتين جھڙا رکون ٿا پر انهن جي سانڀيان لاءِ عملي ميدان ۾ عمل بدران سُستي آهي، ڪاهلي آھي ته پوءِ ان جو مطلب ته اسين خود فريبيءَ جهڙي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا آھيون ۽ زندگيءَ جي هڪ اهڙي بي لغام ڇڙواڳ گهوڙي تي سوار آھيون، جنهن جي منزل ته خبر ناهي پر هُو ڪنهن به وقت ٽپا ڏيئي ڪيرائي وقت جي هٿن مان زندگي وڃرائي سگهي ٿو ۽ وقت ٻار ناهي ۽ زندگي رانديڪو ناهي جو هٿ مان ڪرڻ ڪري هن جون اکيون ڀرجي اچن ۽ پٽ تي ليٽي پئي، وقت ته آھي پاڻيءَ جون لهرون ويندو نانگ جيان ليئا پائيندو اڳتي ۽ زندگي لَڏي ويل جوڳيءَ جي جهوپڙي جيان پئي هوندي کلي آسمان هيٺان ڪلراٺي زمين جي پوٺي تي اٻاڻڪي ۽ پوءِ هن کي پنهنجي اڪيلائي پئي کائيندي، ايستائين جيستائين سندس ڪاٺيون ڪنهن چُلهه جي اکين جو ايمان نٿيون بڻجن.

بحرڪيف سماج ۾ ڪو به انساني عمل قطعي انفرادي ناهي ۽ نه ئي قطعي طور اجتماعي آھي، اسان جا عمل هڪ دائري ۾ جيڪڏھن انفرادي آھن ته وري ٻئي دائري ۾ ساڳيا ئي عمل اجتماعي آھن، ڇاڪاڻ جو انفرادي عمل ئي اجتماعيت جا قدر ۽ معيار طئي ڪندڙ هوندا آھن، تنھن ڪري جيڪڏھن اسين ذاتي طور نڪما آھيون، بي ڪما آھيون، بي عملا آھيون، ڪم نٿا ڪريون، پورهئي کي اهميت نٿا ڏيون، پنهنجن خراب عادتن، خيالن، سوچن، عملن ۽ صحبتن جو تنقيدي جائزو نٿا وٺون، ڇنڊ ڇاڻ نٿا ڪريون ۽ انھن کي جيئن جو تيئن هلڻ ٿا ڏيون ته اسين مجموعي طرح پوري قوم جو معيار خراب پيا ڪريون. بظاهر ته اسين انهن عملن کي ذاتي لفظ جو روپ ٿا ڏيون پر اسان جي روزمره جي زندگيءَ جو ڪاروهنوار قومي نفسيات جي کاتي ۾ وڃي ٿو ۽ اُتي اسان بابت تاثر اسان جي عملن تحت ملي ٿو، ڇاڪاڻ جو قوم مان جيڪڏھن فرد ڪڍي ڇڏجن ته باقي قوم بچندي ڇا، قوم ۾ فرد ئي اهم اڳواڻ آھي، جيڪو قوم جي تھذيب، ثقافت ٻولي ۽ ان جي وجود جو شعور رکندڙ، محافظ آھي ۽ وارث آھي.! ڪنهن ڏاهي چيو آھي ته، سمنڊ ۾ پاڻيءَ جا قطرا هونداآھن، اها سڀني ماڻھن کي خبر هوندي آھي پر تمام گهٽ ماڻھن کي ئي خبر هوندي آھي ته پاڻيءَ جي قطري ۾ پڻ سمنڊ هوندو آھي.

پنهنجو سنڌي سماج جتي عاليشان سُڃاڻپن جو هڪ خوبصورت، گهڻ رخو همگير وجود آھي، اُتي وڏي پيمائي تي ڪن ذھني بيمارين، ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جو شڪار پڻ آھي ۽ ڏُک جهڙي ڳالهه اها به آھي ته هن کي خبر ئي ناهي ته جيڪا بيماري هن کي لڳل آھي، اها ڪيئن نه رڳو انفرادي حيثيت کي اڏوهي جيان کائي رهي آھي پر قومي سگهه کي پڻ ڌڪ رسائي رهي آھي. اسان ۾ پورهيو ڪرڻ جي عادت ڪمزور ٿيندي پئي وڃي ۽ اسين ڪم کان لنوائيندا آھيون. پنهنجن ضروري ڪمن ۾ ته اسان جي مجبوري آھي، جهڙوڪ شاگرد کي ڪلاس وٺڻا آھن، مجبوري آھي ڇاڪاڻ جو مائٽ پئسا ڀري ٿا موڪلين ۽ نوڪريءَ واري کي نوڪري ڪرڻي آھي، ڇاڪاڻ جو نه ته پگهار ڪونه ملندي پر نوڪري وارو گهر ۾ ڪم نه ڪندو، شاگرد نصاب بنا ٻيو ڪم نه ڪندو ۽ پورهئي کان لنوائيندو. جڏھن ته انهن کي خبر ئي ناهي ته ڪم ان جي ذات جي خوشيءَ، سماج جي اڏاوت جو ذريعو، ماڻھو جي حُسناڪي ۽ انسان هجڻ جي حقيقي ڪارج جو سُھڻو راز آھي. ڪم ۽ ڪم جي مثبت چونڊ ئي ته ماڻھوءَ کي غيرمعمولي، منفرد ۽سگهارو بڻائيندي آھي.

پائلو فريري پنهنجي ڪتاب ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ ۾ لکيو آھي ته، ”عمل آھي ئي اهو جيڪو توهان شعوري طور ڪريو“ ۽ حقيقت به اها ئي آھي ته توهان جي مثبت تبديليءَ جو موچارو محرڪ به اهو ئي آھي.اسين ڪم ڪرڻ کي يا ته عيب ٿا سمجهون يا عذاب پر اسين ڪم کي عظمت جي بُلنديءَ جو راز نٿاسمجهون. خيالن ۾ نواڻ، جسم ۾ تازگي، پنهنجي زنده رهڻ جي ڪارڻيت، ڪاميابيءَ جو سبب ۽ خوشي نٿا سمجهون. ڪم زنده ضمير جي نشاني آھي، ڪم مهڻي، طعني جي ڪنڌ ۾ لڳل چڪ آھي ۽ دشمنن لاءِ ڪاپاري ڌڪ آھي. مثبت ڪم مثبت نتيجي جي سند آھي. ڪم ڪردار جي انشورنس آھي. ڪم ذھانت جي واڌاري جو راز آھي. ڪم حافظي جي حفاظت ڪندو آھي.بي عمل ماڻھو منفي سوچ جي ريل آھي وتندو آھي سڄي سماج ۾ ڪوڪاٽ ڪندو، گلائون ڪندو، ڳولي ڳولي خاميون ڪڍندو، اَڇي چادر ۾ ڪارا ٽڪا ڳوليندو. هي سماج ۾ جيڪا اَسھپ، سطحي مقابلي بازي، بنا پورهئي جي اڳتي نڪري هيرو ٿيڻ، گروھ بندي ۽ ڪرداري ڪشيءَ جھڙا لاڙا پيدا ٿيا آھن ۽ وتن ٿا مکي جيان ڀونءِ ڀونءِ ڪندا، ان پويان بي عمليءَ جو طوفان آھي. 21 هين صدي جي جهوليءَ ۾ پيل عالمي انساني ضمير، سماجي اخلاقيات ۽ سماجي ڪلچر تبديل ٿي رهيا آھن ۽ اسين پنهنجو قبلودرست ڪري ناهيون سگهيا. ليڊرشپ ۽ مئنيجمينٽ تي ڪم پيو ٿئي، ماڻھو نين مهارتن، ڌنڌن، هنرن، دريافتن ۽ ايجادن جي ڊوڙ ۾ آھن ۽ اسين بي عملي جي باھ ۾ پاڻ کي ساڙيندي به کِلي رهيا آھيون. بي عمليءَ جي بلا جو زهر منفيت جو وڏو بيڪار نظام آھي. البته ڪم جي چونڊ ته بعد جو معاملو آھي پر پهرين اسين ڪم ڪرڻ بابت سنجيده هئڻ کپون. سماج جي ترقي، خوشحالي ۽ سُجاڳي تيسين ڪيئن ممڪن بڻبي، جيسين اسين بطور فرد پنهنجن ڪمن جا ڪسا ۽ انڪاري هونداسين. اسان کي معنوي عادتون اپنائي اهي ڪم ڪرڻ کپن جيڪي ڪارگر هجڻ گهرجن پر ان کان اڳ پنهنجي مزاج کي راضي ڪجي ڪم ڪرڻ لاءِ، ڪم جو ڪارج ئي شعورسازي آھي. ڪنهن به وڏي علمي منصوبي جو آغاز ڪرڻ کان اڳ اسان جي مزاج ۾ پورهيو ڪرڻ جو جذبو هجڻ انتھائي ضروري آھي. اسان کي خودشناس ٿيڻ گهرجي. خودشناسيءَ مان مراد فقط پنهنجي مثبت پاسن جي ڄاڻ ن اهي، پر خودشناسيءَ مان مراد پنهنجن مثبت شين ساڻ غلط سوچن، خيالن، عادتن، صحبتن جو جائزو وٺڻ پڻ آھي، ۽ منفيت کي تسليم ڪري مثبت ۾ تبديل ڪرڻ آھي. اسان کي گهرجي ته زندگيءَ ۾ ربط، ترتيب، تسلسل ۽ ترجيحن کي مثبت رُخ ڏيون ۽ انهن ۾ انفراديت کان وڌيڪ اجتماعيت تي ڌيان ڏيون ۽ ڪم بابت واضح ٿيون ته ڪم کان انڪار ۽ بي عمل بڻجڻ زندگي کان انڪار جي مترادف آھي ۽ پنهنجي صلاحيتن کي واندڪائيءَ جي رڻ ۾ رولي ڇڏڻ آھي.

ڪم شخصيت جي ڪوملتا ۽ ڪردار جو حُسن آھي، ڪم ئي آھي جيڪو اسان کي ذھني پرسڪونيت بخشي ٿو ۽پڇتاءُ ۽ محروميءَ کان بچائي ٿو، تنهن ڪري اچو ته ناريل جي بدن تي ڪرندڙ ماڪ ڦڙي جهڙي شفاف زندگي عمل کي ارپيون، ڇو جو عمل ئي ته اهو هٿيار آھي جنهن سان اسين مايوسي، ناڪامي ۽ ڪمزوري جو مٿو چِٿي تاريخ جي جهوليءَ ۾ دادلي ٻار جيان ويھي سگهون ٿا.