مڇر ڪالوني ۾ قتل ٿيل 2 نوجوان شهيد قرار: 50-50 لک معاوضي جو اعلان

0
397
مڇر ڪالوني ۾ قتل ٿيل 2 نوجوان شهيد قرار
مڇر ڪالوني ۾ قتل ٿيل 2 نوجوان شهيد قرار: 50-50 لک معاوضي جو اعلان

ڪراچي: سنڌ ڪابينا مڇر ڪالوني ۾ جنوني هجوم هٿان وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل ٻن نوجوانن جي وارثن لاءِ 50-50 لک معاوضي جو اعلان ڪيو آهي


وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ جنوني هجوم هٿان مارجي ويل ٻنهي نوجوانن کي شهيد قرار ڏنو ويو
آءِ جي سنڌ ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته نجي ٽيلي ڪام ڪمپني جو هڪ انجنيئر ۽ سندس ڊرائيور موبائيل فون جو ٽاور چيڪ ڪري رهيا هئا
آءِ جي موجب انجنيئر جي گاڏي ۾ ميڊيڪل ڪٽ پيل هئي، ميڊيڪل ڪٽ ۾ پايوڊان به هئي، علائقي واسين کي لڳو ته ان ذريعي ٻارڙن کي بيهوش ڪري اغوا ڪيو ويندو آهي
آءِ جي سنڌ موجب 15 جوابدارن جي وڊيوز ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، سڃاڻپ ڪيل سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تربيت يافتا پوليس فورس جي ضرورت هئي
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مڇر ڪالوني جهڙا واقعا معاف ڪرڻ جوڳا ۽ برداشت ڪرڻ جوڳا نه آهن

ھي به پڙھندا

مڇرڪالوني واقعي جي جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ هيٺ ڪيس داخل ڪيو وڃي: اياز لطيف

اشو آف دي ڊي … مڇرڪالوني واقعو: قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ ۽ سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي واقعو: مڇر ڪالوني ۾آپريشن: فائرنگ: شرپسند زخمي: ڀڙڪائيندڙ مولوي سوڌو40 سوگها

مڇر ڪالوني واقعو: قومپرستن پاران اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

ڪراچي واقعو: 34 سوگها: ڪيس داخل: قتل ٿيل 2 نوجوان مڪلي ۽ ٺاروشاهه ۾ مٽي ماءُ حوالي