حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ نوجوانن تي حملو ۽ سندن وحشياڻو خون انتھائي ڏکوئيندڙ ۽ دردناڪ آهي. اهو واقعو ملڪ جي قانون، سرڪار جي ڪارڪردگي ۽ انصاف جي نظام تي بدنما داغ وانگر ٿي بيٺو آهي. هڪ بيان ۾ هن گهر ڪئي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ايف آءِ آر دهشتگردي جي قلم تحت داخل ٿيڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ اها ايف آءِ آر انهن قاتلن جي مددگارن، سهولتڪارن ۽ قاتلن کي همٿائيندڙ تماشبينين خلاف به داخل ٿيڻ گهرجي. هن مطالبو ڪيو ته قاتلن سان گڏ اتي موجود 100 کان وڌيڪ حملي آورن کي بنا دير گرفتار ڪري عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.