اشو آف دي ڊي … مڇرڪالوني واقعو: قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ ۽ سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو

0
219

 ڪراچي مڇرڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جي قتل واري واقعي خلاف سوشل ميڊيا تي ڪالهه به شديد ردعمل جاري رهيو، قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي. ان حوالي سان گل ميتلو پوسٽ شيئر ڪئي ته مڇر ڪالوني ۾ ڪرفيو لڳائي، سرچ آپريشن ڪري سمورن پرڏيهين کي گرفتار ڪري، سندن ملڪ نيڪالي جا بندوبست ڪريو. جنهن تي آفتاب شيخ، ارشاد ڀٽو، زاهد حسين ڳورڙ، عامر ميتلو، عبدالحفيظ عباسي، حريف چانڊيو ۽ سڪند صنم جهنڊيل لکيو ته بلڪل ايئن ٿيڻ گهرجي، عامر خاصخيلي به ردعمل ڏنو، سڪندر علي ڪاڪا لکيو ته اهو ڪم سنڌ حڪومت جو آھي پر اسان جي ڀوتار منسٽرز وٽ ايتري سگهه ئي ناهي. وجي ڪمار لکيو ته هنن جو جلد بندوبست ڪيو وڃي ان کان اڳ جو ڪراچي کي ڪابل قنڌار بڻايو وڃي، عبدالمنان ڪيهر لکيو ته بلڪل جائز مطالبو آھي، سڀ ڌاريا نه صرف سنڌ پر پاڪستان جي سالميت لاءِ به خطرو آھن، برمي بھاري افغاني ايراني ۽ ٻين سڀني ڌارين کي ڊِيپورٽ ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي ـ ماحول ۽ موقعو به آھي ته ڪجھ لَکَ مڇر ته تڙي ڪڍجن ـ سنڌ پوليس رڳو پڪڙي ڏي باقي سندن ملڪ تائين پھچائڻ جو ذمو سنڌ جا ساڃاھوند چندو ڪري پورو ڪندا،  افغانين کي ته رڳو بارڊر ٽپائڻو آهي،ـ انڊين بنگالي به واگھا بارڊر تي ڇڏي اچڻا آھن باقي برمي ۽ بنگلاديش جي بنگالين کي سمنڊ رستي حسينا واجد جي حوالي ڪري رڳو اھو چوڻو آ ته ھي “الشمس ۽ البدر” وارا اٿئي باقي ڪم ان جو آهي،  ايرانين کي تافتان تائين ڇڏي اينداسين،  قانوني طريقي سان مسئلو حل ٿئي، سنڌ سرڪار اڳتي اچي، ھاڻي ته سنڌ حڪومت دل ٻَڌي. شفيق شاهاڻي لکيو ته بيگناھ سنڌي نوجوانن شھيد ٿيا آھن، انھن شھيدن جا گهر وارا انصاف جا منتظر آهن. نظير احمد لکيو ته ڪجهه ڏينهن اندر اهو سڀ وسري ويندو، باقي هي ڪجهه نه ڪندا، محمد يوسف ميتلو، ذوالفقار احمد بلو، زاهده مگسي به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، عزيز لکيو ته بلڪل سرچ آپريشن ڪري انهن کي واڙيو وڃي.طفيل احمد لکيو ته بلڪل ائين ئي ڪيو وڃي.، محمد مقبول، ڊاڪٽر غلام رسول، منصور ميمڻ به اتفاق ڪيو، منظور حسين لکيو ته سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ايم هاشم سهتو لکيو ته توهان جو مطالبو بلڪل کلڻ جھڙو آهي، ڇو جو صوبائي يا وفاقي حڪومتون انهن غير ملڪي دھشتگرد ڀڳوڙن جي ڪري ھلي رھيون آهن، زيب الدين ميتلو، سڪندڙ بڙدي به راءِ جو اظهار ڪيو، محمد صابر شيخ لکيو ته بلڪل فوري قدم کڻڻ گهرجي، جبار آزاد منگي لکيو ته بلڪل ائين ئي ٿيڻ گهرجي.، حفيظ شيخ، شير رضوي، پرڀومل مکيجا، سعيده گوپانگ به اهو ئي مطالبو ڪيو، محمد ياسين ميتلو، قربان علي، امير محمد، غلام رضا سوهو، سڪندر علي ميمڻ، ظفرالله سولنگي، مومن علي شاهه، ميرل خان، فيروز نظاماڻي، عبدالهادي ڪالو به راءِ جو اظهار ڪيو.

ورثا پيرزادو پوسٽ شيئر ڪئي ته مڇر ڪالوني ۾ هجوم هٿان مڪلي سان تعلق رکندڙ ايمن جاويد ۽ نوشهرو فيروز واسي اسحاق تي ميڊيا تي خاموشي ڳڻتي واري آهي، جيڪڏهن هتي ڪنهن ٻئي قوم سان تعلق رکندڙ ماڻهو هجن ها ۽ قاتل جو تعلق مظلوم قوم سان هجي ها ته نه ڄاڻ ڪيتري واويلا ٿئي ها، سوال اهو آهي ته ڇا سنڌين جو قتل ڪرڻ ايترو سولو ٿي ويو آهي؟ ماريو به وڃي ڪير ڳالهائي به نه؟ گهٽ ۾ گهٽ ترقي پسندن کان ته اها شڪايت جائز آهي ته مظلومن جو قتل ٿي رهيو آهي ۽ اهي خاموش آهن؟ عابد علي لکيو ته مسجد ۾ اعلان ڪري ٻن بيگناهه نوجوانن کي قتل ڪرائيندڙ کي گرفتاري بعد ڇڏيو ويو آهي، جنهن تي نويد احمد لکيو ته ان کي سخت سزا ملڻ گهرجي، ذيشان خاصخيلي به ردعمل ڏنو، منير ڪريم پوسٽ شيئر ڪئي ته مڇر ڪالوني ۾ ڪرفيو لڳائي سرچ آپريشن ڪري جوابدار گرفتار ڪري انهن کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪري  ڪالوني جي چوڪ تي ڦاسي ڏيو، امتياز قمبراڻي، سلمان عادل صديقي، زبير بلوچ به ردعمل ڏنو، عبدالمالڪ شيخ لکيو ته جيستائين ائين نه ڪيو ويندو تيستائين اھڙا دل ڏکائيندڙ واقعا ٿيندا رهندا. مجرمن کي نشان عبرت بڻايو وڃي. آفتاب شيخ، انجنيئر رياض بلوچ، جهانگير، چيتن داس، قمبر ٻرڙو، ڪامريڊ غلام عباس کوسو، سلمان دين دستي به اهڙي مطالبي سان اتفاق ڪيو، رياض ابڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته مسجد مان اعلان ڪري سنڌي نوجوانن کي قتل ڪرائيندڙ بنگالي ملان ڏيتي ليتي تي آزاد ٿي ويو، عزيز راج پوسٽ شيئر ڪئي ته ھنن ظالم حڪمرانن کان انصاف وٺڻو آھي ته منظم ٿيو، ماٺ نه ٿيو، مستقل جدوجھد ڪريو، ٿوري چرپر بعد چپ نه ٿيو، عنايت لطف پيرزادو پوسٽ شيئر ڪئي ته مڇر ڪالوني واقعو… روئان ڪين ڪري، آيل سامونڊين کي( ڀٽائي) محسن رند پوسٽ شيئر ڪئي ته مڇر ڪالوني ۾ مسجد مان اعلان ڪري ماڻهن کي اڪسائيندڙ ملان به گرفتار جنهن کي بعد ۾ ڇڏيو ويو آهي،ڪراچيءَ ۾ اسانجا ماڻهو تڏهن ئي محفوظ رهي سگهندا جڏهن سموري ڪراچيءَ ۾ ڌارين خلاف آپريشن ٿئي ۽ سڀني پرڏيهي رهندڙن کي ملڪ نيڪالي نٿي ڏني وڃي، گلزار ملاح، سجاد چانڊيو پرڏيهين کي نيڪالي واري مطالبي سان اتفاق ڪيو، امجد علي نوحاڻي لکيو ته پرڏيهي ماڻهن جي واپسي جي اميد ئي نه رکو، سنڌي ماڻهن کي هاڻي پاڻ مڙسي سان رهڻو پوندو ٻيو ڪو حل ناهي، مسعود عالم پيرزادو، امير علي لاشاري لکيو ته سنڌ مان سڀني ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، فضل چانڊيو ته ان مطالبي سان اتفاق ڪيو، عبدالغني عاجز لکيو ته جڏهن سياسي مورچو مضبوط ٿئي، پرويز سنڌي لکيو ته اسان کي اهڙي تنظيم ٺاهڻ گهرجي جيئن ممبئي ۾ مراٺن جي مالڪي لاءِ شوسينا ڪيو، قادر لغاري لکيو ته ايتري همٿ ئي ڪونه اٿن .جو انهن کي سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرائي .بنگالي .بيهاري .افغاني کي پنجاب يا پختوخواهه موڪلين.. هنن کي ڪجھ وقت کانپوءِ ڪراچي آمريڪا حوالي ڪرڻي آهي، ساگر ڏهراج لکيو ته اسان جو شروع کان ئي اهو مطالبو آهي ته ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيو، لياقت لطيفي لکيو ته سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙا نامنظور، اصغر گلاب سومرو لکيو ته مٿين سرڪار ائين ڪڏھن به نه چاهيندي ..ھنن جو مقصد ئي ان ۾ آھي ته . ھڪ قوم ڪراچي م ناھي رکڻي .. سليم سليم، مخدوم آسيه قريشي، امان انصاري، فقير علي گل ڪانڌڙو، سرمد سنڌي، حسيني آصف علي به راءِ جو اظهار ڪيو، ڊاڪٽر مرتضيٰ کوسو لکيو ته سنڌي مظبوط ٿي رهن، ڪنهن به مهل ڪٿي به دهشتگرد بدمعاشي ڪندا رهندا، باقي سرڪار کان اهڙي اميد نه رکو، عنايت مگسي لکيو ته سنڌ ۾ ڪوبه ڌاريو قبول ناھي چاهي اھو ڪھڙي به ڪارڻ رھي ٿو، رفيق سومرو ۽ ديپڪ باغي به ردعمل ڏنو،  بلاول لاکو پوسٽ شيئر ڪئي ته مسجد مان اعلان ڪري سنڌي نوجوانن کي قتل ڪرائيندڙ ملان ڏيتي ليتي تي آزاد ٿي ويو.