حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي مڇرڪالوني واقعي خلاف قومي عوامي تحريڪ اڄ کان پهرين نومبر تائين 3 ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، جسقم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پنهل ساريو پاران به اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو. ان حوالي سان قومي عوامي تحريڪ پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ 2 سنڌي انجينئرز جي بي رحماڻي قتل واقعي خلاف اڄ 30 آڪٽوبر، سڀاڻي 31 آڪٽوبر ۽ پهرين نومبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ڪڍڻ ۽ پريس ڪلبن اڳيان علامتي بک هڙتالون ڪيون وينديون. اياز لطيف پليجو جو چوڻ آهي ته ڪراچي واقعي جي ذميوار پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي. واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ ارشاد رانجهاڻي کي ڏينهن ڏٺي قتل ڪيو ويو. وري ٻن نوجوانن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي ڄاڻايل واقعا دهشتگردي آهن ۽ دهشتگردي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ سرڪار پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اياز لطيف پليجو موجب ته نوجوان ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور ڪراچي ۾ روزگار پئي ڪيو پر شرپسندن حملو ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڄاڻايل واقعي جي شفاف جاچ نه ٿي ته اهڙي نوعيت جا واقعا بار بار پيش ايندا. هوڏانهن جسقم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ قومپرست اڳواڻ پنھل ساريو پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڄ ڪراچي واقعي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا. اڳواڻن چيو ته مڇر ڪالوني ۾ انجنيئر ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور موبائيل ڪمپني جي لڳل ٽاورن ۾ سنگلن نه اچڻ جي شڪايتن تي ويا هئا جتي ڪوڙي افواهه هلائي شرپسندن هجوم جي صورت ۾ مٿن حملو ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آهي. سندن قتل جي واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ٿيڻ گهرجي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن لال جروار، نور احمد ڪاتيار ۽ ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته صوبائي وزير سعيد غني، پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ نبيل گبول پريس ڪانفرنس ۽ وڊيو بيان جاري ڪري خوف ڦهلايو ته ٻوڏ متاثرن جي نالي ۾ ڏوهاري اچي رهيا آهن جنهن ڪري افواهن بعد ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هنن چيو ته  معاملي جو نوٽيس وٺندي ٻنهي انجنيئرز جي قتل واقعي جي شفاف جاچ ڪرائين.