ٽنڊو آدم (رپورٽ سليمان ساند) ٽنڊو آدم لڳ بااثر پاران ڏنل 2 ڪٽ بند نه ٿيا، هنجورڻ ڍنڍ اوور ٽاپ، پاڻي شهر ۾ داخل، ڪٽ بند ڪرائڻ ويل اي سي ۽ پوليس واپس موٽي آئي، وڊيو  ٺاهڻ تي ڊرائيور يرغمال، ايڪسيويٽر جا شيشا ٽوڙيا ويا، ڊي سي دورو ڪري واپس، جوڻيجا ۽ ڏيرا گروپ ٻيهر آمهون سامهون، ڇڪتاڻ واري صورتحال، رپورٽ موجب ٽندو آدم باءِ پاس ڀرسان بااثر پاران روڊ کي 2 هنڌن تان ڪٽ ڏئي پاڻي هنجورڻ ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ بعد انتظاميا ڪٽ بند ناهي ڪرائي سگهي، جنهن ڪري هنجورڻ ڍنڍ جو پاڻي شھر جي هيٺاهين وارن علائقن جمن شاهه، ٽھل آباد، وشن آباد، بسم الله ٽائون ۽ سيد سٽي ۾ داخل ٿي رهيو آھي، جتان جا رهواسي سخت پريشان ٿي ويا آھن، گذريل رات دير سان اي سي عمران نظير شيخ پوليس اٽالن سان گڏ ڳري مشينري ساڻ ڪري ڪٽ بند ڪرڻ پهتو ته هٿياربندن ايڪسيويٽر کي پٿر ۽ لٺيون هڻي شيشا ٽوڙي ڇڏيا، اکين ڏٺن شاهدن موجب واقعي جي ويڊيو ٺاهيندڙ اي سي جي ڊرائيور عباس جلباڻي کي موجود هٿياربندن يرغمال بڻائي کانئس موبائل فون ڦري ورتو، اهڙي صورتحال سبب اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوليس واپس موٽي آئي، هوڏانهن ڊي سي سانگهڙ محمد اسحاق گاد، ايڪسيئن آبپاشي هالا ڊويزن طارق ڪيهر ۽ ايڪسيئن پبلڪ هيلٿ پير علي رضا قريشي ڪٽ واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته ڪٽ بند ڪري ٻنهي هنڌن تي هڪ هڪ فوٽ جا پائيپ لڳائي پاڻي هنجورڻ ڍنڍ ۾ نيڪال ڪيو ويندو، جڏهن ته وڌيڪ 2 مشينون لڳائي هنجورڻ ڍنڍ مان پاڻي نيڪال ڪيو ويندو، ان موقعي تي ڊي سي ڪاروائي ڪرڻ بدران ڪٽ کي صرف غيرقانوني  قرار ڏنو، ٻئي طرف انتظاميا جي نااهلي جنهن سبب بچاءَ بند وارو پاڻي ڪڍرائڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ روڊ کي ڪٽ ڏئي پاڻي شهر طرف موڪلڻ سبب پ پ سان واڳيل 2 بااثر گروپ ڏيرا ۽ جوڻيجا وري آمهون سامهون ٿي ويا آهن، ذريعن موجب پ پ ايم پي اي فراز ڏيرو ڊي سي سانگهڙ کي فون تي ڪٽ فوري بند ڪرائڻ جي هدايت ڪئي پر انتظاميا بيوس بڻيل نظر آئي، اهڙي صورتحال سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ جهيڙي وارو امڪان آهي.