ڪراچي: ٽيلي ڪام ڪمپني جي انجنيئرن حماد، ذيشان حيدر، قصام، احسن انصاري، شميم ۽ ٻين الزام هڻندي چيو آهي ته مڇر ڪالوني جي هڪ مولوي مسجد ۾ اعلان ڪري ماڻهن کي مڇرايو، اسان جي ساٿين وٽ سڃاڻپ ڪارڊ، ڪمپني جي ڪٽ ۽ سڃاڻپ جون ٻيون شيون موجود هيون، اهو واقعو غلط فهمي جو نتيجو ناهي، اسان جي ساٿين کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، لاش چچريل هئا، هڪ ڄڻي جي ٻانهن به الڳ هئي، ٻنهي ملازمن جا موبائيل فون، ليپ ٽاپ، پرس ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ويو، اسان جي ساٿين تي ٻارن، پوڙهن ۽ نوجوانن پٿرن، لتن ۽ مڪن سان حملو ڪيو، وڊيو ۾ نظر ايندڙ انهن ٻارن ۽ پوڙهن کي به گرفتار ڪيو وڃي. ملازمن موجب  ايمن هر جمعي تي ٺٽي پنهنجي گهر ويندو هو، ڪالهه به نيرڻ ڪرڻ بنا جلدي ۾ فيلڊ ۾ ويو،ِ سندس لاش ٺٽي موڪليو آهي، هنن چيو ته  اسان جي ساٿين سان ظلم ٿيو آهي، موقعي تي پهتل پوليس اهلڪار هوائي فائرنگ ڪن ها ته شايد ٻنهي جي زندگي بچي وڃي ها، هنن چيو ته اسان کي ڪمپني طرفان به ڪا سيڪيورٽي مليل ناهي، اسان کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي