ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي ڪياماڙي ضلعي جي  مڇرڪالوني ۾ سرچ آپريشن دوران پوليس تي فائرنگ، جوابي فائرنگ بعد هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، شهرين کي ڀڙڪائيندڙ پيش امام به سوگھو، جوابدارن وٽان  ايمن جو ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان هٿ، حراست ۾ ورتل جوابدارن جو انگ وڌي 40 ٿي ويو. ان ڏس ۾ جمعي واري ڏينهن مڇرڪالوني ۾ ٽيلي ڪام ڪمپني ۾ ملازمت ڪندڙ ٺٽي ۽ نوشهروفيروز واسي ملازمن کي مڇريل هجوم طرفان بيدردي سان قتل ڪرڻ واري  واقعي جي جاچ جاري آهي، پوليس وڊيوز ۾ نظر ايندڙ جوابدارن جي هڪ فهرست تيار ڪري ورتي آهي، جن جي گرفتاري لاءِ رات دير سان پوليس اٽالن مڇرڪالوني ۾ سرچ آپريشن ڪيو، پوليس جي وڏن اٽالن سڄي علائقي کي ڪارڊن آف ڪيو . ايس ايس پي ڪياماڙي فداحسين جانوري موجب سرچ آپريشن دوران پوليس تي فائرنگ ڪئي وئي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار شرف الدين عرف شرفو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدار  جي قبضي مان پستول ۽ موبائل فون مليا آهن، هن چيو ته جوابدار ٻنهي ملازمن ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور کي تشدد ڪري مارڻ واري واقعي ۾ ملوث هو، ،واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته گرفتار ٿيل جوابدارن جي قبضي مان انجنيئر ايمن جاويد جو ليپ ٽاپ، موبائل فون، سيفٽي ڪٽ ۽ ٻيو سامان هٿ آيو آهي، ٻئي طرف پوليس ذريعن موجب مڇريل هجوم کي ڀڙڪائيندڙ پيش امام کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کي فريادي جي چوڻ تي آزاد ڪيو ويو، ٻئي طرف  ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ موجب هن وقت تائين حراست ۾ ورتل جوابدارن جو تعداد 40 ٿي ويو آهي، وڊيوز ۽ تصويرن ذريعي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.