ڪراچي (نمائندن وٽان)  ڪراچي ۾ سنڌ يونائيٽڊ  پارٽي، سنڌ سجاڳي فورم سميت مختلف ڌرين پاران پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو، جنهن کي اعجاز سامٽيو، مخدوم شمس، سارنگ جويو، سھڻي جويو، صحافي   مشتاق سرڪي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مڇر ڪالوني واقعي جي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي، هوڏانهن ڪراچي جي ماڙيپور روڊ تي  سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي،  جيئي سنڌ محاذ ۽ ٻين پارٽين ۽ تنظيمن طرفان 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته گاڏين جون قطارون لڳي ويون.احتجاج ۾ سنڌي ادبي سنگت جو اصغر باغي، قومپرست اڳواڻ رشيد سڌايو، خير محمد مگسي، سعيده گوپانگ،  سراج چانڊيو، هاشم کوسو، الاهي بخش بڪڪ سميت سوين ڪارڪن شريڪ هئا، ڪارڪنن ٻنهي ملازمن جي قتل خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي ڊي ايس پي عمران جاگيراڻي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته 45 جوابدار حراست ۾ ورتا وياآهن، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو، ڪيس ۾ انصاف ٿيندو.ڊي ايس پي جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ٻئي طرف ملير ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران مظهر راهوجو، منان شيخ، ناهيد جوڳي ۽  جساف پاران جي ايم سيال، راشد سنڌي ۽ نعمان ٽڳڙ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا،ڪراچي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جي قتل خلاف اسلام آباد ۾ به احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، مامي جمن دربدر جي ياد ۾ ڪرايل تقريب ۾ ڪراچي ۾ قتل ٿيل ٻن سنڌي نوجوانن واري واقعي تي ٻن منٽن خاموشي اختيار ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ان موقعي تي طاهره بلوچ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.سکر ۾ سول سوسائٽي پاران ماجد ڏنور، عرفان ملڪ، عبدالصمد شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مڇر ڪالوني ڪراچيءَ ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل اسحاق پنھور ۽ ايمن سعيد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. گهوٽڪيءَ ۾ به جسقم پاران نصرالله ڪلادي، رشيد سنڌي، وهاب سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جلوس ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.ميرپورماٿيلو ۾ جسقم جي سڏ تي پريس ڪلب کان گھنٽا گھر چوڪ تائين فقير رمضان ڪلوڙ، مير حسن لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. احتجاج ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.رھڙڪي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي تراب شر، محبت سميجو، ڪرم الله سميجو ۽ ٻين پاران احتجاج ڪيو ويو.خيرپور ۾ شبير جمالي، ايڊوڪيٽ فياض خميساڻي ۽ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.سرحد ۾ ڪامريڊ نظير احمد شيخ، ڪمال، خان مهر، ھڱورجا ۾ جسقم اڳواڻ مجيب ڀيلار، باقر دايو، زبير سھتو، فرحان منگي، فيض گنج ۾ تصوير باقي، ساز خادم شر، هدايت چانگ، الطاف حسين، ٺري ميرواھ ۾ قومپرست ڪارڪنن امير داد شر،آفاق شر ۽ حاجن گل شر جي اڳواڻيءَ ۾ جلوس ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. جڏهن ته پنوعاقل ۾ رستم انڍڙ، الطاف حسين ڪلوڙ ، شڪيل وسير ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن بيخود بلوچ ،  اسحاق جسڪاڻي ۽ مجيد جسڪاڻي، اڪري چودڳي، گمبٽ ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. شڪارپور ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران امداد سومرو، ايڊووڪيٽ ظفر علي چنا، سيد واجد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو.ٺٽو ۾ قومپرست تنظيمن سان گڏ مقتول جي وارثن پاران ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، آصف بلادي ، پنهل ساريو، نواز علي شاھ ڀاڌائي ، مقتول نوجوان ايمن جاويد جي والد سعيد محمد جاويد ،لياقت ملاح ، راحيلا ڀٽو سيد ياسمين شاھ پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻا هنيا.  حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي ۽ عوامي راڄ تحريڪ پاران پريس ڪلب آڏو الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.   لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران احمد نواز بروهي، صادق علي لاشاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.لاڙڪاڻي ۾ سنڌي پورهيت سنگت پاران سراج ڪلهوڙو، نامياري دانشور استاد خالد چانڊيو، غلام حسين ڪٽپر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ڪشمور ۾جسقم ڪارڪنن عبدالوحيد ملڪ، ديشي قدير ملڪ، ديشي يار محمد جکراڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.شھدادڪوٽ ۾ ايس يو پي ۽ شاگرد اتحاد پاران ڪوٽو موٽو چونڪ تي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو.قمبر ۾ پ پ شھيد ڀٽو ڪارڪنن طفيل سانگاهه، شوڪوڪت چانڊيو احتجاج ڪيو.نصيرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان سٽي صدر منصور سومرو، خدابخش سانگهرو جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو.بڊاڻي ۾  احمد علي چاچڙ، نياز ڀٽو، غلام ياسين ڀٽو احتجاج ڪيو.ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ جسقم جساف طرفان گهنٽاگهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين سجاد احمد بروهي، والي ڏنو سنڌي۽ ٻين جي اڳواڻيءَ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.سڪرنڊ ۾ جسقم ڪارڪنن مسعود شاهه، مورڙيو ميربحر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ھالاڻي ۾ جساف ۽ جسقم پاران عاشق چانگ، ڪامريڊ علي گوھر خاصخيلي، ڪامريڊ عمران شاھاڻي، شاھزيب سنڌي، شاھزيب گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ميرپورخاص ۾ جسقم پاران فقير يوسف منڱريو، نجف لغاري، علم الدين منڱريو، جلال منڱريو، توصيف لغاري ۽ بين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، مٺي ۾ ٿر سجاڳ سٿ پاران ايم بي جوڻيجو، آڪاش ھميراڻي،  راڪيش ڪمار ۽ بين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،محرابپور ۾ جسقم ڪارڪنن شهاب ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، شھدادپور ۾ جسقم پاران شريف ڪلهوڙو، الله داد مري، آزاد عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،نوشهروفيروز ۾ عوامي تحريڪ ۽ جسقم پاران حسين سومرو، لطيف ڀٽي، سرور سنڌي، اياز راڄپر، اسد عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا، مورو ۾ جسقم بشير خان ۽ جسقم آريسر جي ڪارڪنن آصف راهوجو، قربان ڇڄڙو، جگديش ڪمار، بلاول ڏاھري، امين ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٻانڌي ۾ جسقم، قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن جاويد ڏاھري، علي حيدر جمالي، فراز جمالي، محراب جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ڦل ۾ جسقم ڪارڪنن عبدالحميد پيرزادو، بھرام کوسو، وسيم ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، مٺياڻي ۾ اسحاق پنهور جي وارثن، شهرين، سياسي سماجي ڌرين ساجد پنهور، شيراز پنهور، شڪيل ڇڄڙو، علي رضا سولنگي، بخت ٻرڙو، شهزاد پنهور ۽ بين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،دوڙ ۾ جسقم جي سعيد خاصخيلي، منتظر وڳڻ، رحيم سنڌي ۽ ايس يو پي جي مجاهد رستماڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شاهپورجهانيان ۾ جسقم ۽ ٻين سماجي تنظيمن پاران عبدالفتاح ٻگهيو، ظفر ٻگهيو، اسلم لغاري، قاسم جاني ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،بدين، ميرپورساڪرو، ڦلجي اسٽيشن، ماتلي، گهارو، دڙو  جهوڪ شريف،  ٽنڊوباگو، پنگريو،  شيخ ڀرڪيو، ڀٽ شاھ، نوري آباد،  نيوسعيدآباد ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا.