پهرين مئي پورهيتن جو اڄ عالمي ڏينهن: قانون هئڻ باوجود مزدور معاشي مسئلن جو شڪار

0
29
پهرين مئي پورهيتن جو اڄ عالمي ڏينهن: قانون هئڻ باوجود مزدور معاشي مسئلن جو شڪار
پهرين مئي پورهيتن جو اڄ عالمي ڏينهن: قانون هئڻ باوجود مزدور معاشي مسئلن جو شڪار

چڪ(رپورٽ: آزاد انور مهر)  اڄ پهرين مئي تي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، شڪاگو جي شهيد مزدورن جي ياد ۾ ملهائجندڙ اڄوڪي عالمي ڏينهن تي ماڻهن سراپا سور سنڌ جي مزدورن کي وساري ڇڏيو. حڪومتي بي ڌياني اجورو گهٽ ملڻ سبب ملڪ جا لکين ڏهاڙي دار مزدور معاشي مسئلن جو شڪار. مقرر وقت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ باوجود گهٽ اجرت ملڻ سنڌ جا مزدور غربت جي گهاڻي ڏيڻ لڳا

سنڌ سميت ملڪ ۾ مزدورن جي حقن بابت ٺهيل قانون تي عمل نه ٿيو. مزدوري گهٽ ۽ گهرجون گهڻيون بٺن تي ڪم ڪندڙ اڪثر مزدور طبقو مالڪن جو قرضي بڻيل بيماري بڙي ۾ ٻڄن جي علاج لاءِ وياج تي پيسا وٺي علاج ڪرائين ٿا ۽ ورتل وياج لاهيندي سردين توڙي گرمين ۾ سڙي عمر ڳاري وجهن ٿا پر سندن قرض نٿو لهي

ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي جاين جي مستري ساجن جاگيراڻي، اشفاق مهر، عبدالشڪور مهر، مستري وحيد ڀيو ۽ سر تغاري کڻندڙ مذدور عبدالغفار، محمد عمر، شهروز ۽ محمد عثمان چيو هن هيڏي مهانگائي ۾ مزدورن جي مزدوري نه هجڻ جي برابر آھي سر تغاري جي مزدور جي ڏهاڙي 650 کان 700 روپيا ٿي هلي هر سال سرڪاري ملازم جي پگهار وڌائي وڃي ٿي پر مزدور جي مزدوري پنج پنج سال ساڳئي ئي برقرار رکي وڃي ٿي هڪ مزدور جو اچڻ وڃڻ جو ڪرايو 100 کان 200 روپيا اچي وڃي ٿو ۽ ماني خرچ منجهند جو 150 روپيا باقي بچيل پيسن مان گهر  4 کان 7 گهر ڀاتين جو پيٽ پالڻ ڏاڍو ڏکيو آهي

هنن سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي ته مزدور جي مزدوري هر سال مهانگائي جي حساب سان وڌائي وڃي ۽ هينئر به مهانگائي کي نظر ۾ رکندي مزدور جي مزدوري گهٽ ۾ گھٽ 1200 کان 1500 روپيا ڪئي وڃي ۽ ان تي پڻ عمل ڪرائڻ لاء ڪا حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي سندن وڌيڪ چوڻ هو ته مزدور جي ڪم شروعات صبح جو اونهاري ۾ 7 بجي کان ٿئي ٿي ۽ منجهند جو هڪ ڪلاڪ ب ويهڻ نٿا ڏين مالڪ ۽ ٺيڪيدار ۽ شام جو وري 6 کان 30: 6 بجي تائين ڪم ٿا وٺن جيڪا زيادتي آهي

 اونهاري جي اس جتي بٺن تي غريب پورهيتن جي خوابن جي ٻارڻ تي سرون پچن ٿيون ۽ پورهيت رجي ٿو. بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي گهڻائي ساهه جي تڪليف ۾ متبلا هجي ٿي بٺن جي ڪيري سوريندي سوين پورهيتن دم جا مريض بڻجي وڃن ٿا. اتر سنڌ چڪ بٺن جي هاڪ، چڪ جي بٺن جون سرون سکر، خيرپور توڙي نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه تائين وڃن ٿيون. چڪ ۾ 22 بٺن تي 736 مزدور ڪم ڪن ٿا

جڏهن ته سکر، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ ٺل ۾ 600 بٺن تي 25 هزار کان مٿي مزدور محنت ڪن ٿا جتي هڪ مزدور کي هڪ هزار سرون وجهڻ تي صرف 800 رپيا مزدوري ملي ٿي جڏهن تي ۽ ساڳيون پڇي نڪتل سرون بٺا مالڪ 13000 رپين هزار سر وڪرو ڪن ٿا. بٺن تي وڏي لاڳت اچي ٿي پر جنهن اهو ڪم امير ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا پر ان ڪمائي بٺا مالڪن جي چاندي هجي ٿي باقي مزدور اڪثر ڪري مالڪن جي قرضي هجن ٿا مزدورن پاران مالڪن کان ورتل اهو قرض لاهڻ لاءِ مزدور جو پويون نسل به لوڙي ٿو

  ان سلسلي ۾ بٺي تي ڪچيون سرون وجهندڙ 16 سالن جو محمد اسلم ماڇي (فرضي نالو) نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته امڙ جي آپريشن جي سلسلي ۾ بابا هڪ سال لاءِ بٺي مالڪ کان هڪ لک 80 رپيا  ورتا هئا جيڪي واپس ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ست مهينا پهريان بابا روڊ ڪراس ڪندي جنگهه کان معذور بڻجي ويو انڪري مان ۽ منهنجو ڀاءُ بٺي تي سرون وجهندا آهيو هڪ جي مزدوري قرض ۾ ڪٽبي آهي ٻي ڀاءُ کي ملندڙ پيسن مان گهر جو گاڏو هلائيندا آهيون ست مهينن ۾ 74 هزار قرض لاهي سگهيو آهيان اڃا هڪ ڇهه هزار رهن ٿا

مجبوري سبب ننڍي ڀاءُ کي اسڪول نٿو پڙهائي سگهان امان بيمار آهي ٽي جوان ڀينرون آهن جنهن ڪري مزدور ڪري گهر جو گاڏو ڌڪيون ٿا مهانگائي سبب گهر جو گذر صفا تنگ آهي اگر اڪيلو هجان ته زهر کائي مري وڃجي پر امان ۽ ڀينرن جو خيال اچي ٿو ته پاڻ مارڻ جو ارادو به نٿو ڪري سگهان