خوراڪ کاتي سنڌ پاران بارداڻي جي غير منصفاڻي ورڇ جي جاچ الزام هيٺ آيل ڊي ايف سيز کان ئي ڪرائڻ جو فيصلو

0
46

خوراڪ کاتي سنڌ پاران عجب ڪاڪردگي جو غضب مظاهرو، بارداڻي جي غير منصفاڻي ورڇ جي جاچ الزام هيٺ آيل ڊي ايف سيز کان ئي ڪرائڻ جو فيصلو

عدالتي حڪم تي بارداڻي جي غير منصفاڻي ورڇ جي جاچ ڪرائڻ لاءِ صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڌار ڌار انڪوائري ڪميٽيز جوڙيون ويون، صوبائي سطح تي قائم ڪيل ڪميٽي ۾ ڊائريڪٽر فوڊ چيئرمين ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ميمبر مقرر

ڊويزنل انڪوائري ڪميٽين جي سربراهي واڳيل ڊويزن جا ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪندا، ڊي ايف سيز کي ڪميٽيز ۾ ميمبر لڳايو ويو، انڪوائري ڪميٽيز جون رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرايون وينديون، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ بارداڻي جي غير منصفاڻي ورڇ وارن الزامن جي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو