حيدرآباد جو قيدي!

 

حجام گھرائي شيو وغيره سڀ هانڊيوالن سميت ڪرايان ٿو، تيار وغيره ٿي لائبريري وڃان ٿو، اڃان شبير ٻرڙو ۽ آئون چانهه پيئڻ جي تياري ئي ڪري رهيا هئاسين ته الطاف ڊيشڪ اچي ٻڌايو ته ملاقات روم ۾ اسد علي بيٺو اٿئي، تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو ملاقات روم اچان ٿو جتي پنهنجي ڀاءُ کي ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي، سچ لکان ته خيرپور ميرس جيل وڃي انهن ملاقاتن لاءِ سِڪي ويو هئس. حيدرآباد، ڪراچي ۽ ميرپورخاص جا قيدي خيرپور ميرس جيل جي بند وارڊ ۾ واردن اسماعيل پنهور جي انڊر ۾ تمام گھڻو پريشان آهن، اُتي انهن قيدين کي رڳو ڪجھه ئي پئسن لاءِ تمام گھڻو ستايو ويندو آهي. ماني تمام گڻي هلڪي ڏني ويندي آهي ۽ ٻوڙ اهڙو جو ڪُتو به کائي. خيرپور ميرس جي جيل ۾ قيديءَ کي ساهه کڻڻ جا به سپاهي طيب شر ۽ صوبيدار انور پنهور کي پئسا ڏيڻا پوندا آهن، پير سائين عباس جھڙن ضمير جي قيدين جي اُتي عزت ناهي، ان کان سواءِ اتي محرم سومري جھڙا پوليس جا پالتو ۽ دلال به چمڪيل چمڪيل نظر ايندا آهن، محرم علي سومري سان ياد آيو، آئون جڏهن اتي پهتس ته محرم سومرو (سومرو صاحب) مون کي هڪ صحافي ۽ باغي قيدي جي روپ ۾ مليو. جيتوڻيڪ اهو انتظاميه جو جاسوس ۽ ماڻهو هو ۽ اها هن کي اسان سان ملائڻ انتظاميه جي هڪ ڪامياب ۽ بهترين چال هئي پر الله جي ڪرم سان آئون اُتي به ثابت قدم رهيس ۽ بک هڙتالون ۽ بغاوتون ڪري ۽ ڪورٽن سان رابطا ڪري مون انهن کي چڱو منهن ڏنو، جتي ايترو گند هيو اُتي غلام قادر طاهريءَ جھڙا سٺا سپاهي به موجود هئا، جن سان به افسوس آئون ڪونه ٺهيس. خير اسد ۽ مون مستقبل جي تمام گڻي پلاننگ ڪئي، اسد مون کي پرين جا سلام پڻ ڏنا. ادي محمد خان ڇلگريءَ جي ضمانت رد ٿيڻ جي خبر پئي، تمام گھڻو ڏک ٿيو، پنهنجي ڀاءُ شان جون انڌيون سنڌيون ڳالهيون ٻڌي تمام گھڻي ڪاوڙ آئي، خير گھران آيل ماني سموري سنگت سان گڏجي کاوان ٿو، شام جو ٽرائسپس ۽ چيسٽ جي ورزش علي غلام مستوئيءَ سان گڏجي ٿو ڪيان.ليوپرڊ وارن جو پارسل منهنجي نالي جو اچي ٿو، جنهن تي اسڪيم نمبر 2 ميرپورخاص جو پتو ۽ سئوٽ فيضان علي ڇلگري صاحب جو نالو پڙهي تمام گھڻي خوشي ٿي. سچ ته اهو ئي آهي ته فيضان منهنجي زندگيءَ جو اٽوٽ حصو ۽ ٻنڌڻ آهي، مولا منهنجي حياتي به هُن کي ڏئي. (29 جنوري 2024)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

زندان جي جھروڪن مان!

 

رات جو دير تائين آئون ڪتاب پڙهندو رهيس ۽ منهنجا سڀئي هانڊيوال ننڊ ۾ الوٽ ٿي ستل هئا پر منهنجو پاڙيسري دوست غلام نبي جوڻيجو پنهنجي کوليءَ ۾ مون جيان جاڳي رهيو هو، صبح جو پسار دوران مون کانئس رات دير دير تائين جاڳڻ جو سبب پڇيو، هن مون کي اداس لفظن ۾ چيو ته ڪجھه ڏينهن کان لاڳيتو مون کي پنهنجا ٻچا ياد اچي رهيا آهن، ڪافي ڏينهن ٿيا آهن جن کي ناهي ڏٺو، الائي ڪهڙي حال ۾ هوندا، هي قيد جون گھڙيون خبر ناهي ته ڪڏهن ختم ٿينديون ۽ مان پنهنجي ٻچن سان وڃي ملندس. هڪ ته آئون بيگناهه آهيان، ٻيو هي پاڪستان آهي، جتي انصاف تمام ڏکيو آهي ملڻ، هتي ته پوليس کان وٺي ججن تائين هر طبقو هڪ جھڙو آهي. جنهن ملڪ جي عدليا به اهڙي ٽولي سان گڏ هجي ته اتي انصاف ڪهڙو ملندو؟ هتان جون عدالتون اسان لاءِ نه پر انهن لاءِ آهن جيڪي پاڻ ملڪ جا دشمن بڻيل آهن، پوءِ به انهن لاءِ رات جو به عدالتون لڳنديون آهن ۽ اسان جا ڪيس سالن کان انهن عدالتن جي اونداهن ڪمرن ۾ دز ۽ ڌوڙ جي ور چڙهيل ۽ پيل آهن جن ڪيسن کي ڏسڻ لاءِ جج صاحبان کي واندڪائي ئي ڪانهي، هوندا ته اهي به ڪي ڪيس ئي آهن، جتي سياسي ڪيس هلايا ٿا وڃن جي اُتي چند عام ڪيس به هلايا وڃن ته اڄ اسين به پنهنجي ٻچن سان گڏ هجون. جيلن ۾ واڙيل اڌ کان وڌيڪ مون جھڙا اڀاڳا ۽ بيگناهه قيدي صرف انهن ججز ۽ عدالتن جي سست نظام جي ڪري جيلن ۾ زندگيون ڳاري رهيا آهن. غلام نبيءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌي منهنجو اکيون پڻ ڀرجي آيون ۽ دل ئي دل ۾ چيم ته غلام نبي بلڪل درست چئي رهيو آهي، جتي عدالتون به پئسي تي هلن اتي اسان کي انصاف ڪهڙو ملندو؟

 

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

2060ع کان پوءِ دنيا ڪيئن ھوندي!

 

(حصو ٽيون)

 

بلڪل ايئن جيئن اڄ سال 2024ع جا اسين انسان موجوده دور جي سائنسي ترقيءَ کي زندگيءَ جو حصو به سمجهون ٿا ۽ ان جا مزا به ماڻيون ٿا پر اهي سموريون اڄوڪيون سهولتون جي سئو سال اڳ واري ڏاند گاڏي ۾ سفر ڪندڙ خلق کي جي ڪوئي ٻڌائي ها ته سنه 2024ع ۾ هي سڀ ڪجهه هوندو ته ان کي هُو يا ته جادو ڪوٺين ها ته ٻڌائڻ واري کي چريو چون ها. 2050ع سال تائين وڏي پئماني تي دنيا مٽجي چڪي هوندي، ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اڄ جي انسان جي سراسري ڄمار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اوڻويهين صديءَ جي انسان جي سراسري عمر پنجيتاليھ پنجاھ سال هئي، ويهين صديءَ ۾ ميڊيڪل سائنس جي بي پناھ ترقي ۽ ويڪسينيشن جي ڪري انسان جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ويهين صديءَ ۾ انسان جي سراسري عمر سٺ ستر سالن تائين پهتي آهي. ماتا، ٽي بي ۽ اُن جهڙين ڪيترين بيمارين لکين ماڻهو ماريا ۽ اڄ اُهي بيماريون ختم ٿي چڪيون آهن. اهڙيءَ طرح ايندڙ پنجاھ سٺ سالن ۾ اڄوڪيون موتمار بيماريون ختم ٿي وڃڻ جي ڪري يا علاج جي ڪري انسان جي سراسري عمر سئو سوا سئو سال تائين ٿي ويندي. ڪنهن به بيماري جي سڃاڻپ لاءِ جسم مان رت يا ٻيو مواد ڪڍڻ جي ضرورت نه پوندي، ڊجيٽل پيٿالاجيڪل واڪ ٿرو مان سيڪنڊن ۾ گذري وڃڻ سان سموري جسم جي سڀني ننڍن وڏن اندرين توڙي ٻاهرين عضون جون مڪمل ٽيسٽون ٿي وينديون.2050ع تائين ڪاغذي اخبار جي جاءِ تي اليڪٽرانڪ ڊجيٽل اخبار هٿن ۾ هوندي، جيڪا هڪ ڀيرو ئي خريد ڪبي ۽ روز صبح جو ان جو لي آئوٽ پاڻمرادو تبديل ٿي ويندو ۽ اخبار اپ ڊيٽ ٿي ويندي. موبائيل فون ايئن ختم ٿي ويندا جيئن هاڻي لينڊ لائن وارا فون ذري گھٽ ناپيد ٿي ويا آهن، سِـم جي جاءِ تي نينو چِپ هوندي جيڪا سم وارو ڪم ڪندي ۽ ماڻهو قميص جي بٽڻ ۾، منڊيءَ ۾، ڪنن جي اِيـئر رنگس، نڪ جي نٿ يا پينٽ جي بيلٽ ۾ هوندي ۽ ماڻهو سينسري ڇهاوَ سان رابطا ڪاري ڪندا. ڪپڙا به ڊجيٽل بڻايا ويندا، جن کي ڌوئڻ جي ضروت نه پوندي، فائبر مٽيريل جي مواد جا اهي ڪپڙا موسم موجب پاڻ ئي گرم ۽ ٿڌا ٿيندا رهندا. دنيا جي سمورين ٻولين جي ترجمي جي لاءِ مترجمن کي نور نچوئڻو نه پوندو پر يونيورسل ٽرانسليشن جا سافٽ ويئر توهان جي سمارٽ ڪارڊ ۾ انسٽال ڪيا ويندا. ماڻهو ڪهڙي به ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو ۽ اُتي جو اُتي سيڪنڊن اندر ترجمو ٿي توهان جي ڪنن تائين، توهان جي گھربل ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي ويندي. ٿري ڊي پرنٽنگ ذريعي هولوگرام وجود ۾ اچي چڪو آهي، ٿري ڊي پرنٽر، ڇپائي جي اهڙي مشين يا پرنٽر آهي جنهن وسيلي گلاس، بوٽ، عينڪ، بوتل ۽ اهڙيون بيشمار شيون ڪمپيوٽر جي هڪ ڪِلڪ سان پرنٽ ٿي رهيون آهن. (جاري)

 

ڊاڪٽر راجو ٺاڪور/ ملڪاڻي شريف

 

پراڻن جيالن کي ڌڪي ڌار ڪندڙ پ پ قيادت!

 

(حصو ٻيون)

 

اڄ انهن وٽ ڪارون، بنگلا جيڪي کڪ پتي مان لک پتي ٿي ويا آهن، هاڻي ٿي سگھي ٿو ته ڪروڙ پتي ٿي وڃن، جڏهن ته هن وقت پارٽي ليڊر شپ پنهنجي ڪا به غلطي محسوس نٿي ڪري، نوڪريون وڪرو ٿيڻ سان گڏوگڏ سفارش تي به ڏنيون وڃن ٿيون، پراڻا ورڪر قربانيون ڏيندڙ جن جون پارٽي جي لاءِ وڏيون محنتون آهن انهن کان صرف خالي درخواستون ورتيون وڃن ٿيون، انهي کي پريشان ڪرڻ جي لاءِ انهن پراڻن قربانيون ڏيندڙ جيالن جون دانهون پارٽي قيادت ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هن وقت جمهوريت ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو مخالف ڀوتار پيپلز پارٽي ۾ موجود آهن، جيڪي ضيائي مارشلا ۾ انهيءَ جا ساٿاري ۽ ضياءَ جي جماعت جون پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آفيسون کولرايون ويٺا هئا، جيڪي آيم آر ڊي تحريڪ دوران تحريڪ انتقلاب جي ورڪر هئا جيڪا هڪ اڳوڻي آمر دور واري وردي واري جي تنظيم هئي، جيڪي ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ پارٽي جا ورڪر به نه هئا، هن وقت پارٽي ۾ موجود آهن ۽ پارٽي جا مالڪ بڻيل آهن، جيڪي شهيد راڻي جي مخالفن سان گڏ هئا قائد عوام جي شهادت جو غم صرف پراڻن جيالن کنيا ۽ قربانيون ڏيندا رهيا، سياسي وڏيرن پارٽي کي اقتدار جي ڍڪڻ سمجھي ڪرپشن ڪندا رهيا، ڪرپشن جي حرص ذريعي دولت گڏ ڪندا رهيا، انهن کي قربانيون ڏيندڙ پارٽي جيالن 15 سال اقتدار ۾ رهي ڪڏهن ڀلجي به ياد نه ڪيو، جن رت جو ريج ڏئي پارٽي کي زنده رکيو، سندن لاءِ لازوال جدوجهد کي نظر انداز ڪيو ويو، جڏهن ته اليڪشن جي ڏکئي وقت پارٽي قيادت سنڌ ڪارڊ ۽ ڀٽي ڪارڊ جو استعمال ڪندي آهي، پراڻن قربانيون ڏيندڙ ورڪر جي دانهن ڪوڪن جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي، پارٽي قيادت نظرانداز ڪندي انهن قربانيون ڏيندڙ پراڻن ورڪرن جي مالڪي ڇو نه ٿي ڪري جن پارٽيءَ لاءِ قربانيون ڏئي اهو ثابت ڪيو، هاڻي پارٽي قيادت پنهنجي اندر کي جاڳائي پنهنجي شير دل ورڪر جو قدر ڪري، باقي اهي جڳاڙي ورڪر جيڪي مال تي ڌمال صرف وڏيرن جي اشاري تي هلندڙ آهن جيڪي نه پاڻ سان سچا آهن نه پارٽي سان سچا، پوءِ قيادت سان ڪهڙي سچائي ڪندا؟ جن پئسي جي خاطر پنهنجو ضمير وڪرو ڪيو، پراڻن قربانيو ڏيندڙ باشعور ورڪرن کي عزت ڏيو جيڪي نه پنهنجو ضمير وڪرو ڪندا نه ڪنهن ظالم جي ظلم اڳيان جھڪندا. (جاري)

 

مسڪين راهب علي سولنگي/راڌڻ اسٽيشن

سنڌ پوليس کي عوام سان اخلاق سان پيش اچڻ جي تربيت جي ضرورت!

 

محترم جناب آءِ جي سنڌ،. پوليس جو ٻيو نالو محافظ آھي، ان جون ذميواريون عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آھي، عوام کي غير قانوني ڪم ڪندڙ فردن کان محفوظ رکڻ پوليس جي ذميوارين ۾ شامل آھي. اھا پڻ حقيقت آھي ته ھر جاءِ تي سٺا ۽ خراب انسام موجود ھوندا آھن پر پوليس کي ان ڳالھ جو تجربو ھجڻ گھرجي ته شخصيت ۽ ڪردار موجب ڪير بدمعاش آھي ڪير ھڪ معزز، شريف ۽ قابل عزت انسان آھي؟ پر سنڌ ۾ اھو عمل عام ٿي چڪو آھي ته پوليس عام رستن تي بيھي عام شھرين سان خاص طور تي مزدور طبقي ۽ ايتري قدر جو اسڪولن ۾ پڙھندڙ شاگردن سان پڻ ڳالھائڻ دوران نھايت بداخلاقي وارو رويو اختيار ڪري نه رڳو شھرين کي احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪري رھي آھي پر پنھنجي عزت، اھميت ۽ وقار وڃائي رھي آھي. سنڌ جو مزدو طبقو، پورھيت، پڙھيل لکيل باشعور نوجوان ھن وقت پنھنجي عزت بچائڻ لاءِ ايترو ڦورن ۽ لٽيرن کان خوفزده ناھن جيترو سنڌ پوليس کان آھن. محترم سائين ڪراچي شھر ۾ ھن وقت سنڌ پوليس جا گهڻي قدر ملازم ٽريفڪ پوليس پاسي وڃڻ کي اوليت ڏئي رھيا آھن ان ڪري جو اھي صبح کان رات تائين مختلف رستن تي بيھي عام شھرين، مزدور طبقي ۽ اسڪول ويندڙ شاگردن کي بيھاري ڊرائيونگ لائسنس يا ڪنھن ٻي قانون جي آڙ ۾ کين چالان جي ڌمڪي ڌئي پنج سئو کان ھزار رشوت وصول ڪندا آھن. ڊرائيونگ لائسنس کان بغير گاڏي ھلائڻ ۽ ٽريفڪ جي قانون تي عمل نه ڪرڻ جيڪڏھن غير قانوني عمل آھي ته ڇا انھن کان پنج سئوکان ھزار وٺڻ کان سواءِ سندن بيعزتي پڻ ڪرڻ ڇا قانون ۽ انصاف آھي؟ ڇا پوليس جو ڪم صرف ڌمڪي ڏئي رقم وصول ڪري ڇڏي ڏيڻ ئي وڃي بچيو آھي؟ پوليس جو ڪم آھي شھرين کي قانون تي عمل ڪرائڻ ۽ ان عمل لاءِ انھن جي اخلاقي طور تربيت ڪرڻ، رھنمائي ڪرڻ لازمي آهي ڇاڪاڻ ته پيار ۽ محبت واري رويي سان رھنمائي ڪرڻ جو عمل ھر باشعور انسان کي متاثر ڪندو آھي پر جيڪو ڪم ھن وقت سنڌ پوليس ڪري رھي آھي ان سان بھتريءَ بدران عوام جي دلين ۾ پوليس خلاف نفرت ۽ خوف ئي پيدا ٿي رهيو آهي. اوھان کي گھرجي ته سڀ کان پھريان سنڌ پوليس جي اخلاقيات جي تربيت ڪرڻ گھرجي جيئن ھو گهٽ ۾ گهٽ عام شھرين، شاگردن، شريف انسانن سان اخلاقي طور پيش اچن. کين ان ڳالھ جو پابند ڪيو وڃي ته عام شھرين کي ٽريفڪ قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ رھنمائي وارو طريقو اختيار ڪن. جڏھن اھي سرڪاري ملازم آھن ۽ عوام جي رھنمائي ۽ حفاظت لاءِ مقرر آھن ۽ حڪومت کين پگھار به ڏئي ٿي ته پوءِ عوام کي پريشان ڪري رشوت وٺڻ ڪھڙو قانون آھي ۽ ڪھڙي ضرورت آھي؟ سنڌ پوليس جي اوھان تربيت ڪيو ته اھا عوام جي محافظ آھي محافظ ٿي پنھنجو ڪم انجام ڏئي، عوام جي دل آزاري ڪرڻ بدران ھر موڙ تي انھن جي اخلاقي طور رھنمائي ڪري ته بھترين نتيجا نڪرندا.

 

پروفيسر گل محمد سومرو/ڪراچي

ڪلائوڊ سيڊنگ مينھن وسائڻ جو انوکو طريقو!

 

ڪجھ ڏينھن پھريان گڏيل عرب امارتن ۾ طوفاني برسات وسڻ کان پوءِ ھڪ وڏي بحث جنم ورتو آھي ته ڇا اھا طوفاني برسات قدرتي آفت ھئي يا ڪلائوڊ سيڊنگ ذريعي مصنوعي طريقي سان ڪيل ھڪ تجربو ھو، ڪلائوڊ سيڊنگ هڪ موسميات تبديليءَ جو طريقو آهي، جيڪو ڪڪر مان وڌيڪ مينهن يا برف وسائڻ جي صلاحيت کي ڪتب آڻي ٿو. ڪلائوڊ سيڊنگ ذريعي ننڍڙا ذرڙا جهڙوڪ سلور آئوڊائيڊ وڌيڪ پاڻي يا برف جا ڦڙا پيدا ڪرڻ جي مقصد سان فضا ۾ داخل ڪبا آهن. اھي ذرڙا ڪافي مقدار ۾ فضا سان ملي وڃڻ کان پوءِ زمين تي مينهن يا برف جيان ڪرندا آهن. قدرتي ننڍڙا ذرڙا جهڙوڪ مٽي ۽ ٻاڦ عام طور تي جھڙ لاءِ ڊرائيونگ فورس طور ڪم ڪن ٿا، اھو ٽيڪنيڪ ھر علائقي لاءِ فائديمند ثابت ناھي ٿيندو ۽ نه وري هر قسم جا بادل ان ٻج پوکڻ لاءِ ڪارائتا ھوندا آھن. ان لاءِ بادل ڪافي گھرا ۽ مناسب درجه حرارت -10 ۽ -12 سينٽي گريڊ جي وچ ۾ هئڻ گهرجن ته جيئن موثر انداز ۾ ٻج پوکي سگهجي. ھوا به هڪ خاص رفتار کان هيٺ هئڻ گهرجي. عام طور تي ڪلائوڊ سيڊنگ (ڪڪرن جي پوک) زميني جنريٽرن يا جهازن ذريعي ڪري سگهجي ٿي. ڊي آر آءِ ڪلائوڊ سيڊنگ ريسرچ پروگرام بنيادي طور تي زميني جنريٽر استعمال ڪندو آهي، جيڪي ڊي آر آءِ پاران ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن جنريٽرن کي رموٽ ڪنٽرول ذريعي پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اڪثر ڪلائوڊ سيڊنگ ٽيڪنيڪ جن ۾ ڊي آر آءِ ريسرچ پروگرام پاران برف جي ڪرسٽل جي ٺهڻ ۾ مدد لاءِ سلور آئوڊائيڊ (AgI) نالي هڪ مرڪب استعمال ڪيو ويندو آھي. سلور آئوڊائڊ قدرتي طور تي ماحول ۾ گهٽ مقدار ۾ موجود ھوندو آھي ۽ انسانن يا جهنگلي جيوت لاءِ نقصانڪار ناھي. مجموعي طور تي ڪلائوڊ سيڊنگ ھڪ منفرد ۽ ڪارائتو طريقو آھي مصنوعي طريقي سان مينھن يا برف وسائڻ جو پر ان سان گڏوگڏ لاڳت ۾ مهانگو پڻ آھي.

 

سمير ساگر قريشي/ حيدرآباد

 

گرڊ اسٽيشن کان محروم بڻيل تنگواڻي!

 

تنگواڻي لکن جي آبادي ھوندي بجليءَ گرڊ اسٽيشن کان محروم آهي، ھر سال چونڊيل نمائندا تڪ مان چونڊجي ايوانن تائين پھچن ٿا پر تنگواڻي لکين آبادي ھوندي به بجليءَ جي گرڊ اسٽيشن کان محروم آهي، تنگواڻي ۽ پسگردائيءَ وارا علائقا بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ڪري اونداهيءَ توڙي گرم موسم ۽ گرمي جي موسم ۾ بجليءَ جي سھولت کان محروم آھنم اليڪشن کان پوءِ اھي چونڊيل نمائندا ڏنل واعدا وساري ڇڏيندا آهن، گرڊ اسٽيشن جي سھولت نه ھجڻ ڪري ڪيترائي ڪارخانا بند آهن، جن جي بند ھجڻ سان عام شھرين توڙي واپارين کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي ۽ شھر ۾ نيشنل بئنڪ، الائيڊ بئنڪ، يوٽيلٽي اسٽورز، ٽيلي فون، سلائي جو ڪم، اٽي چڪي، برف جا ڪارخانا، رائيس ملون، ڊکاڻڪو ڪم، لوهر، آرو مشين جي ڪاروبار سميت ٻين مک ڪاروبار کي بجليءَ جي سھولت نه ھجڻ ڪري سخت ڏکيائين کي منهن پياڏين پر شھر جي لکن جي آبادي سان لاڳاپيل، ڏسي پوءِ به اسان جا چونڊيل نمائندا گرڊ اسٽيشن ڏئي نه سگھيا آهن. ھاڻي سوچ ڪجي ته اسان جا چونڊيل نمائندا عوام لاءِ ٻيا ترقياتي ڪم ته ڪرائي سگھيا پر تنگواڻي ۽ ان جي جي پسگردائيءَ وارن علائقن لاءِ ھڪ بجليءَ جي گرڊ اسٽيشن به نه ڏئي سگھيا، جيڪا اسان جو اھم بنيادي مسئلو آهي، جنھن ڪري تنگواڻي ۽ آسپاس جا علائقا بجليءَ جي سھولتن کان محروم آهن، ھتي جي چونڊيل نمائندن جا ڪيل واعدا به وسريل آهن جنھن ڪري ايڏو سارو تعلقي بجليءَ جي گرڊ اسٽيشن کان محروم آھي ۽ ڪيترائي ڪاروبار ڪندڙ شھري بجليءَ جي سھولت نه ھجڻ ڪري سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھن. هتي بجليءَ به چويھ چويھ ڪلاڪ بند ٿيڻ ڪري گرمي جي موسم ۾ شھرين توڙي علائقي واسين کي سخت ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، ھن تعقلي کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن پر بجليءَ جي گرڊ اسٽيشن جي سھولت مھيا نه ھئڻ ڪري خاص خاص ڪارخانا ھن وقت بند ٿي ويا آهن، ھي شھر سياسي، سماجي ۽ معاشي طور پٺتي پيل آھي، ھن شھر جو ڪو به ڌڻي سائين ناھي، ھن جديد دور ۾ صرف بجلي پر تعليم صحت کان ويندي ترقياتي ڪمن تائين ھي ضلعو وانجھيل آھي، تنگواڻي ۾ ڪروڙين رپين جون رائيس ملز، برف جا ڪارخانا، اٽي جون چڪيون موجود آھن جيڪي بجلي تي ھلنديون آھن، بجلي ھن دور ۾ ترقي ۽ روزگار جي ضامن آھي پر افسوس بجلي جي سھولت کان وانجھيل آھي. توڙي جو بجلي جا ڳرا بل به شھر واسي ھر مھيني ڀرين ٿا، بجلي جو ڪاروهنوار بجلي جي عملدارن خراب ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته بجلي جي اڻھوند ۽ ٻين معاملن تي چونڊيل نمائندا به خاموش آھن. تنگواڻي واسين جو ملڪي اعلى اختيارين کان پرزور اپيل آھي ته تنگواڻي واسين کي ضرورت موجب ٽائيم ٽيبل تي پابندي سان بجلي ڏني وڃي جيئن ھو پنھنجا ڪاروبار ۽ روزگار ڪري سگھن.

 

مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي

 

ھڪڙي چٺي لائيو اسٽاڪ کاتي ڏانهن!

 

ڪنب ڀرسان يوسي جهنڊو مشائخ جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ وبائي  بيماري پکڙجي وئي آهي، ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿي ويا آهن، واسطيدار ادارا اگھور ننڊ ستل آهن، مالوند پريشاني ۾ وٺجي ويا آهن، جانور جي سرڪاري اسپتال کي تالا لڳل آھن، علائقي ۾ جانور جي بيماري تيزيءَ سان ڦھلجڻ لڳي آهي، مالوندن جا لکين رپين جا ڍور مري ويا، يوسي جھنڊو مشائخ جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ خطرناڪ صورت اختيار چڪي آھي، جيڪا چوپائي مال ۾ تيزيءَ سان  ڦھلجڻ لڳي آھي. ڳوٺ گل محمد ڄامڙو سميت ٻين ڳوٺن ۾ ڪيترائي ڍور مرڻ لڳا آھن ۽ ٻيا ڍور وبائي بيماري ۾ سخت متاثر ٿيڻ لڳا آھن، ڳوٺ گل محمد ڄامڙو جي مالوند منصور بڙدي جون ٻه ڀلوڙ نسل ٻڪريون مري ويون، اڪبر ڄامڙو جون 3 کان وڌيڪ ٻڪريون مري ويون، نياز علي ڄامڙو جي ڀلوڙ نسل جي ھڪ ڳئون مري وئي، صغير ڄامڙو جو ھڪ ٻڪر مري وئي، ان ڏس ۾ مالوندن  ٻڌايو ته چوپائي مال کي جسم ۾ سخت سور پيدا ٿئي ٿو جنھن ڪري ھو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ھڪ جانور کان ھي بيماري ٻئي جانور کي وچڙي وڃي ٿي، ھنن خطرناڪ بيماري ۾ ڳوٺ اندر ڪيترن ئي مالوند جا ڍور مري ويا آھن ۽ سندس ڪيترائي جانور متاثر ٿيا آھن، حد جي اسپتال جيڪا چاڪراڻين جي ڳوٺ ۾ قائم آھي ان جو مقرر ڊاڪٽر اسپتال کي تالا ھڻي پنھنجي خانگي اسپتال ھلائڻ لڳو آھي سرڪاري دوائون وڪرو ڪري رھيو آھنم جانورن جي اسپتال علائقي واسين لاءِ بي لاڀ بڻيل آھي. اسان علائقي واسي لائيو اسٽاڪ کاتي جي منسٽر  ۽ ڊي سي خيرپور کي ھن پنھنجي اخبار جي لکڻي ذريعي اپيل ڪيون ٿا ته يوسي جھنڊو مشائخ جي مختلف ڳوٺن ۾ ڦھلجندڙ بيماري جي بچاءَ جا احتياطي ٽيڪا ھڻائي ڏنا وڃن چوپائي مال ۾  ڦھلجندڙ بي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ نااھل ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور