ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي جون ڪارروايون، ايراني سميت 4 مسافر گرفتار، ايف آءِ اي ترجمان موجب ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪري ايراني شهري حنيف کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار ڪراچي کان غيرملڪي ايئرلائين ذريعي قطر وڃي رهيو هو، پڇاڳاڇا دوران جوابدار ايف آءِ اي کي مطمئن نه ڪري سگھيو، سندس سڃاڻپ ڪارڊ تي بلوچستان جي ضلعي گوادر جي ايڊريس لکيل آهي. ترجمان موجب ٻي ڪارروائي دوران ايران کان ايندڙ ٽن مسافرن طيب رضا، افضل احمد ۽ حمزه مقصود کي گرفتار ڪيو ويو، جن ايراني ايجنٽ کان جعلي ويزائون حاصل ڪيون هيون