احمدآباد(م ڊ) ڀارت جي رياست گجرات ۾ 100 سال پراڻي پل ڪرڻ جي نتيجي ۾ 80 ماڻهو فوت ٿي ويا. تاريخي پل ڏسڻ لاءِ 500 کان وڌيڪ ماڻهو آيل هئا ته پل کي جهليندڙ ڪيبل ٽٽي پئي ۽ سوين ماڻهو پاڻي ۾ وڃي ڪريا. ريسڪيو ادارن 80 کان وڌيڪ ماڻهن کي بچائي ورتو جڏهن ته 80 ڄڻا ڪري فوت ٿي ويا. 100 ماڻهو گم آهن. بچايل 20 کان وڌيڪ ماڻهن جي حالت نازڪ آهي.