ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ ٺٽي ۽ نوشهروفيروز واسي ٻن ملازمن کي بيدردي سان مارڻ وارو معاملو، پوليس جو آپريشن، وڌيڪ 34 شڪي گرفتار، وڊيوز جي مدد سان 5 جوابدارن جي سڃاڻپ، واقعي جو ڪيس 250 معلوم ۽ نامعلوم جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو. ان ڏس ۾ جمعي واري ڏهاڙي ماڙيپور جي مڇر ڪالوني ۾ مڇريل هجوم ٽيلي ڪام ڪمپني جي ٻن ملازمن ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور کي اغوا ڪندڙ ڄاڻائي  بيدردي سان ماري ڇڏيو هو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس مڇرڪالوني ۾ آپريشن ڪيو، ڊي آءِ جي عرفان بلوچ موجب آپريشن دوران 34 شڪين کي گرفتار ڪيو ويو. وڊيوز ۽ تصويرن جي مدد سان 5 جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي. جڏهن ته ٻين جوابدارن جي سڃاڻپ جو عمل به جاري آهي، واقعي ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار کي نه ڇڏيو ويندو. ٻئي طرف واقعي جو ڪيس نوشهروفيروز واسي مقتول اسحاق پنهور جي چاچي جي فرياد تي ڊاڪس ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ قتل، دهشتگردي سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا. ڪيس ۾ 200 کان 250 جوابدار ڄاڻايا ويا، 15 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو، نامزد ڪيل جوابدارن ۾ عثمان، مالڪ، احمد، مصطفي، رشيد بنگالي، عبدالغفور، ربيع الاسلام، محمد فاروق، عرفان، شهزاد، رزاق ۽ ٻيا شامل آهن.