لانگ مارچ روڪڻ لاءِ اسلام آباد اماڻيل سنڌ پوليس جا اهلڪار رُلي ويا

0
162

اسلام آباد: عمران خان جو لانگ مارچ روڪڻ لاءِ اسلام آباد اماڻيل سنڌ پوليس جا اهلڪار رُلي ويا، اھلڪارن سھولتن جي کوٽ جون شڪايتون ڪيون آھن

ٿڌ ۽ کاڌي پيتي وارين شين جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ گهرائي اسان کي نڌڻڪو ڪيو ويو آهي

سنڌ پوليس جي اهلڪارن شڪايتن تي ٻڌل پنهنجي وڊيو سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري ڇڏي، جنھن ۾ اھلڪار چئي رھيا آھن تھ کليل روڊ تي سڄي رات ٿڌ ۽ سوئرن جو مقابلو ڪندي گذري ٿي

اسلام آباد اماڻيل سنڌ پوليس جي اھلڪارن آءِ جي پوليس ۽ واڳيل اختيارين کي مالڪي ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي وئي آھي