عمران خان پاران ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ جي خاطري کان اڻڄاڻائي ظاهر

0
166
عمران خان پاران ريڊ زون ۾ داخل
عمران خان پاران ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ جي خاطري کان اڻڄاڻائي ظاهر

عمران خان پي ٽي آءِ پاران ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ جي سپريم ڪورٽ کي ڪرايل خاطري کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇ
پي ٽي آءِ چيئرمين توهين عدالت ڪيس ۾ جمع ڪرايل پنهنجي تحريري جواب ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ليڊر شپ پاران منهنجي طرفان عدالت کي ڪرايل ڪنهن به خاطريءَ جي مون کي خبر نه آهي، عدالت جو احترام ڪيان ٿو
عمران خان ڄاڻايو ته سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به حڪم جي ڀڃڪڙيءَ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، عمران خان تفصيلي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ 3 نومبر تائين مهلت گهري ورتي
عمران خان جي وڪيلن 25 مئي تي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ جي عمران خان طرفان خاطري ڪرائي هئي
پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ بعد توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ٿي هئي
چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو هو ته ٿي سگهي ٿو ته عمران خان کي عدالتي فيصلي جي خبر ئي نه پئي هجي