ميڊيڪل جي ٽيسٽ جو پيپر آئوٽ ڪندڙن کي سزا ڏيو

0
1720
ميڊيڪل جي ٽيسٽ جو پيپر آئوٽ ڪندڙن کي سزا ڏيو

MDCAT جو پيپر ٻيو ڀيرو ليڪ ٿي ويو آهي. پيپر ليڪ ٿيڻ تي اخلاقن جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروفيسر امجد سراج ميمڻ ۽ ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سعيد قريشي کي استعيفا ڏيڻ گھرجي ھا يا گھٽ ۾ گھٽ ٿڏي تي پنھنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ گھرجي ھا، ۽ واضح ڪرڻ گھرجي ھا ته اھو گناهه سندن ئي اداري جي ڪجھ رھزنن ڪيو آھي يا ھي سنڌ دشمني سندن حيثيت کان وڌيڪ ڪنھن طاقتور ڌر طرفان ٿي آھي. ھنن ٻنھي جا نالا وائيس چانسلر جي عھدي کان وڌيڪ عزت وارا آھن.

                 پيپر ليڪ ٿيڻ سان محنتي ۽ ذھين ٻار سخت مايوسي جو شڪار آھن ۽ ھنن جي  ذھن تي ھي زخم سدائين پنھنجا نشان ڇڏيندو. نوجوانن مان محنت جو جذبو ته ختم ٿيندو پر اخلاقي زوال ۽ خوف جنم وٺندو. اها رڳو ھڪ ٽيسٽ جي چوري ناھي، ھي ٻارن جي سالن جي محنت، اوجاڳن، خوابن ۽ والدين جي ارمانن جو قتل آھي. ھي ايڏو وڏو نقصان آھي، جنھن جو ازالو ڪري ئي نٿو سگھجي. ھي ذھين ۽ محنتي ٻارن سان ٿيل ناانصافي سڄي معاشري کي بدبودار ڪري ڇڏيندي. ھي سنڌ جي حال ۽ مستقبل تي ظالماڻو ۽ نفرت وارو حملو آھي. ھي پيپر ليڪ ڪرڻ وارو حملو غزا ۾ اسرائيل طرفان ٿيندڙ ٻارن تي حملي کان جهڙو ئي وحشياڻو عمل آھي. ھي نوجوانن مان محنت جو جذبو ختم ڪري انھن ۾ اخلاقي زوال، ٺڳي ۽ بدلو وٺڻ جھڙن جذبن کي اڀاريندو. ان جي تاءَ جي تپش مستقبل ۾ يقينن انھن کي يا انھن جي اولاد کي سيڪ ڏيندي، جن اڄ ھنن ٻارن جي ارمانن جو شڪار ڪيو آھي. ھن ڪڌي عمل سان تعليم جي اھميت  ئي ختم ٿي ويندي. اميرن جا ٻار ته دولت سان سڀ ڪجهه خريد ڪري سگهندا آهن، ايتريقدر جو يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ سيٽون به، اهي ڇو محنت ڪندا، باقي رهيو غريب جو ٻار، اهو به محنت ۽ پڙھائيءَ کي خدا حافظ چوندو. ھي عمل ڪنھن ٻار يا گھر تي حملو نه پر سڄي معاشري تي شديد حملو آھي.

پئسي ۽ طاقت جي زور تي ورتل تعليم معاشري کي تباهه ئي ڪندي. ميڊيڪل جي شعبي جا پئسن تي ڀرتي ٿيل “جج ۽ جنرل” مريضن سان ڪھڙو انصاف ڪندا؟ مورڳو بيمارين کان بچائڻ بدران ڪرائي جا قاتل ثابت ٿيندا. ڇا پيپر پئسن تي ليڪ ڪرائي داخلا وٺندڙ شاگرد ميڊيڪل جي مشڪل پڙھائي ڪري سگھندا؟ ڪھڙي ميڊيڪل اداري جو ٽيچر ھنن اميرن جي ٻارن کي فيل ڪرڻ جي يا دڙڪو ڏيڻ جي جرئت ڪندو؟ ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ ھي امير خاندان جا ٻار غريبن جي تڪليفن کي ڇا سمجھندا؟ جن جي پنھنجي داخلا ئي فراڊ سان ٿي ھجي، اھي مسيحا جو روپ وٺي سگھندا؟ انھن وٽ ڪھڙي اخلاقيات ھوندي؟ ميڊيڪل جي شعبي ۾ MBBS ته ھڪ بنيادي سند آھي، ان کان پوءِ ڇا ھي ڊاڪٽر FCPS يا European  يا America board جي اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگھندا؟ ملڪ جا اڪثر نوجوان ڊاڪٽر اعليٰ تعليم يا بھتر روزگار لاءِ خليج، يورپ، آمريڪا يا ڪيناڊا وغيره جو رخ ڪندا آھن، ڇا ھي فراڊي ڊاڪٽر دنيا جي مارڪيٽ ۾ پنھنجي مقبوليت ڪرائي وٺندا؟

MDCAT ٽيسٽ جو ليڪ ٿيڻ رڳو محنتي شاگردن جو نقصان آھي ئي، پر ساڳي جاءِ تي اھو به اعتراف آھي ته سنڌ ۾ اھڙو ڪوبه اعتبار وارو ادارو ناھي، جيڪو ھڪ معمولي انٽري ٽيسٽ ايمانداري سان ڪرائي سگھي! جڏھن سنڌ ۾ ڪو ادارو ايمانداري سان ٽيسٽ وٺڻ جي اھل نه آھي ته پوءِ سنڌ جي ڪنھن به اداري جي سند ۽  نوڪريءَ کي ملڪي سطح تي به ڪو عزت جي نگاهه سان نه ڏسندو! جڏھن  سنڌ جي ڪنھن اداري جي سند کي ملڪي سطح تي عزت ۽ اھميت نه ملندي ته بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ اسان جي نوجوانن کي ڌڪا ئي ملندا.

مٿين ڳالھين کي ذھن ۾ رکي  جيڪڏھن  برائيءَ کي سخت ۽ شديد طاقت سان  پاڙان نه پٽيو ويو ته قوم جي تباھي يقيني آھي. انھيءَ ڪري حڪومت کي گھرجي ته يڪدم ھن ٽيسٽ جي نتيجن کي روڪي ۽ رد ڪري ۽ پيپر ليڪ ڪندڙ ڪردارن کي سخت ۽ مثالي سزا  ڏيارجي  ۽ ھي ٽيسٽ وري ڪنھن انتھائي سٺي ساک واري اداري کان ڪرائي وڃي. سنڌ جو نگران وڏو وزير پاڻ ھڪ رٽائرڊ جج آھي، جنھن تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته سنڌ حڪومت جي ساک ۽ پنھنجي اداري جي عزت ۽ وقار جو ڀرم رکي،  انصاف ۽ حڪومتي رٽ کي قائم رکي، چورن ۽ بدمعاشن جي اڳيان بيوس نه ٿئي. سنڌ حڪومت جو صحت جو نگران وزير ھڪ ناميارو ڊاڪٽر آھي، ھن کي سندس شعبي تي ٿيل حملي کي، عقل ۽ ڀرپور طاقت سان جواب ڏئي چورن کي وائکو ڪري، محنتي ۽ ذھين شاگردن جو سھارو بڻجي پنھنجي اداري جي ساک کي بحال ڪري ۽ پيپر ليڪ ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائي. سنڌ ۾  ميڊيڪل جي شعبي ۾ وڏي حيثيت رکندڙ تعليمي ادارو ڊائو يونيورسٽي ۽ ان جو وائيس چانسلر ھڪ ابتھائي مڃيل حيثيت ۽ عزت رکندڙ ڊاڪٽر آھي. هن جي اداري ۽ هن جي پنهنجي ساک تي به اهو حملو آھي. ھن وقت به جيڪڏھن سنڌ سان انصاف نه ٿيو ۽ ذميوارن کي سزا نه ملي ته سنڌ ۾ انصاف جو سج ڪڏھن به نه اڀرندو ۽ ھر طرف ٺڳي، مارا ماري، نا انصافي ۽ ڪرپشن قائم رھندي.

[email protected]

 

(ليکڪ پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ ھيلٿ سائنسز نوابشاهه ۾ ميڊيسن شعبي جو پروفيسر آهي.)