يوسي ڊرگھه بالا جا برسات متاثر نظر انداز ڇو!

سنڌ ۾ دادو ضلعي ۽ تعلقي جوهي جي يوسي ڊرگھه بالا ڪاڇي وارن علائقن ۾ برسات متاثرن جي ٻن سالن تائين سروي کان پوءِ نيٺ آهستي آهستي پئسا به جاري ٿي رهيا آهن پر اهي به ڪنهن مسڪين خاندانن جا نه پر دولت مند خاندان ۽ سرڪاري ملازمن کي جاري ٿي رهيا آهن، غريبن جا نالا اٽي ۾ لوڻ برابر ظاهر ٿي رهيا آهن جنهن بابت اهو شڪ ظاهر ٿيو آهي ته متاثرن جي سروي ڪندڙ ٿرديپ اين جي اوز ملازمن وڏي رقم وٺي پنهنجا نوازي ڪرپشن ۽ پئسن ملڻ بعد سفارشي ماڻھن جا نالا ٽاپ لسٽ حقدارن ۾ ڄاڻا آھن ٿرديپ تنظيم طرفان جيڪا سروي ٿي آهي ان ۾ ڪنهن به غريب خاندان کي رقم اڃا جاري ناهي ٿي حڪومتي نااهلي سبب گذريل ٻن سالن کان ڪاڇي ۾ هزارين خاندان اڄ به برساتن ۽ ٻوڏن ۾ ڊٺل گهر ٺاهي ناهن سگهيا ۽ خيمن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن پر انهن جي سرڪار ڪابه پرگهور ناهي لڌي انهن غريب بي سهارا متاثر خاندانن کي سرڪار جي هن پروجيڪٽ مان فائدي ملڻ جي ڪابه اميد نظر نه پئي اچي ڇو ته هو غريب آهن نااميدين سبب سخت پريشانين جو شڪار اهي خاندان آهن گذريل ٻن سالن کان انهن آسرن تحت منهن ۽ ڇپر اڏي ويٺا آهن ته وفاقي حڪومت طرفان رقم ملندي ۽ اسين پنهنجا اجها اڏينداسين پر حڪومت جيڪو ٻن سالن کان پنهنجي نااهلي جو مظاهرو ڪيو پئي ان جو ثمر هن وقت صرف غريب متاثرن کي ملي رهيو آهي، وفاقي حڪومت پنهنجي ذميواري جو مظاهرو ڪري جوهي تعلقي جي ڪاڇي ۾ ٽن چئن سالن کان مڪمل طور متاثر ٿيل يوسي ڊرگھه بالا جي غريب خاندانن کي گهرن جي اڏاوت واري رقم جاري ڪري انهن مان مايوسي ختم ڪري جيئن هو ايندڙ برساتن کان اڳ پنهنجن محفوظ اجهن ۾ زندگي بسر ڪري سگهن.

محمد اسماعيل لانگاهه / ڊرگھه بالا ڪاڇو

 

يوسي مرادپور جي ڳوٺن

جا مسئلا حل ڪريو!

تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي يوسي مُرادپور جا ڪافي ڳوٺ زندگيءَ جي مڙني سهولتن کان محروم آهن، ڳوٺن ۾ تعليم، صحت، بجلي، پڪي رستي ۽ برسات جي پاڻي جي نيڪالي جو ڪو به نظام ناهي. ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه،ڳوٺ محمد صديق اوٺار،ڳوٺ محمد اسحاق ملاح ۽ ڳوٺ محمد ملاح سميت يوسي مُرادپور جا سمورا ڳوٺ بنيادي سڀني سهولتن کان محروم آهن. ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه جي اسڪولي عمارت کي ڪرندي 13 سال کان به وڌيڪ وقت گذري ويو آهي پر اڃا تائين اها ٺهي نه سگهي آهي. گورنمينٽ پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه 1964ع ۾ اسڪولي عمارت ملي هئي جيڪا 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ ڪري مڪمل تباهه ٿي وئي ھئي پر اڃا تائين ڪنهن به ڪاموري اسڪول جي عمارت جي سار ناهي لڌي. ان کان سواءِ ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه سميت ڀرپاسي وارن سمورن ڳوٺن کي پڪي رستي جي به سهولت ناهي. برسات وقت پڪي رستي جي سهولت نه هجڻ ڪري ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه سميت سمورن ڳوٺن جي رهواسين جو شهرن سان رابطو ڪٽجي ٿو وڃي. ان کان سواءِ هتي بجلي صرف ٻه ڪلوميٽر ميٽر جي مفاصلي تي قادري فش فارم وٽ موجود آهي پر اسان جي ڳوٺن کي مهيا نٿي ڪئي وڃي. ان کان سواءِ هتان جيڪا 6-آر سم نالي گذري ٿي ان جي به هر سال صحيح طريقي سان کاٽي نه کڻائڻ جي ڪري سمورا ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا، جنهن سبب ڳوٺاڻن جا ڪچا گهر تباهه ٿي وڃن ٿا، غريب هاري قرض کڻي فصل ڪاهين ٿا پر سم نالي جي صحيح طرح کاٽي نه کڃڻ ڪري سندن فصل به برساتي پاڻي ۾ مڪمل سڙي تباهه ٿي وڃن ٿا، خدارا يوسي مُرادپور جي ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه ۽ ڀرپاسي وارن سمورن ڳوٺن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

 

سنڌ کان کسيل مرڪ!

تخليق جي حُسن سان ڀرپور انساني نسل جي تسلسل ۽ سماج جا بنياد رکندڙ عورت ازل کان اڄ تائين مظلوم ئي رهي پر عورت جذبات جي لحاظ کان آزاد معاشرن ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي جيون ساٿي جي چونڊ وڏي احتياط سان ڪندي آهي، هو پنهنجي گول جو پيرو کڻندي ڏهاڪن تائين جي تجسس سان هلندي رهي ٿي، هو هر لاڙهي چاڙهي کي نظر انداز ڪري هر قدم پنهنجي چاهه جي حاصلات لاءِ ڊوڙندي رهي ٿي جيئن ڪائنات جي جيون ڪٿا جي تسلسل ۾ خال نه رهي پر سندس ابتڙ پنهنجي پيار جي حاصلات لاءِ مرد تجسس جا آتا ناهن هوندا، بس کن پل ۾ سڀ ڪجهه چاهه مهل گهرن ٿا ۽ اوتري تيزيءَ ۾ سڀ ڪجهه ڪچلي واپس موٽن ٿا. بس جنس جي هڪ ننڍڙي فرق ۾ انسان هڪ ٻئي کان ڪيڏو مختلف آهي، تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسجي ته عورت هٿان ڪڏهن به رتوڇاڻ ناهي ٿي نه ئي ڪنهن عورت قلعو جوڙيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن عورت پير، پيغمبر يا خدائي جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڳالهه کي ڪڏهن به نظر انداز نٿا ڪري سگهون ته عورت خدا کان پوءِ تخليق جي بانيڪار آهي، جتي نه رڳو انساني نسل پر شعور ۽ سماج جي تاريخ جا پيرا کڃن ته سندس تخليقار عورت کي ئي ڪوٺيو ويندو. ڳالهه رڳو اتي دنگ نٿي ڪري پر اخلاقي طور عورت ۾ فطرتي طور نرم دلي، احساس شگفتگي، گهري سوچ، فراخ دلي، اعتماد رکندڙ ۽ هر دل عزيزي ملندي، جڏهن ته فزيڪل طور به پرڪشش خاصيتن سان تخليق ڪيو ويو آهي. ڪانات ۾ هر جنس ۾ نر جي ڀيٽ ۾ مادي کي خوبصورت تخليق ڪيو ويو آهي، تڏهن ڪوهلو پاولو چوي ٿو عورت پيار ڪرڻ مهل شرم تڪليف کي نظر انداز ڪري هٿيار ڦٽا ڪري پنهنجي جيون ساٿي کي فرمائي ٿي مان توتي اعتماد ڪريان ٿي، جڏهن ته سائيڪالاجي طور پيار کان پوءِ مرد جذباتي طور بلڪل خالي ٿي ويندو آهي ۽ عورت پوءِ جوان تڏهن هر بار عورت اڌورا جذبات کڻي نيهاريندي رهجي ويندي آهي.

مظفر بهاول لغاري گلاب لغاري

اسٽبلشمينٽ، اليڪٽ ايبلز ۽ سياسي پارٽيون!

نوازشريف جون ڪاميابيون بلوچستان مان به آهن ته بلوچستان عوامي پارٽي جي اهم شخصيتن نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي ۽ ن ليگ ۾ شامل ٿيا آهن، ڄام ڪمال به ن ليگ ۾ آيو آهي، ٻيون شخصيتون به ان سان گڏ ن ليگ ۾ شامل ٿيون آهن جيڪي سمورا اليڪٽ ايبلز چئجن، اليڪٽ ايبلز به اقتدار جا مزا وٺندا آهن، سياسي پارٽيون به انهن سبب اليڪشن ۾ پنهنجي ڪاميابي کي يقيني بڻائينديون آهن ۽ سڀني کان وڌيڪ اها ڳالهه ته اسٽبلشمينٽ کي به سياسي نظام ۾ انهن جي سبب فيصلائتي طاقت هوندي آهي، هن وقت ن ليگ جي سرگرمين جو مقصد به اهو آهي ته هو سنڌ ۽ بلوچستان مان اهڙين شخصيتن کي پاڻ سان گڏ کڻن جيڪي چونڊ کٽڻ جي مضبوط پوزيشن ۾ هجن سنڌ ۾ ان جو هدف ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي کي پاڻ سان هلائڻ آهي، جنهن لاءِ نواز شريف گهڻو مطمئن آهي پر اها ڳالهه به آهي ته عوام جي نظرن ۾ نواز شريف لاءِ اسٽبلشمينٽ لاءِ اها راءِ آهي ته ڄڻ اهو انهن لاءِ لاڏلو آهي، اسٽبلشمينٽ تجربا ڪري هاڻ نواز شريف کي ري لانچ ڪري رهي هجي، ڇا ڪنهن کي ٻه سال اڳ اها خبر هئي ته نواز شريف واپس ايندو ۽ جنهن شيءِ کي هٿ لائيندو اها سون ٿي ويندي، هاڻي ته لڳي ايئن ٿو ته ايندڙ حڪومت ن ليگ جي هوندي، ن ليگ اليڪشن مهم تيز ڪئي آهي، پ پ چيئرمين به اهو چيو آهي ته اسان بند ڪمرن جي فيصلن کي نٿا مڃون، نوازشريف پنجاپ تي ڌيان ۽ هڪ اڌ سيٽ جي فڪر ڇڏي هن ڀيري ايندڙ اليڪشن ماحول ڪجهه اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهي ته ن ليگ چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ گهڻي مضبوط ۽ اگڀري آهي. نوازشريف جي خوش قسمتي جي جيڪا ڪيفيت آهي اها بلوچستان کي به فتح ڪندي نظر اچي رهي آهي، بلوچستان ۾ ن ليگ باپ ۽ نيشنل پارٽي وغيره ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي، ممڪن آهي ته ان ۾ جي يو آءِ به شامل ٿي وڃي، جي يو آءِ محمود اچڪزئي جي پختون خواهه ملي عوامي پارٽي پاڻ ۾ مخالف آهن، پشتون بيلٽ ۾ اصل مقابلو انهن جو هوندو آهي ڏسجي ته بلوچستان حوالي سان ڪهڙو وڏو چونڊ اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو فارمولو سامهون اچي ٿو بهرحال اهو طئي آهي ته محور پ پ نه پر ن ليگ هوندي.

محمد اسلم ماڪو /پنوعاقل