سوال/سروي … بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آهي: عوام جون دانهون

0
87

 دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ، ڳرن بلن جو به آزار: ذميوار ڪير؟ مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟ ڇا اوهان جي علائقي ۾ به لوڊشيڊنگ آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جو وڏو آزار آهي، حڪمران ذميوار آهن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي عباس جمالي لکيو ته بجلي جو لعلورائنڪ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڏو آزار آهي، گل حسن شر لکيو ته اسان وٽ بوگس بلن جي ڪري خلق آزار ۾آھي، خاص ڪري ورڪشاپ ايريا وارن کان ڪير به پڇڻ وارو ناھي، آدم پتافي لکيو ته سڀ کان وڌيڪ گيس ڏيندڙ ڏھرڪي جي علائقن ۾ گيس جي سھولت ئي ميسر ناھي. باقر پتافي لکيو ته دادلغاري ۾بجلي  ڏينھن ۽ رات ۾ چار ڪلاڪ هلندي اهي، دلبر علي دستي لکيو ته اسان جي علائقي ۾ بجلي ئي قاسم آباد لڳ ڏومرا ڳوٺ ڀرسان ٺاڪور ۽ دستي ڳوٺ آهي، گيس جي سهولت به ناهي، اشفاق چانڊيو لکيو ته نصيرآباد تعلقي ۾ حد کان وڌيڪ گيس جي لوڊشيڊنگ آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته بجلي جي بلن ۾ هٿرادو ڊڊڪشن هڻي عوام کي تنگ ڪيو ٿو وڃي، فيض گنج تعلقو گيس کان محروم آهي، اسد زرداري لکيو ته اسان جي شھر سرھاڙي ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ تمام گھڻي آھي، مراد علي لکيو ته سيري ۽ گاجاموري وارن علائقن ۾ به بجلي ۽ گيس جو وڏو بحران آهي، اياز کهاوڙ لکيو ته ضلعو گهوٽڪي واحد ضلعو آهي جيڪو پوري پاڪستان کي ھلائي ٿو پيو. پر پو به افسوس سان هتي نه بجلي آ نه گئس آ، لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي، فيض احمد لکيو ته اسان جي علائقي ۾ ڪرپور ڏياڻي فيڊر 2010 جي مها ٻوڏ کان بند آهي، نياز محمد لنڊ لکيو ته حڪومت ذميوار آهي، نديم راحت لغاري لکيو ته اسان جو ڳوٺ راوت لغاري تعلقي چمبڙ ۾ آهي پر هتي ڪو به واپڊا وارن کان پڇڻ وارو ناهي، هالار ياسين لکيو ته شهر ڦلجي اسٽيشن تعلقو دادو 24 ڪلاڪن مان 6 ڪلاڪ گئس ڏني وڃي ٿي جنهن به پريشر گهٽ هوندو آهي، بجلي جو ڪو به آسرو ئي ناهي هوندو، آفتاب کوسو لکيو ته واهي پانڌي جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ ورهين کان بجلي ناهي، قدير چاچڙ لکيو ته ڪشمور کوسا موري فيڊر تي بجلي ناهي هوندي، نذير احمد سومرو لکيو ته عوام پاڻ ذميوار آهي آواز نٿو اٿاري، سڪندر علي سانگي لکيو ته سکر ۾ بجلي ۽ گئس جي گهڻي لوڊشيڊنگ آهي، زين العابدين لکيو ته پنوعاقل ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ جو آزار آهي، ساگر علي رضا لکيو ته بجلي، گئس ۽ پاڻي جا صرف بل وصول ٿيندا، بلاول علي لکيو ته شڪارپور ۾ وڏو آزار آهي، ببلو جروار به سروي ۾ حصو ورتو، بابر رستماڻي لکيو ته حڪمران ذميوار آهن، منصور علي لکيو ته 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، احسان علي لکيو ته ڪو به ايڪشن ناهي ٿيندو، نقاش پيرزادو لکيو ته ذميوار عوام پاڻ آهي، بجلي 4 ڪلاڪ هلي ٿي، گئس جو پريشر ئي ناهي، مسعود سهتو لکيو ته سڄي سنڌ ۾ اهو آزار آهي، ايم رفيق سومرو لکيو ته فيض گنج ۾ لوڊشيدنگ جو وڏو آزار آهي، غلام سرور لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڪلاڪ بجلي هلي ٿي پنج ڪلاڪ بند هوندي آهي، ماڻڪ حڪيم لکيو ته گئس ته پري جي ڳالهه ڪاٺيون به مهانگيون ٿي ويون آهن، ڪامريڊ رشيد احمد ڏهر لکيو ته بجلي 24 ڪلاڪن مان ٻه ڪلاڪ هلي ٿي، سرحد ۽ ڀرپاسي گئس 2013ع کان منظور ٿيل آهي پر عمل ناهي ٿيو، نديم نياز ميمڻ لکيو ته ڏوڪري ۾ بجلي اکٻوٽ جو سلسلو زور شور سان جاري آهي،امداد علي لکيو ته ماتلي جي ڳوٺ ٻارڻ لغاري ۾ 2016ع کان بجلي ناهي، عباس ٻرڙو لکيو ته چوري روڪڻي پوندي، عبدالخالق بلوچ لکيو ته ڪنڊيارو ۾ لوڊشيڊنگ آهي، آصف علي ابڙو لکيو ته ڪولاب جيئل ۾ گذريل هڪ سال کان بجلي ناهي، محمد لائق لکيو ته ڊڊڪشن لڳائي وڃي ٿي، پيار علي چانڊيو لکيو ته بجلي جو بُحران ۽ لوڊشيڊنگ سدائين رھندي آئي آھي جنھن جو ذميوار وفاق آھي، غلام مرتضيٰ مري لکيو ته ٽنڊو مستي ۾ 3 مهينن کان بجلي ناهي،علي درس، غلام رسول به سروي ۾ حصو ورتو، عاشق رند لکيو ته مقصودو رند ۾ 12 بجلي هلي ٿي، گيس به بند هجي ٿي.