ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) سنڌي فلمن جي جڳ مشھور مصنف ۽ ھدايتڪار مرحوم شاهه اسد جي 18 ھين ورسي اڄ سادگي سان ملھائي ويندي. شاھ اسد جو اصل نالو اسد الله هو، هن 15 آگسٽ 1947ع ۾ ٽنڊي آدم جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ اک کولي. هن پهريون ڀيرو 1970ع ۾ سنڌي فلم ”رنگ محل“ ۾ شاعر جي حيثيت سان قدم رکيو. اها فلم سينيما باڪس تي ڪامياب وئي. هن 1974ع ۾ فلم ”غيرت جو سوال“ لاءِ ڊائلاگ ۽ شاعري ڪئي. شاهه اسد 1985ع ۾ فلم ”جلال چانڊيو“ ٺاهي ۽ ان فلم ۾ جلال چانڊيو کي هن هيرو طور کنيو هن فلم جو ڊائريڪٽر، شاعر، پروڊيوسر، ليکڪ شاهه اسد پاڻ هو. هن ڌاڙيل ”پرو چانڊيو“ تي 1987ع ۾ فلم ٺاهي هن فلم جو به شاعر، ليکڪ ۽ هدايتڪار پاڻ هو. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار هن منصور بلوچ کي ڏنو اها فلم سنڌ جي سينيمائن تي هفتن جا هفتا لڳل رهي. شاهه اسد 50 کان مٿي اسٽيج ڊراما لکيا. هن سال 1989ع ۾ سنڌي فلم ”شهيد“ ٺاهي هن  فلم جو مرڪزي خيال انگريزن خلاف ”حر مجاهد“ هئا. هن فلم کي ”نيشنل ايوارڊ“ به مليو. 1990ع ۾ سنڌي فلم ”جيئي لطيف“ ٺاهي وئي هن فلم جو به ليکڪ، شاعر ۽ هدايتڪار مرحوم پاڻ هو.