‘سموگ’ جي ور چڙهيل اليڪشن جي موسم!

0
102
‘سموگ’ جي ور چڙهيل اليڪشن جي موسم!

ملڪ ۾ اليڪشن جي موسم به ‘سموگ’ جي ائين ور چڙهيل آهي، جيئن لاهوري سياريءَ ۾ سموڪ + فوگ =‘سموگ’ ۾ ساهه پيا کڻن. هڪ غير يقيني صورتحال، جنهن ۾ ڪجهه به واضح نظر ناهي ايندو. البت، ان ڌنڌلن منظرن ۾ ڪجهه شناسا چهرا ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، جيڪي سياري جي آمد هوندي ديس ۾ بهار آڻڻ جي ڳالهه ڪن پيا. بهار رُت جي ڳالهه نڪتي ته استحڪام پاڪستان پارٽيءَ پاران پنجاب جي شهر ڪامونڪيءَ ۾ جلسي دؤران اعلان ڪيو ويو ته، “تعليم جي ميدان ۾ سرڪاري اسڪولن کي خانگي اسڪولن جهڙو بڻايو ويندو. بجليءَ جي انهن واهپيدارن کي، جيڪي 300 يونٽن تائين استعمال ڪن ٿا، مفت بجلي ڏني ويندي.” سچ ته اهي سهه سياريءَ ۾ بهار رت جون ڳالهيون هيون، جنهن لاءِ ملڪ جي نالياري تجزيه نگار منصور علي خان چيو ته، “اهڙيون شاندار ڳالهيون ڪرڻ ڪمال آهن، پر جهانگير خان ترين ۽ عليم خان، ان جي شروعات پنهنجي فيڪٽري ورڪرن کان ڇو نه ٿا ڪن، جيڪي ورهين گذرڻ باجود تنگدستيءَ ۾ جيئن پيا؟” ڪامونڪيءَ جي جلسي ۾ ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي، جڏهن جهانگير ترين ‘نئين پاڪستان’ جي ڳالهه ڪندي، پوئتي هٽي ويو. هن اتي ‘بهتر پاڪستان’ جي ڳالهه ڪئي. اها پڻ حقيقت آهي ته ‘نئين پاڪستان’ جو اصطلاح هاڻي اڻ ڄاتل خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو!

ڳالهه ڪريون پيا ملڪ ۾ اليڪشن جي غير يقيني صورتحال ۽ موسم جي ته مرحوم ڪامريڊ ڪلو چوندو هو ته، “اليڪشن، عوام جي عزت کي ڪجهه ڏينهن بحال ڪرڻ جي رُتَ هوندي آهي. هيءَ مند پنجن سالن کانپوءِ اچي ٿي، ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهي، پڄاڻي تي پهچندي آهي.” هي اها مند آهي، جنهن ۾ امير ماڻهن کي ياد ايندو آهي ته غريب مرندا به آهن، مسڪين ماڻهو بيمار به ٿيندا آهن. انهن کي زندگيءَ جي بنيادي شين جي ضرورت به هوندي آهي. هن مند ۾ ئي واعدا وچن ورجايا ويندا آهن. تجديدِ وفا جون ڳالهيون دهرايون وينديون آهن. ولوُ، وليداد ۽ خانو، خانصاب ٿي ويندا آهن. ٽين دنيا جي ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ هي عجيب موسم آهي، جنهن ۾ صورتحال تبديل ناهي ٿيندي.

“وه ڀي سادا هئي، ڪڀي چال بدلتا هي نهين،

هم ڀي سادا هين، اسي چال ۾ آجاتي هين”

جهڙو لقاءُ ٿي ويندو آهي. اميدوار ايندا آهن، مسئلا معلوم ڪندا، وري ائين غائب ٿيندا جو، ڄڻ آيا ئي ئي ڪونه… پوءِ پنجين سال جيڪي جيئرا….

هڪ ڀيري سليمان کٽيءَ کي چيم ته توهان کي خبر به آهي ته هي ماڻهو ڪوڙا آهن، واعده فراموش آهن، پوءِ به توهان هنن جي ڳالهين ۾ اچي وڃو ٿا…! جواب ڏنائين ته، “مسڪين جي وڏي مجبوري اعتبار هوندو آهي. هو اعتبار ڪندا آهن… ننڍڙين ڳالهين تي ئي خوش ٿي ويندا آهن. ٿوري عزت به هنن لاءِ جبل جيڏي ٿي ويندي آهي. ڀوتار جي ڀر ۾ ويهڻ سندن لاءِ وڏي اعزاز کان گهٽ ناهي هوندو. هو ڄاڻندا آهن ته اهو سڀ ڪجهه طلسم آهي، پر مومل جي ماڙي ايتري ته سندر ۽ ڪرشماتي هوندي آهي، جنهن مان نڪرڻ هنن جي وس ۾ ناهي هوندو…. بس پوءِ ڪجهه ڏينهن ئي اندر ئي ‘غضب ڪيا، تيري وعدي په اعتبار ڪيا’ جهڙو جهان ٿي ويندو آهي!” ٻئي پاسي ساڳي راڳڻي ڳائڻ جو آغاز ته ملڪ نازڪ صورتحال مان گذري پيو، عوام صبر ڪري. معاشي تنگ دستيءَ سبب حڪمران عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ کان قاصر آهن وغيره. بس پوءِ عوام جي ڪلهن تي نازڪ دؤر جو وزن اچي ويندو آهي ۽ پوءِ معاملو چاڪيءَ جي ڍڳي جيان پيو ڦرندو.

ڳالهه چاڪيءَ جي ڍڳي جي ٿي ته گذريل ڪيتري وقت کان هڪ سوال به ان جيان ئي ڦري پيو ته، ‘ڇا اليڪشن ٿيندي؟’ ته جواب ‘ها’ ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي اليڪشن ڪرائيندا، انهن پاران نواز شريف کي ان مقصد لاءِ ئي گهرايو ويو آهي. توقع آهي ته اليڪشن لاءِ اعلان ته 8 فيبروريءَ جو ڪيو ويو آهي پر ڪجهه ڌرين جي گوٿناٿ جي ڪري لڳي ائين ٿو ته، فيبروريءَ جي آخري هفتي ۾ يا مارچ جي شروعات ۾ ٿي ويندي. اهو ان ڪري به ته ملڪ جي سياسي ڌرين پراڻي پگهار تي ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري ورتي آهي. جنهن جو هو ڪٿي کليل ته ڪٿي خفي لفظن ۾ اظهار پڻ ڪن پيا. رهي ڳالهه ته هن سڄي صورتحال ۾ گهڻي لفٽ ڪنهن کي آهي، ته ان جو جواب به سادو ۽ آسان آهي ته نواز ليگ اسٽيبلشمنٽ جي ائين ئي ويجهو آهي، جيئن 2013ع جي اليڪشن ۾ هئي. ان حوالي سان راڻا ثناءُ الله جو بيان ته هو پنجاب مان قومي اسيمبليءَ جون 125 سيٽون کڻي ويندا! يعني هنن کي ڪنهن پارٽيءَ جي مدد جي ضروت نه پوندي، پر معاملو ايترو آسان ناهي. اسٽيبلشمنٽ وٽ ماضيءَ جا ڪيترائي تجربا آهن. جنهن موجب جڏهن به نواز ليگ کي واضح اڪثريت ڏني وئي آهي ته هنن حدن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ڪري هڪ خيال اهو پڻ آهي ته نواز ليگ کي هڪ خاص ليڪي ۾ رکي کيڏڻ جو موقعو ملندو. ڇاڪاڻ ته اهو عملي طور ممڪن ناهي ته پورو وزن نواز ليگ جي پاسي ڪيو وڃي. ان جو هڪ اشارو اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي ان بيان مان لڳائي سگهجي ٿو ته، “پيپلز پارٽيءَ سميت ڪا به پارٽي سادي اڪثريت به حاصل نه ڪري سگهندي.” زرداري صاحب جي بيان جو مطلب آهي ته نواز ليگ به قومي اسيمبليءَ ۾ 172 سيٽون نه کڻي سگهندي. ملڪ جي اڪثر سياسي پنڊتن جو پڻ اهو چوڻ آهي ته ڪا به پارٽي، اڪيلي سر سرڪار قائم نه ڪري سگهندي. ڇاڪاڻ ته اسيٽبلشمنٽ کي اها پوزيشن ئي وڻي ٿي. حاصل مطلب ته ڪنهن به هڪ پارٽيءَ جي حڪومت انهن لاءِ ڪجهه مهينن اندر ئي ڳچيءَ جو ڳٽ ثابت ٿيندي، سو اصل سرڪار ڪڏهن به نه چاهيندي ته وفاق ۾ ڪا ڏاڍي حڪومت اچي. اهي ڪيترائي تجربا انهن جي اڳيان رهيا آهن ته واضح اڪثريت سان حاصل ڪيل حڪومتن مهينن ۾ ئي مالڪن کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون آهن.

اکين جي ڳالهه نڪتي ته سياري ۽ سموگ جي گڏيل سنگم ۾ سياسي سرمائيڪار، سدائين جيان عوام کي سرمو پارائڻ لاءِ نڪري چڪا آهن. موسم جي ڌنڌلي هجڻ سبب هو اڪثريت ۾ ته نظر نه ٿا اچن، پر خيال ڪري سگهجي ٿو ته ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾ اهو سلسلو زور وٺي ويندو. عوام کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪي نوان واعدا ته ڪونه ڪيا ويندا، پر ماڻهن کي ڇا آهي. بقول سليمان کٽيءَ جي ته، “اسان پراڻن واعدن تي به خوش آهيون، بس ڪير اڱڻ تي اچي ۽ پيار جا ٻه ٻول ورجائي، اسان ان ۾ خوش آهيون!”