مير مرتضيٰ ڀٽو جو اڙانگو عشق ۽ جلاوطني

0
974

ان ڏينهن ڪلفٽن جي ٻن تلوارن واري چوڪ کان عبدالله شاه غازي طرف وڌياسين ته مون پنهنجي دوست کي گهاٽن وڻن ۾ ڍڪيل ڀٽن جي تاريخي بنگلي ستر ڪلفٽن طرف اشارو ڪندي چيو هي اڳوڻو وزيراعظم هائوس ستر ڪلفٽن اٿئي ته هن هڪدم چيو مير مرتضيٰ کي به هتي شهيد ڪيو هئن ڇا ؟ مون کيس هائوڪار ڪندي چيو بلڪل پاڻ جنهن روڊ تان گذرون پيا ، ان جي ڪنارن سان جيڪي گهاٽا وڻ آهن، انهن تي پوليس جا نشاني باز چڙهي ويٺا هئا. ستر ڪلفٽن ڀرسان اهو ننڍڙو پارڪ به کيس ڏيکاريندي چيم هي باغ ڏس اتي مير صاحب جي نياڻي فاطمه ڀٽو پنهنجي ڪتاب “بلڊ اينڊ سورڊ” جي مهورت ڪرائي هئي،جنهن ۾ مون ساڻس ملاقات ڪئي هئي. منهنجي دوست کي ڪتابن سان شايد ايتري گهڻي دلچسپي نه هئي نه ته کيس فاطمه ڀٽو جي پڙڏاڏي جي لکيل ڪتاب بابت پڻ ٻڌايان ها.اهو ڪيڏو نه عجيب اتفاق آهي ته فاطمه ڀٽو پنهنجي والد جي بيرحماڻي قتل کان ويندي جلاوطنين ۽ عشقن تائين سمورو داستان هڪ ڪتاب اندر بلڪل ايئن ئي سانڍي لکيو آهي جيئن سندس پڙڏاڏي سر شاهنواز خان ڀٽي پنهنجي والد مير مرتضيٰ ڀٽو جي جلاوطني ۽ عشق بابت تفصيل سان پنهنجي ساروڻين ۾ لکيو آهي. جنهن وقت اسان ڪلفٽن جي روڊن تي گهمي رهيا هئاسين ان وقت مونکي سر شاهنواز ڀٽي جي ڪتابن ۾ لکيل اهي منظر ڪنهن فلم جي منظرن جيان اکين اڳيان اچي رهيا هئا ته ڪيئن نه سن 1899ع ۾ ڪابل مان جلاوطني ڪاٽي واپس آيل مير مرتضيٰ ڀٽو ڪراچي جي ان وقت جي ڪمشنر سر ايون جيمز سان ملاقات ڪرڻ خاطر ڪمشنر هائوس تي ڪم ڪندڙ سک مزدورن وارو ٻهروپ ڌاري اندر داخل ٿيو هو ۽ ڪمشنر هائوس جي چوڪيدارن ۾ شامل لاڙڪاڻي جي هڪ کوکر چوڪيدار کيس ڪمشنر جي اچڻ واري رستي طرف اشارو ڪندي اڳتي ڪيو ته جيئن هو پنهنجي عرضي آساني سان بيان ڪري سگهي.ڪمشنر مرتضيٰ ڀٽو کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ کيس پنهنجي اسٽاف حوالي ڪندي چيائين هن جي پوري ڳالهه ٻڌي کيس رپورٽ ڪئي وڃي.مير مرتضيٰ ڀٽي پنهنجي وڪيل رئيس غلام محمد شيدي معرفت اها سموري وارتا ٻڌائي ته ڪيئن نه لاڙڪاڻي جي انگريز ڪليڪٽر مئجسٽريٽ ڪرنل مي هيو ڀٽن جي سموري ملڪيت سرڪار جي قبضي ۾ ڪري ورتي آهي.ڪرنل مي هيو ذاتي پلاند پاڙڻ خاطر مير مرتضيٰ جي جان جو دشمن بڻجي ويو آهي ۽ اهو تڪرار سالن کان هلي رهيو آهي تنهنڪري مير مرتضيٰ ۽ سندس خانداني ملڪيت جا ڪيس سکر مان ڪراچي منتقل ڪيا وڃن ۽ ڪمشنر ڪراچي پاڻ اهي ڪيس ٻڌي.ڪراچي ڪمشنر جي عدالت ۾ هڪ ٻن شنواين بعد فيصلو ٿيو ته ڪيس ڪراچي منتقل ڪجن ٿا ۽ ڀٽن جي ذاتي جائيداد مير مرتضيٰ ڀٽو حوالي ڪئي وڃي ٿي.مير مرتضيٰ ڀٽي لاءِ اهو فيصلو وڏي خوشخبري کان گهٽ نه هو تنهنڪري هن ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ هڪ رات به ترسڻ بدران سيوهڻ رستي لاڙڪاڻي وڃڻ جو ارادو ڪيو.ان دور ۾ به ڪراچي ۾ هڪ موتمار وبا ڦهلي هئي جيڪا چين مان ٿيندي بمبئي معرفت ڪراچي پهتي هئي جنهنڪري ان وقت ڪراچي کي موت جي وادي سڏيو پئي ويو.مير مرتضيٰ ڀٽو موت جي ان وادي يعني ڪراچي مان جڏهن دادو پهتو ته دادو ۾ حسن علي آفندي جي فرزند علي محمد وٽ رات ترسيو.جتي کيس هڪ ٻي خوشخبري اها ٻڌائي وئي ته سندس جاني دشمن انگريز عملدار ڪرنل مي هيو کي لاڙڪاڻي مان نه رڳو بدلي ڪيو ويو آهي پر کيس ريٽائرمينٽ ڏني وئي آهي جيڪو پڻ لاڙڪاڻي کان نڪري رات اچي دادو ۾ ترسيو آهي.هڪ انگريز عورت جي عشق ۾ فنا ٿيل ٻنهي بااثر مردن جي ملاقات دادو جي آفندي هائوس ۾ ٿي جتي هڪٻئي سان شڪوا شڪايتون ڪندي معافيون تلافيون ڪري سرچاءَ ڪيائون ۽ انگريز عملدار ڪرنل مي هيو مير مرتضيٰ جي سموري ملڪيت جائداد سرڪار جي قبضي مان ڪڍي سندس حوالي ڪرڻ جو حڪمنامو ان وقت ئي جاري ڪيو جيڪو کڻي مير مرتضيٰ جڏهن لاڙڪاڻي پهتو ته رتيديري توڙي نئين ديري جي ماڻهن ۾ ايتري خوشي جي لهر ڇانئجي وئي جو هو رستي جي ٻنهي طرفن کان بيهي سندس استقبال ڪرڻ لڳا.
سر شاهنواز ڀٽو پنهنجي ساروڻين ۾ لکيو آهي ته ڪرنل مي هيو ۽ مير مرتضيٰ وچ ۾ پيدا ٿيل ذاتي دشمني جو سبب اها خوبصورت انگريز عورت هئي جيڪا ڪرنل مي هيو جي زال ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي محبوبا هئي.ان انگريزياڻي کي سر شاهنواز سنڌي مسٽريس ڪري لکيو آهي.ڪرنل مي هيو ان وقت سٺ سالن کان مٿي جو پوڙهو مڙس هو پر سندس زال ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو هڪ ئي عمر جا هئا ۽ رهندا به لاڙڪاڻي جي المرتضيٰ هائوس واري ساڳي پاڙي ۾ هئا تنهنڪري انهن جو عشق ٿي پيو. سندن عشق بابت ڪجهه وقت بعد ڪرنل مي هيو کي شڪ پيدا ٿي پيو جنهنڪري هن اٽڪل ڪري هڪ ڏينهن زال کي چيو ته هو ڪنهن سرڪاري ڪم سانگي سکر وڃي رهيو آهي ۽ رات جو نه اچي سگهندو.جيئن ئي ڪرنل مي هيو لاڙڪاڻي مان نڪتو ته مير مرتضيٰ اچي سنڌي مسٽريس جي گهر پهتو ۽ ٻئي اڃان قرب ڪچهري ڪري رهيا هئا ته ڪرنل مي هيو گهوڙي سميت اچي بيڊ روم ۾ پهتو ۽ گهوڙي کي هڻڻ واري چهبڪ سان مرتضيٰ ڀٽو کي به مارڻ لڳو.سر شاهنواز لکيو آهي ته مي هيو اچي ٻنهي گناهگارن کي اهڙي حالت ۾ پڪڙيو ۽ هنٽر هڻڻ لڳو.پر ڪرنل مي هيو ڪراڙو مڙس هو جنهنڪري مرتضيٰ ڀٽي سندس هٿن مان هنٽر کسي اچي انگريز عملدار کي وهائي ڪڍيا ۽ کيس ليٽائي سنڌي مسٽريس کي گهوڙي تي کڻي فراري ٿي ويو.ان انگريزياڻي جا ڪي مائٽ نيپيئر آباد ۾ رهندا هئا انهن وٽ اچي کيس ڇڏيائين.انگريز بادشاهه جي حڪومت ۾ ايئن لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر مئجسٽريٽ کي ڪٽڻ ۽ سندس زال ڀڄائي وڃڻ جو نتيجو ڪيترو خطرناڪ هوندو سي اهي ئي ڄاڻي سگهن ٿا جن کي انگريز حڪمرانن جي سخت عملداري جي خبر هوندي،پر مسئلو اهو هو ته هي هڪ ذاتي نوعيت جو معاملو هو جيڪو انگريز سرڪار جي علم ۾ اچي ها ته ڪرنل مي هيو پنهنجي ڪرسي وڃائي ويهي ها تنهنڪري هو خاموشي سان وقت جو انتظار ڪرڻ لڳو ته ڪهڙي طرح مير مرتضيٰ ڀٽي کي ڪيسن ۾ ڦاسائي سندس ملڪيت ضبط ڪري سگهي. ان واقعي جي ڪجهه ئي ڏينهن بعد سنڌ پوليس جي انسپيڪتر شير محمد شاهه مٿان خوني حملو ٿيو جنهن ۾ هو مري مري بچيو هو.ڪرنل مي هيو کيس چرچ ڏني ته ان ڪيس ۾ مير مرتضيٰ جو نالو ڏي ته مٿس ڪيس ڪريون،توکي ترقي ملندي.مير مرتضيٰ مٿان اهو ڪيس هليو جنهن مان ان وقت جي سيشن جج کيس بري ڪيو پر ڪرنل مي هيو کي آرام نه آيو ۽ پوڙهو چرياڻ مڙس ڪٿي مڙڻ وارو هو.هڪ سال بعد ڪنهن هندو سيٺ جو قتل ٿي پيو جنهن ۾ مي هيو وري ڪنهنکي چرچ ڏئي مرتضيٰ ڀٽو مٿان ڪيس ڪرايو جنهن ۾ هنن ڄاڻايو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جي اچڻ تي اٿي نه بيهڻ سبب هندو سيٺ قتل ڪرايو ويو آهي.اهو ڪيس ڳرو هو تنهنڪري مير مرتضيٰ جي والد خدابخش خان ڀٽو ٻه انگريز بئريسٽر وڪيل ڪرايا جيڪي ان زماني ۾ هڪ هزار رويپا ڏهاڙي ۽ ٻيو پندرنهن سئو روپيا ڏهاڙي تي مقرر ٿيا.ڪيس طويل هليو ان ڪيس مان به مير مرتضيٰ بري ٿي ويو ته ڪرنل مي هيو اهو ڪيس کڻي بمبئي هليو ويو ته ري ٽرائيل ٿئي.جنهنڪري مرتضيٰ جي والد خدابخش خان پنهنجي نوجوان پٽ کي علائقو ڇڏي وڃڻ جي صلاح ڏني ڇو ته ڪيسن مٿان ڪيس ٿي رهيا هئا انهن تي خرچ اچي رهيو هو.مرتضيٰ ڀٽو پهريان بهاولپور پهتو جتي پڻ انگريز سرڪار جي ماڻهن کيس تنگ ڪيو ته هو ڪابل افغانستان هليو ويو جتي انگريز عملداري نه هئي.مير مرتضيٰ ڀٽو جي ان عشقيه ڪهاڻي جو ذڪر محترمه بينظير ڀٽو پڻ پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي ته ڪيئن کين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ٻارن کي ٻڌائيندو هو ته مير مرتضيٰ ايترو سهڻو هوندو هو جو سموري سنڌ جون عورتون ته مٿس عاشق هونديون هيون پر ان وقت انگريزياڻيون به مٿس عاشق هونديون هيون پر بينظير ڀٽو جي ان ڪتاب ۾ ان جلاوطني جو ذڪر ناهي جيڪا مرتضيٰ ڀٽو کي ان عشق سبب ڪرڻي پئي ۽ ملڪيتون سرڪار ضبط ڪيون.
مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڪابل ۾ پاڻمرادو اختيار ڪيل جلاوطني جي ڪجهه وقت بعد سندس والد خدابخش خان مٿان ان وقت خوني حملو ڪيو ويو جڏهن هو جيڪب آباد مان پنهنجي زمينن تان واپس اچي رهيو هو.ان خوني حملي ۾ هو شديد زخمي ٿي گهوڙي تان ڪري پيو.سندس هارين کڻي اچي کيس پنهنجي گهرن ۾ رکيو پر بچي نه سگهيو.خدابخش خان جي موت جي ٻن هفتن بعد ڪرنل مي هيو اچي سندس ڳوٺ ڳڙهي خدبخش ڀٽو تي ڪڙڪيو ۽ سندس شاندار بنگلي ، اوطاق ۽ اناج جي گودامن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ هيرن، جواهرن سميت سون چاندي لٽي ويو. اهو سن 1896ع جو دور هو ۽ انهن ڏينهن ۾ سر شاهنواز ڀٽو اڃان اٺن سالن جو ٻار مس هو.هن لکيو آهي ته ان باهه مان هو گهر جي عورتن سميت صرف سر بچائي تن تي پهريل ڪپڙن سميت نڪتا باقي سموريون شيون سڙي خاڪ ٿي ويون ۽ ان باهه بعد هو لاڙڪاڻي جي تتل گرميءَ ۾ پهريون ڀيرو سڪل ماني کڻي پيرين اگهاڙو اچي نئون ديرو اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو هو جنهنکي چاندي جي چمچن پليٽن ۾ مانجهاندو ڪرايو ويندو هو.ان وقت جي افغان حاڪم امير عبدالرحمان خان کي جڏهن اها خبر پئي ته هن واپس سنڌ ويندر مير مرتضيٰ ڀٽو کي سون چاندي ڏنو ته جيئن هو ڪراچي پهچي پنهنجو ڪيس وڙهي سگهي.پشاور مان سنڌو درياهه رستي هو ڪراچي اچي رهيو هو ته بهاولپور جي پنجند واري علائقي ۾ سندس ٻيڙي اونڌي ٿي پئي جنهنڪري افغان حڪمران پاران ڏنل سموري دولت پڻ لڙهي ويس ۽ هو فقيري ويس ۾ اچي ڪراچي پهتو جتان سک مزدور جو روپ ڌاري ڪمشنر سان ملاقات ڪري پنهنجو ڪيس سکر کان ڪراچي متنقل ڪرايائين.
انگريزياڻي جي عشق ۾ اڙانگا سفر ڪري پنهنجون اباڻيون ملڪيتون جائيدادون ضبط ڪرائيندڙ مير مرتضيٰ جڏهن جلاوطني کان واپس آيو ۽ ملڪيتون جائيدادون ڇڏائي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آندائين ته ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ واپس اچڻ جي هڪ مهيني اندر کيس زهر ڏئي ماريو ويو جنهن جو ذميوار سر شاهنواز ڀٽي انهن مقامي وڏيرن کي قرار ڏنو آهي جن مير مرتضيٰ خلاف انگريز ڪرنل مي هيو جي چرچ تي شاهديون ڏنيو هيون ۽ کين خوف هو ته هاڻي مير مرتضيٰ جڏهن واپس اچي ويو آهي ۽ ڪرنل مي هيو به هليو ويو آهي ته هو کين بخش نه ڪندو.خاندان ۾ نالن ۽ طبيعتن جو ڪيترو اثر ٿي سگهي ٿو سو ته توهان پاڻ اندازو لڳايو پر سر شاهنواز ڀٽي جي ساروڻين جو اهو ڪتاب اڃان تائين اڻ ڇپيل آهي جيڪو ستر ڪلفٽن جي لائبريري ۾ انگريز ليکڪ اسٽينلي وولپرٽ پڙهي سگهيو جنهن پنهنجي شاندار ڪتاب زلفي ڀٽو آف پاڪستان ۾ ان جو سڀ کان پهريان ذڪر ڪيو آهي.