زخمي افغانستان جي اڌوري ڪهاڻي

0
263

جڏهن روسي فوجون افغانستان مان واپس وڃي رهيون هيون تڏهن افغان بي يقيني ۾ مبتلا هئا، ڪابل ۾ عبدالسلام جو خاندان به امن جي اميدن ۽ مجاهدن جي گهرو ويڙهه جي خدشن ۽ وسوسن جي اعصابي گرڻ ۾ ڦاٿل هو.
مجاهدن جي ”جهاد“ روسي فوجن جي واپسي کان پوءِ رخ موڙيو ۽ اقتدار جي ڇڪ ڇڪان ڪابل جي زندگي کي گهيري ورتو ته عبدالسلام وطن کان موڪلايو اصل ۾ عبدالسلام جي هجرت جو سفر لکين افغانين وانگر امن ۽ نوجوان نسل جي مستقبل جي ڳولا جو سفر هو.
پنهنجي بزرگ والدين، گهرواريءَ ۽ اڪيلي پٽ راشد کي ساڻ ڪري مهاجرن جي قافلي سان گڏ پاڪستان ۾ پناهه ورتي، عبدالسلام سان منهنجي ملاقات انهن ئي ڏينهن ۾ پشاور ۾ ٿي جيڪا شايد سڄي عمر جي واقفيت ۾ تبديل ٿي وئي ماضي جو اهو پائليٽ افغان قالين جي دڪان تي ملازمت ڪرڻ تي مجبور هو.
طالبان دور جي خاتمي کانپوءِ جڏهن افغانستان ۾ امن جون اميدون جاڳيون ته عبدالسلام به وطن واپس موٽي ويو پر هاڻي هن کي هڪ ڀيرو ٻيهر بي يقيني وڪوڙي وئي آهي.
“ٽي ڏهاڪا گذري ويا مان هاڻي پوڙهو ٿيڻ وارو آهيان پر ماضي جي جنگ اسان جي ڌرتي ۽ قسمت سان چنبڙي پئي آهي، شايد سڄي حياتي لاءِ . اميد ٿئي ٿي وري ختم ٿي ٿئي.” عبدالسلام جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻوله مان مايوسي نظر اچي رهي هئي، شايد گهڻ افغانين وانگر، سبب آمريڪا جو فيصلو. روسي فوجن جي واپسي جي موقعي تي سوويت يونين جي صدر ميخائل گورباچوف افغان جنگ کي هڪ “ رت ٽمندڙ زخم“ سان ڀيٽ ڏني هئي. هاڻي ٽن ڏهاڪن کان پوءِ صدر جو بائيڊن جو اعلان ته نائين اليون جي ويهين ورسي تائين افغانستان مان آمريڪي فوجون مڪمل نڪري وينديون ۽ آمريڪا لاءِ هن “ نه ختم ٿيندڙ جنگ” جو سدائين لاءِ خاتمو به.
پر عبدالسلام وانگر گهڻا افغاني خاندان آمريڪا جي طالبان سان “امن” معاهدي جي نقصان سبب پريشان آهن. ملڪ جي امڪاني گهرو ويڙهه جي خدشن افغان عوام جي ذهنن جي چوڌاري اعصابي گهيرو ڪيو آهي ماضي جا زخم موجود آهن ۽ انهن جي ڌرتي هاڻي به جنگ جو هڪ ميدان نظر اچي رهي آهي.
افغانستان مان آمريڪي فوجن جي مرحليوار نڪرڻ جي شروعات، اهو به مستقبل جي سياسي حل لاءِ ڌرين افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ڪو فارمولا طئي ڪرڻ کانسواءِ، افغان عوام لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي . ماضي جي جنگين جون تباهيون رتوڇاڻ ، وطن مان دربدر ٿيڻ، هاڻي هڪ ٻئي تڪرار جي سوچ ئي انهن جي وجود کي ڌوڏي رهي آهي.
هوڏانهن طالبان ويڙهاڪ آمريڪين جي واپسي کي “سپر پاور جي شڪست” ۽ “ اسلام جي فتح” ڄاڻائي رهيا آهن ۽ ڪابل حڪومت کي “ڪٺ پتلي” چئي رهيا آهن. انهن کي اندازو آهي ته آمريڪين جي نڪرڻ کانپوءِ صدر اشرف غني ڪمزور ۽ سياسي تنهائي جو شڪار ٿي ويندو. انهن جون اکيون ڪابل تي کتل آهن.
جنگ جي ميدان ۾ وڙهندڙ ويڙهاڪ ،طالبان جي پراڻي حڪمراني وارو دور واپس آڻڻ گهرن ٿا. دوحا ۾ موجود سياسي ڌڙي کي احساس آهي ته تبديل ٿيل حالتن ۾ طالبان جهڙو سخت گير نظام لاڳو نه ٿو ٿئي سگهي.
طالبان شوريٰ ۽ طالبان سياسي ڌڙي کي اندازو آهي ته انهن جي اصل طاقت اهي نوجوان ويڙهاڪ آهن ۽ انهن کي ڪاوڙائڻ نه گهرجي، شايد تنهن ڪري هو افغانستان جي مستقبل جي حڪومت يا انهي جي نظام جي شڪل شبيهه لاءِ پنهنجا مطالبا اڳيان نه ٿا رکن.
طالبان جي شوريٰ، سياسي ڌڙي ۽ افغانستان ۾ وڙهندڙ ويڙهاڪن ۾ نسل ۽ دور جو فرق آهي. طالبان ويڙهاڪ، نوجوان آهن ۽ انهن جي ياداشت نائين اليون ۽ انهي کانپوءِ جنگ جي ميدان ۾ ٿيل واقعن جي گهيري ۾ گرفتار آهي. انهن جو بدترين دشمن نيشنل آرمي آهي ته مستقبل ۾ انهن سان گذارڻ نا ممڪن آهي.
لڳي ٿو ته طالبان شروعاتي طور پنهنجي ڪنٽرول ٿيل علائقن تي مڪمل اختيار گهرندا. انهي جو اندازو ڪجهه هيئن به ڪري سگهجي ٿو ته جڏهن آمريڪي فوج هلمند صوبي ۾ پنهنجو فوجي اڏو خالي ڪري افغان نيشنل آرمي جي حوالي ڪيو ته طالبان جي حملي جا اطلاع مليا.
اورزگان، غزني ۽ ڪجهه وڌيڪ علائقن ۾ هڪ مقامي چواڻي “جتي طالبان جو راڄ رات جو اونداهي ۾ هو، هاڻي اتي انهن جا چڪر ڏينهن جي روشني ۾ نظر اچي رهيا آهن.”
جتي طالبان جارحاڻي انداز سان پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ گهرن ٿا، اتي اربين ڊالرن جي مدد سان تيار ڪيل افغان نيشنل آرمي ڏکياين کي منهن ڏئي رهي آهي ته ڇا اها فورس مستقبل ۾ طالبان جو مقابلو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي اهليت رکي ٿي.
خوني ماضي، حال جي بي يقيني ۾ ورتل افغانستان ۾ جٽادار امن ڪيئن ممڪن آهي طالبان ۾ افغان حڪومت وچ ۾ مستقبل لاءِ ڪو معاهدو طئي ناهي ٿيو. صدر اشرف غني جا شرط آهن ۽ طالبان هن سان ڳالهين لاءِ راضي ناهن . اشرف غني سمجهي ٿو ته طالبان امن کان وڌيڪ اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. هن چواڻي طالبان جا مطالبا مهم آهن. ڇا هو چونڊن کي قبول ڪندا؟ ڇا هو افغان عوام بشمول عورتن، ڇوڪرين ۽ اقليتن جي برابري جي حقن تي يقين رکن ٿا.
اشرف غني پنهنجي فارين افيئرز مئگزين ۾ ماضي وانگر پاڪستان تي طالبان جي حمايت جو الزام ورجائي رهيو آهي. طالبان خلاف هڪ ڊگهي چارج شيٽ به پيش ڪئي آهي ۽ گڏوگڏ ڳالهين جي به دعوت ڏئي ٿو. ٻڏتر جو شڪار آهي. آمريڪا “صاحب بهادر” سان گلا، شڪايت ڪري نه ٿو سگهي.
20 سال، درجنين ملڪن جي فوجن جون ڪوششون، لڳ ڀڳ هڪ کرب ڊالر ۽ پوءِ به افغانستان افراتفري جي ڌٻڻ ۾ .
هن وقت جي حالتن کي ڏسي مون کي پنهنجي صحافي ساٿي فخر ڪاڪاخيل جي ڳالهه ٿي ياد اچي، جيڪا هن نائين اليون جي ڪجهه سالن کان پوءِ افغانستان جي دوري کان پوءِ چئي هئي “افغانستان ۾ پرڏيهي ۽ انهن سان گڏ ڊالرن جي ڏهاڙي لڳائڻ وارن مقامين جي زبان تي “پروزه”يعني پروجيڪٽ جو لفظ آهي. هر شعبو انهن کي ڪجهه سالن جو پروجيڪٽ لڳندو آهي، تعليم هجي يا صحت جو شعبو، پوليس هجي يا نيشنل آرمي يا روڊن جي تعمير، جنگ سان تباهه ٿيل ملڪ جي تعمير ايئن ڪئي پئي وڃي ڄڻ هڪ عمارت، جنهن جي مٿان رنگ ۽ روغن ته نظر ايندو آهي پر ڍانچو ڪمزور ۽ پيڙهه کوکلي..
ڪرزئي هجي جا اشرف غني يا ٻيا افغان اڳواڻ انهن کي اها ڳالهه ته سمجهڻي پوندي ته افغانستان جي هن خراب حالتن جو ذميوار جيڪڏهن ٻاهريون طاقتون آهن ته ڪٿي نه ڪٿي انهن جي ذميواري سندن ڪلهن تي به آهي.
آمريڪي فوجن جي واپسي، غيريقيني جي صورتحال پيدا ڪئي آهي. پر افغانستان ۾ نوي جي ڏهاڪي واري گهرو ويڙهه يا انتشار جو راڄ بظاهر واپس ايندي نظر نٿو اچي. ڇو ته هن ڀيري خطي جون طاقتون روس ، چين ، ايران ۽ خاص طور تي پاڪستان افغانستان ۾ امن جي ڪوشش ۾ ڳنڍيل آهن ۽ ڪٿي نه ڪٿي انهن جا مفاد به.
پاڪستان شايد پنهنجي ماضي جي غلطين ۽ پاليسين مان سبق سکيو هجي ڇو ته هڪ ڳري قيمت ادا ڪري چڪو آهي. نائين اليون کانپوءِ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 70 هزار حياتيون وڃايون ۽ معيشت کي ڳرو نقصان به برداشت ڪرڻو پيو.
پاڪستان جي خواهش هوندي ته ڪابل جي ايندڙ حڪومت جيڪڏهن حمايتي نه به هجي تڏهن به مخالف نه هجي. پاڪستان سمجهي ٿو ته پنهنجي استحڪام لاءِ مستحڪم افغانستان ضروري آهي. افغان مهاجرن جي بار جو خطرو الڳ.
آمريڪا خطي جي طاقتن ۽ پاڪستان جو اثر رسوخ استعمال ڪري طالبان کي افغان حڪومت سان ڳالهين تي راضي ڪرڻ گهري ٿو. پر طالبان جو چوڻ آهي ته هاڻي وقت انهن وٽ آهي نڪي آمريڪا وٽ.
هوڏانهن بائيڊن جي جوا ۾ وقت وڏو اهم آهي. اندروني طور افغان جنگ جي خاتمي جي اعلان سان آمريڪين جون دليون کٽي سگهجن ٿيون پر جيڪڏهن اهو فيصلو ناڪام ٿي ويو ته آمريڪا جي دنيا ۾ پرڏيهي پاليسي جي ساک کي ڌڪ لڳندو.
ريان ڪروڪر جيڪو نائين اليون کان پوءِ پاڪستان، عراق ۽ افغانستان ۾ آمريڪا جو سفير رهي چڪو آهي، هن افغانستان مان نڪرڻ جي پاليسي کي پنهنجي تازي ڇپيل هڪ مضمون ۾ تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. “اسان جنگ ختم نه ڪري رهيا آهيون. بلڪه پنهنجي دشمنن کي ويڙهه لاءِ موقعو ڏئي رهيا آهيون. اهي ڪير آهن؟ طالبان ۽ القاعده جن اسان جي خلاف نائين اليون حملا ڪيا، هوشايد هاڻي آمريڪا تي حملا ڪرڻ نه چاهين پر بائيڊن جي اعلان اهو فيصلو انهن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي اهو فيصلو اسان وٽ ناهي.”
هاڻي سڀ نظرون افغانستان تي کتل آهن ته ڇا هن جنگ ۽ جدل جي ڌرتي تي امن موٽي ايندو يا هڪ ڀيرو ٻيهر رتوڇاڻ جي دور جي واپسي ٿيندي. عبدالسلام وانگر گهڻن افغانين جي ذهنن کي آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ ڊپ ورائي ويو آهي. هنن جي زندگي جي ڪهاڻي به انهن جي زخمي وطن وانگر اڌوري ٿي لڳي، شايد امن ۽ شانتي لاءِ ڀٽڪندڙ.