ڪارل مارڪس، سوويت ڪميونزم ۽ سنڌ

0
599

اڄ سنڌ جنهن حالت ۾ آهي اهي حالتون سوويت ڪميونزم جي تيزيءَ سان وڌندڙ اثر ۽ لهر آڏو بند ٻڌڻ لاءِ پيدا ڪيون ويون. 1947ع ۾ اهي گنگا برهمپترا ۽ سنڌو ماٿر جي قومن جي قتل جو آماجگاهه بڻيون ۽ 1971ع کان پوءِ سنڌو ماٿر جي قومن کان ئي انڪار ڪيو ويو، سنڌو ماٿر جي تاريخي قومن ۽ ٻولين جي قومي وجود کي ماڳهين تسليم ئي نٿو ڪيو وڃي يعني سج کي کاري هيٺ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڀلا سج به ڪڏهن کاري هيٺان لڪي سگھي ٿو! 1973ع جو آئين به هڪ اهڙو کارو آهي، جنهن جي آڙ ۾ سج جيان روشن حقيقتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي. ڀلا ڪنهن جي مڃڻ نه مڃڻ سان ڇا حقيقت تبديل ٿي ويندي يا ڪوڙ سچ ٿي ويندو؟
جڏهن سڄي انسانذات اوندهه ۾ هئي ۽ سڀني ڌرتي ۽ آسمان جي ديوتائن، مذهبن، ڏند ڪٿائن ۽ فلسفن ڌرتيءَ کي ڪائنات جو مرڪز پئي مڃيو ۽ ظاهر جي دوکي ۾ اچي ويساهه ٿي ڪيو ته سج ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦري ٿو، تڏهن به اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي قائم هئي ته ڌرتي، ڪائنات جو هڪ ننڍو ذرو آهي جيڪا پنهنجي سج جي چوڌاري ڦري ٿي، بس ان سچ جي شناس انسانذات کي تمام دير سان حاصل ٿي ۽ گليلو جنهن ثابتيءَ سان اهو سچ بيان ڪيو ان کي مذهب ۽عقيدي جي انڌ ۾ ويڙهيل رياست ۽ سماج مجبور ڪيو ته تون اهو ڪفر يعني سچ نه ٻول! سچ جي پيروڪار عظيم گليلو ڪوڙ جي ڏاڍ آڏو ڪنڌ جھڪائيندي چيو،“برابر، اوهان جو آسماني صحيفو سچو، منهنجي دريافت ڪيل سچائي ڪوڙ.” ۽ هو چپن ۾ ڀڻڪيو، “ڌرتي ته هن پل به سج جي چوڌاري ٿي ڦري، ڪنهن جي مڃڻ نه مڃڻ سان ان جي ڦيري تي ته ڪو فرق نٿو پوي، بس ماڻهو جي سمجھه تي اوندهه ڇانيل ٿي رهي.” ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ماڻهو جي سمجھه تان اها اوندهه دور ٿي ۽ سچ سج جيان نکري نروار ٿيو.
ايئن ئي انسانن جي سمجھه تي اها اوندهه به عقيدن جي انڌ ۾ ڇانئجي وئي هئي ته هيءَ جيڪا انسانذات جي عظيم اڪثريت خصيص اقليت جي ڏاڍ جو شڪار آهي، اها ڪنهن گناهه عظيم، ڪنهن ڪرمن جي ڦل ۽ حڪمت جو نتيجو آهي!!! تاريخ جا ورق اٿلايون ٿا ته خبر پوي ٿي ته اسان جي سنڌو کنڊ ۾ مهاوير ۽ گوتم ٻڌ اهي ٻه عظيم فلاسافر هيا جن انسانن جي سمجھه کان اها اوندهه هٽائي اها حقيقت نمايان ڪئي ته “انسان سڀ برابر آهن، قدرت جي ڪارخاني ۾ نه رڳو انسانن جي حياتي، بلڪه جيت جڻين سميت سموري حيات عالم اهميت رکي ٿي، حيات جو احترام ۽ حفاظت سڀني تي واجب آهي ۽ هي جيڪو طبقاتي نظام آهي، اميري غريبيءَ جو نظام آهي، اهو انسان جي پنهنجي پيداوار آهي ۽ انسان چاهي ته برابريءَ وارو نظام قائم ڪري سگھي ٿو ۽ سڀ کان اعليٰ ترين اخلاقي قدر اهو آهي ته هڪ بي ضرر ڪول کي مارڻ به پاپ آهي ۽ سڀ کان اعليٰ ترين ڌرم اهو آهي ته انسان سڀ برابر آهن.” انسان جي سمجھه تان اونداهه ڪڏهن لهي ٿي ته ڪڏهن چڙهي ٿي پر ايئن ڇو ٿو ٿئي. ان راز تان پردو مڪمل طور فاش 19 هين صديءَ ۾ ڪارل مارڪس کڻي ٿو، جنهن جو جنم 5 مئي 1818ع ۾ جرمني ۾ ٿئي ٿو، جيڪو پنهنجي دوست فريڊرڪ اينگلس سان گڏجي 1848ع ۾ “ڪميونسٽ پڌرنامو” لکي ٿو ۽ 1867ع ۾ پنهنجي لافاني شاهڪار “سرمايو” جو پهريون ڀاڱو منظرعام تي آڻي ٿو، جنهن کان پوءِ انساني سمجھه کان اها اوندهه هميشه لاءِ هٽڻ شروع ٿئي ٿي پر ياد رکڻ کپي ته هزارين سالن جي اونداهه کي هٽڻ لاءِ هڪ ٻه صديون ته درڪار هونديون ئي آهن ۽ ان دوران سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ به لڳندا ئي رهندا آهن پر سج ۽ سچ کي نکري نروار ٿيڻ کان ڪير ڪيستائين روڪي سگھي ٿو. عقيدي جي عبادي ۾ انسان پاڻ کي دوکي ۽ اونداهه ۾ رکي سگھي ٿو باقي سچ جو سج ته سدا آب و تاب سان روشن رهي ٿو.
ڪارل مارڪس کان 5 سال اڳ 5 مئي 1813ع ۾ جنم وٺندڙ فلسفي ڪرڪگارڊ چيو ٿو ته “انسان ٻن موقعن تي پاڻ کي بيوقوف بڻائي ٿو، هڪ جڏهن هو ڪوڙ کي سچ سمجھي ٿو ۽ ٻيو جڏهن هو سچ کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو.” اوهان سمجھي سگھو ٿا ته سج جيان سچ تي به ڪنهن جي ٺيڪيداري قائم نٿي ٿي سگھي. انسان، جيئن ڌرتيءَ جي ڪنهن حصي تي عارضي قبضو ڪري پاڻ کي فاتح عالم سمجھڻ جي بيوقوفيءَ جو شڪار ٿيندو رهندو آهي تيئن ويهين صديءَ ۾ سوويت ڪميونزم به ان واهمي جو شڪار ٿي ويو ته سچ تي سندس ٺيڪيدار قائم ٿي ويندي ۽ هو فاتح عالم ٿي اڀرندو ۽ وري جڏهن سوويت يونين جي ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ پڄاڻي ٿي ته آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ اولهه جي سرمائيدار به ان واهمي جو شڪار ٿي ويا ته “ڪميونزم جو ڀوت هاڻي ٽري ويو، سرمائيداري نظام جي آخري فتح ٿي وئي آهي ۽ ايندڙ صدي آمريڪا جي صدي هوندي.” بلڪه هو ته اها احمقاڻي دعويٰ به وڏي فلسفياڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ لڳا ته “تاريخ جي پڄاڻي ٿي وئي.” سوويت ڪميونزم جي زوال کي تاريخ جي پڄاڻيءَ سان ڀيٽي هو دراصل مارڪس جي ان دعويٰ کي تسليم ڪري رهيا هئا ته “طبقاتي سماج جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ جي سموري تاريخ طبقاتي جدوجهد جي تاريخ آهي.
” هنن سمجھيو ته سرمائيداري نظام کي درپيش سڀ کان وڏو مسئلو سر تان ٽري ويو. ڪميونزم جو بت ڀورا ڀورا ٿي ويو، معنيٰ طبقاتي جدوجهد جو دور ختم ٿي ويو، معنيٰ تاريخ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ هاڻي سدائين سرمائيداراڻي ۽ سرمائيدار فاتح عالم ۽ ان عالم جو سردار آمريڪا بهادر ئي رهندو.” پر گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ان فيل مست هاٿيءَ جيڪي انسانذات سان هاڃا ڪيا آهن تن ته سندس اتحادين جا ارواح به رنجائي ڇڏيا آهن ۽ وڏا ڪميونسٽ دشمن سرمائيدار به ڪارل مارڪس جي داس ڪئپيٽال ڏانهن رجوع ڪن ٿا ۽ ان ۾ بيان ٿيل سچاين آڏو خاموشيءَ سان سر تسليم خم ڪن ٿا. هو اڄ به ايترو خوف ۾ ورتل آهن جو آمريڪي صدر بائيڊن جي فلاحي پروگرام کي “سوشلسٽ” سڏي ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هو اولهه جي ماڻهن کي سوشلزم جي نالي کان ڪيئن ٿا ڊيڄارين؟ هو اولهه جي ماڻهن کي ٻڌائيندا رهيا آهن ته سوشلسٽ اوهان کان اوهان جا ڪاروبار توڙي گھر ٻار سڀ کسي رياست جي ملڪيت قرار ڏيندا آهن ۽ سڀني ۾ غربت جي مساوات قائم ڪندا آهن، يعني آمريڪا ۾ جيڪڏهن ڪو به سوشلسٽ پروگرام لاڳو ڪندو ته پوءِ اهو ته سڀ ختم ٿي ويندا پر گڏوگڏ آزادي ۽ خوشحالي به ختم ٿي ويندي ۽ سڀ غريب ٿي ويندا،
ان ڪري غريبن کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ اهڙي ڪنهن سوشلسٽ پروگرام کي قبول نه ڪيو جيڪو آزادي ۽ خوشحاليءَ کي ختم ڪري ڇڏي. هنن اوڀر ۾ وري ڪميونزم کي خدا ۽ مذهب جي انڪاري نظرئي طور پيش ڪيو ته جيئن عقيدي جا غلام سدائين سندن غلام رهن ۽ ڪڏهن به آزادي ۽ خوشحاليءَ جا خواب نه لهن ۽ خدا جي رضا تي راضي رهن.
1970ع جي ڏهاڪي ۾ اسان جڏهن شعور جي دنيا ۾ قدم رکيو ته اسان کي ٻڌايو ويو ته هن وقت دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهائجي وئي آهي، هڪڙو آهي سرمائيدار ملڪن جو بلاڪ جنهن جي اڳواڻي آمريڪا ۽ اولهه يورپ ڪري رهيو آهي ۽ ٻيو آهي ڪميونسٽ بلاڪ جنهن جي اڳواڻي روس، چين ۽ اوڀر يورپ ڪري رهيو آهي.
اسان ڏٺو پئي ته سرمائيدار بلاڪ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ حاڪم طبقي ۽ حاڪم قومن جو مضبوطيءَ سان دفاع ڪري رهيو هو ۽ ڪميونسٽ سوويت روس ۽ مائوزيتنگ جو چين مظلوم طبقن، هارين، مزدورن ۽ مظلوم قومن جي آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ اتساهيندڙ مثال بڻجي ويا هئا. هو چي منهه، جنرل گياپ ۽ لي دوئان جي اڳواڻي ۾ ويٽنامي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آمريڪا کان ويٽنام جي آزاديءَ جي جنگ ۾ فتح سڄي دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم قومن جي آزاديءَ جي جنگ کي وڏو حوصلو بخشي ڇڏيو هو. آزادي ۽ سوشلزم انقلابي سياست جا عظيم آدرش بڻجي ويا. سنڌ جي آزادي ۽ آزاد سنڌ ۾ هر ظلم ۽ استحصال کان پاڪ غير طبقاتي سوشلسٽ سماج جو قيام اسان جو مقصد حيات بڻجي ويو. اسان لاءِ شاهه لطيف وطن دوستي، انسان دوستي ۽ آزاديءَ جو علمبردار شاعر بڻجي اسان کي جدوجهد لاءِ اتساهيندي “ڪُسڻ منجھه قرار” ڏيندي نظر اچڻ لڳو، اسان مارڪس کان به اڳ سنڌ ۾ سوشلسٽ معيشت جو نعرو “جو کيڙي سو کائي” ۽ “سنڌ جو پهريون زرعي ڪميون” قائم ڪندڙ اڳواڻ شهيد شاهه عنايت به تاريخ جي ورقن مان ڳولي ورتو، جنهن کي سبط حسن جھڙن ڪميونسٽ دانشورن به ماضيءَ جي مزارن ۾ سنڌ جو پهريون سوشلسٽ اڳواڻ قرار ڏنو. اسان صوفين جي درگاهن ۽ مقبرن کان به عقيدت جي اوندهه هٽائي عقل ۽ انقلاب جا خلاف چاڙهيا. اسان شاهه لطيف، سچل، سامي ۽ شاهه عنايت کي نئين سنڌ جو روح ۽ قومي آزادي ۽ برابريءَ واري سماج جي آدرشوادي سياست جو استعارو بڻائي ڇڏيو. اهو سڀ اثر هو سڌي ۽ اڻ سڌيءَ ريت سوويت ڪميونزم جو، جنهن جو آغاز 1917ع ۾ روس اندر لينن، ٽراٽسڪي، اسٽالن جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف سوويت يونين طرفان زار شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪري دنيا ۾ پهرين سوشلسٽ ۽ سوويت ڪميونسٽ رياست جي قيام سان ٿيو. سوويت يونين دنيا جي پهرين غير طبقاتي رياست طور هڪ مثال بڻجي اڀري جنهن نجي ملڪيت جو خاتمو ڪري ترقيءَ جي وڏي ڇلانگ لڳائي ۽ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي مظلوم ماڻهن ۽ مظلوم قومن لاءِ هڪ روشن مثال بڻجي وئي. ڪميونزم، مارڪسزم، ليننزم، مائوازم، سوشلزم، مزدور انقلاب، هاري انقلاب، هاري حقدار، دنيا جا مزدورو متحد ٿيو، دنيا جا مزدورو ۽ قومون متحد ٿيو. سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جو تختو اونڌو ڪيو سامراج مرده آباد، فوجي آپيشاهي مرده آباد، قومي غلامي نامنظور ۽ آزادي ايمان اسان جو، جون صدائون چوڏس پکڙجي ويون، ڪميونسٽ تحريڪن ۽ قومي آزادي جي تحريڪن سرمائيداري ۽ سامراجيت جون ته وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون ۽ هو پنهنجي بقا جي جنگ لڙي رهيا هئا ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اسي جي ڏهاڪي ۾ سوويت يونين اندر گوريا چوف جي اڳواڻي ۾ سوشلسٽ سڌارن جي تحريڪ شروع ٿي ٿئي، جيڪا سويت روس ۽ اوڀر يورپ جي عوام کي آزادي ۽ خوشحالي جا خواب ڏيکاري ٿي ۽ پوءِ آزادي جون اهي تحريڪون اڀرن ٿيون جيڪي سڄي سويت ڪميونسٽ نظام کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏين ٿيون،
۽ ان کان پوءِ سڄي دنيا ۾ نئين عالمگير سرمائيداري دور جو آغاز ٿئي ٿو. 1990ع جي ڏهاڪي کان اسان ان عالمگير سرمائيداري جي دور Global capitialist age ۾ جي رهيا آهيون. جنهن ۾ اسريل نئين نسل کي سرمائيدار سماج ئي سڀ کان وڌيڪ آزادي ۽ ترقي جو علمدار لڳي ٿو ۽ غير طبقاتي سماج جو آدرش اوپرو ۽ اڻ ٻڌل لڳي ٿو. بس هڪ محدود اقليت سوشلزم جي باقيات طور موجود آهي. جنهن جو به تخليقي ۽ انقلابي جوهر رياستي جبر ۽ ڏاڍ کان آزاد پنهنجي فڪري دنيا جي آرامده بستر تي براجمان آهي ۽ سرمائيدار دنيا سڄي انسان ذات کي ڪورونا جي ويڪسين سان محفوظ بڻائي رهي آهي. اڄ سرمائي جي مالڪ سرمائيدار ۽ ڪورونا جي وائرس کان بچڻ ڏاڍو محال ٿي ويو آهي. اهي ڪٿي ڪيڏي مهل ڪنهن کي ڪيئن ڏنگين ٿا اهو ڏس ڏيڻ وارو ڪوئي ڪارل مارڪس ڪونهي.
نه واهي نه ويج، نه مک نه مسيحُ
ڏسي حال ڏيهه جو.جهري پيم جيُ
عجب منجهان ايءُ، اوريم سور اڀ سين
(يوسف)
۽ اڀ چوي ٿو، سنڌ جو آسمان چوي ٿو، “آس ۾ لاهه، سڄڻ سٻاجهو گهڻو” ۽ ڌرتي ماءُ چوي ٿي، امڙ سنڌ چوي ٿي. “هي اوندهه به هٽي ويندي، جڏهن آزادي جو سج اڀري ايندو. آڪاس تي” ۽ هي سرمائي جي پيدا ڪيل غربت ۽ بيماري به ختم ٿي ويندي، جڏهن انسان مهذب ٿي ويندو.