مووي جهڙو ناول ۽ ناول جهڙي مووي

0
107
مووي جهڙو ناول ۽ ناول جهڙي مووي

جهڙي مهل به نيٽ فليڪس کوليان، آمريڪا ۾ ٺهيل فلم A man Called Otto  سامهون اچيو وڃي. نيٺ عيد لاءِ ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته رستي ۾ اها مووي هلائي ڏسڻ شروع ڪئي ۽ سفر دوران هڪ ساهي ۾ ئي ڏسي پوري ڪئي. ان فلم جو ڊائريڪٽر جرمن ۽ سوئس نسل جو مارڪ فارسٽر آهي. ڀرپور احساساتي ۽ وجوديت واري فلم به آهي ته هلڪي مزاح واري به آهي. فلم جي ٽائٽل مان ئي مون کي لڳو ته پڪ سان اها ڪنهن ادبي ڪهاڻي يا ناول جي بنياد تي ئي هوندي يا ڪنهن جي شخصيت جي ڪٿان مان کنيل هوندي، ڇو ته فلم جي اڻت به ان طرح جي هئي ۽ جنهن نموني مشهور ۽ سٺي اداڪار ٽام هانڪس جي اداڪاري آهي، اها ڏسندي به لڳي رهيو هو، ڄڻ ناول پڙهجي رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪردار ذهن جي اسڪرين تي هلي رهيا آهن. مون انٽرنيٽ تي جيئن سرفنگ ڪئي ته اها ڳالهه حقي نڪتي ته اها فلم اصل ۾ اسڪاٽ لينڊ جي ناول نگار فريڊرڪ بيڪمن Fredrik Backman جي لکيل ناول ‘اي مين ڪالڊ اووي’ A man Called Ove تي آڌاريل آهي. هي ناول 2012ع ۾ سوئڊش ٻوليءَ ۾ ڇپيو. پنهنجي ٻوليءَ ۾ ان ناول جون پنج لک کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون ۽ اڳين سال اهو ئي ناول 2013ع ۾ انگريزي ۾ ڇپيو ته يورپ ۽ ٻي دنيا ۾ به ان کي ڀرپور پذيرائي ملي ۽ عالمي سطح تي گهڻ وڪرو ٿيندڙ ناولن ۾ شامل ٿي ويو. ڇو ته اهو دنيا جي ٽيهن جي لڳ ڀڳ ٻولين ۾ به ترجمو ٿيو. فريڊرڪ بيڪمن جا ان ناول بعد ٻه ٻيا ناول My Grandmother Asked Me to Tell You She’s Sorry ۽ Britt-Marie Was Here  پڻ ڇپيا آهن ۽ پڻ ته هن جي انهن ٻنهي ناولن تي به فلمون ٺهيون آهن.

انٽرنيٽ جي دنيا به عجب آهي، سو اها اڃان اڳتي وٺي ويئي. اهو معلوم ٿيو ته ان ناول تي سوئڊش ٻوليءَ ۾ فلم به ٺهي، جيڪا 2015ع ۾ ڪرسمس واري ڏهاڙي رليز ٿي. فلم جو نالو ساڳيو ناول وارو ‘اي مين ڪالڊ اووي’ رکيو ويو جيڪو سوئڊش ۾ En man som heter Ove آهي. فلم ايتري سٺي هئي جو 2016ع ۾ اڪيڊمي ايوارڊ لاءِ پرڏيهي فلم واري ڪيٽگري ۾ نامزد ڪئي وئي هئي. سو ان ڳالهه منهنجو تجسس اڃان وڌائي ڇڏيو ته اهو ناول به هٿ ڪجي. وري به انٽرنيٽ وسيلي ئي پي ڊي ايف ۾ اهو ناول هٿ اچي ئي ويو. ناول پڙهڻ بعد لڳو ته واقعي اهو ناول مووي جهڙو ئي آهي، جيئن مووي ڏسندي لڳو ته اها ناول جهڙي آهي. سوئڊش مووي مڪمل ته ڏسڻ لاءِ ڪانه ملي پر ان جا ڪجهه حصا ۽ ٽريلر ڏٺم. حقيقت اها آهي ته فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ته ٻنهيءَ مان وڌيڪ سٺي مووي ڪهڙي آهي؟ يا ناول وڌيڪ سٺو آهي يا ان تي ٺهيل فلمون؟ جيتوڻيڪ فلمن ۾ ناول جي ڪهاڻي ۽ ان جي ترتيب پٽاندڙ خاص فرق ناهي پر اسڪرين پلي ۽ ڊائلاگس ۾ فلمن جي گهرج موجب ڪجهه ڌار ڪم ڪيو ويو آهي.

عام طور هن مووي کي ڪاميڊي ڊراما چيو ويو آهي پر ناول پڙهندي يا مووي جا اڪثر حصا ڏسندي لڳي ٿو ته ان ۾ ڪردار، زندگي ۽ وجود کي محسوس ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان سلهاڙجن ٿا. اووي Ove هڪ اهڙو ڪردار آهي، جيڪو ساڻس ٿيل حالتن سبب جتي مايوس به آهي ۽ ڪيئي ڀيرا هُو آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو پر ان باوجود اهو پنهنجي هجڻ واري ويچار کي پاڻ کان جدا نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه وري پنهنجي ڀرپاسي واري زندگيءَ کان هو لاتعلق رهي سگهي ٿو. محبوب زال سونجا جي وڇوڙي سبب هن جي ويڳاڻپ هن کي هڪ بخيل پوڙهو ته بڻائي ٿي ڇڏي پر پوءِ به هو ڀرپاسي سان به جڙيل رهي ٿو ته انهن واسطيدارن سان به تعلق کي پنهنجي منشا آڌار به جوڙي رکي ٿو ۽ ان لاءِ هو قانون تي عمل پيرا رهڻ لاءِ ڪوششون ڪندي نظر اچي ٿو ۽ ٻين کي به ان تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو رهي ٿو. هو پاڙي جو اڻوندڙ ماڻهو آهي، ان بخيلي سبب ڪمپني کيس اڻهٺ سالن جي ڄمار ۾ جبري ريٽائر ڪري ٿي. هو ملنسار ته ناهي پر ٻين جي مدد کان به ڪيٻائيندڙ ناهي. ناول ۽ مووي ۾ هن جي زندگي فليش ۾ اچي ٿي. مين ڪالڊ اووٽو ۾ فليش بيڪ ۾ سندس هٿ ۾ Mikhail Bulgakov  جو ناول Master and Margarita ڏيکاريل هوندو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته فلم ۾ هڪ ٻليءَ به ڪردار آهي، جيڪا ناول ۾ به ٻي باب کان اچي ٿي، پر ناول نگار فريڊرڪ بيڪمن پنهنجي سوئڊش ناول ۾ ميخائيل جي ان ناول جو ڪو به ذڪر ناهي ڪيو. فلم ۾ اها ٻليءَ جي نسبت سان هڪ فينٽسي ٺاهي وئي آهي، بلڪل ايئن جيئن آمريڪي فلم ۾ اووٽو Otto جو پهريون سين آهي ته هو هڪ رسي جي خريداري ڪري ٿو، جيڪا هو آپگهات لاءَ وٺي ٿو. پر ناول ۾ اوويOve   به هڪ دڪان تي آهي پر هو ڪمپيوٽر خريدڻ آيو آهي، جيڪو هو خريد نه ٿو ڪري ۽ ان پهرين باب جو نالو به اهو ئي آهي. ٻلي ناول توڙي فلم ۾ هڪ لازمي ڪردار طور واقعن توڙي ڪردارن کي ڳنڍڻ لاءِ آندل آهي. اووي اهو ماڻهو آهي، جيڪو ان رهائشي علائقي جي ريزيڊنٽس ايسوسيئشن جو چيئرمين به رهي چڪو آهي. هو ڪالوني کي بلڊر مافيا کان بچائڻ جو ڪردار ادا ڪري ٿو. پنهنجي دوست سان نڀائي ٿو، جنهن جو پٽ جاءِ وڪڻڻ ٿو چاهي، ڪرائي تي ايندڙ هڪ ڪٽنب جو به سهارو بڻجي ٿو ته ان سان گڏ پاڙي جي هڪ ٽرانسجينڊر ايڊرين جو به سرپرست بڻجي وڃي ٿو. هن کي جڏهن دل جو دورو ٿئي ٿو ته خبر پئي ٿي ان جو ڪارڻ سندس دل جي سائز وڏي هجڻ آهي ۽ وري عملي طور به هن جو اُهو ڪردار به سامهون اچي ٿو ته مرڻ بعد سندس هڪ خط ۾ ڪيل وصيت وسيلي هن جي ڪشادا دلي سامهون ايندي آهي، جو هو پنهنجي ملڪيت ۽ پيسا پاڻ سان سلهاڙيل انهن ڪردارن جي نانءُ ڪري ويندو آهي. ناول ۾ ننڍا ننڍا واقعا توڙي جملا انتهائي سيبتي ۽ سهڻي انداز سان اڻيل آهن. هن جي ڪروڌي واقعن کي به جيئن فلمن ۾ فلمايو ويو آهي، پڙهڻ ۾ ته اهي وڌيڪ مزيدار ٿا لڳن. ناول ۾ اووي جي مرڻ جون تياريون وڌيڪ بهتر انداز ۾ بيانيل آهن. زال جي ڀرسان پنهنجي لاءِ قبر خريد ڪري ٿو. سڀ ادائگيون ڏئي ٿو. گهر جي صفائي به ڪري ڇڏي ٿو. ڪافي پيئڻ بعد ڪوپ کي ڌوئي چمڪائي رکي ٿو ۽ پوء…..

 And all he wants is to die in peace, he thinks, as he sits in the Saab and looks out of the open garage door. If he can just avoid his neighbors he may even be able to get away by this afternoon.

هو مرڻ لاءِ جيڪي به ڪوششو ڪري ٿو، اتفاق سان ڪو اچي وڃي ٿو يا سندس رٿا ۾ ڪا کوٽ رهجي ويندي آهي، ان ڪري اووي غير طبعي موت کان بچي وڃي ٿو پر طبعي موت هن جي شخصيت جو نئون پاسو ظاهر ٿيڻ جي ترت پوءِ اچي وڃي ٿي. اهو تجربو عجب هوندو آهي ته جڏهن توهان اڳ ۾ ناول جهڙي مووي ڏسو ۽ پوءِ اهو ناول پڙهڻ لاءِ ملي ته ٻٽو فائدو ٿيندو آهي ته ڄڻ مووي جهڙو ناول پڙهجي رهيو آهي. بس فرق اهو آهي ته جيڪڏهن اهو ناول مووي ڏسڻ کان اڳ پڙهجي ها ته ڪردارن بابت تاثر الڳ جڙي ها ۽ ٻه الڳ موويز ڏسڻ بعد ته ڪردارن جو شبيهه ۽ مزاج وارو تاثر وچڙندڙ بڻجي ويو آهي. حيرانگيءَ سان ان ڪري خيال اچي پيو ته جيڪر اڳ ۾ ناول پڙهجي ها ته چڱو..!

Love is a strange thing. It takes you by surprise.

پيار به عجب شئي آهي، اهو توهان کي اچرج ۾ وجهي ڇڏي ٿو. (ناول مان)