هن سال ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ اڳڀرائي جي ضرورت

0
455
هن سال ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ اڳڀرائي جي ضرورت

   گذريل هفتي سنڌ جي ٻن سول سوسائٽي ادارن سنڌ واچ ۽ سانا پاران ڪراچي ۾ هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن جو عنوان هو، “ڇا سنڌ وري ٻڏي ويندي؟” سيمينار ۾ رٿابندي ۽ ترقيءَ رٿائن واري کاتي، آبپاشي کاتي، زراعت واري کاتي ۽ يونيورسٽي توڙي سول سوسائٽي جي فني ماهرن پرزنٽيشنز ڏنيون. هي سيمينار اهڙي وقت تي ڪوٺايو ويو، جڏهن چوماسي جي ايندڙ مُند ۾ ٽي مهيني به نه بچيا آهن. گذريل سال جي تباهي مان سنڌ اڃا ساهه ناهي پٽيو ته مٿان ايندڙ چوماسي جي مُند ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پکيڙي ڇڏيو آهي. اهو ڏهڪاءُ گذريل جي اذيتناڪ تجربن جي ڪري پيدا ٿيو آهي. گذريل سال سنڌ ۾ آگسٽ مهيني ۾ سراسري سالياني مينهن جي ڀيٽ ۾ ست سئو سيڪڙي کان به وڌيڪ مينهن وسيو، جنهن جي نتيجي ۾ شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ غير معمولي ٻوڏ آئي. ٻئي پاسي بلوچستان ۾ سنڌ جي سرحد سان ڳنڍيل علائقن ۾ جولاءِ کان شروع ٿيل مينهن جو پاڻي به کيرٿر جابلو سلسلي وٽان سنڌ ۾ داخل ٿيو. بلوچستان ۾ جولاءِ ۾ معمول کان 450 سيڪڙو وڌيڪ مينهن پيو. سنڌ حڪومت کي تڏهن ئي اک پٽڻ گهرجي ها ته پاڻي گهمي ڦري اولهندي پٽيءَ کان سنڌ ۾ ئي پهچندو. اهي مينهن آگسٽ ۾ به جاري رهيا. ايراضي ۽ مينهن جي ڊيٽا وسيلي اهو ڪاٿو لڳائڻ تمام آسان آهي ته ڪيترو پاڻي بلوچستان مان سنڌ ۾ داخل ٿيندو. پاڻي جي مقدار جي بنياد تي ٻوڏ جو ڪاٿو لڳائي متاثر ٿيندڙ علائقن جي رهواسين کي اڳواٽ خبردار ڪري پيو سگهجي ۽ ماڻهن کي علائقا خالي ڪرائڻ توڙي سندن واهر لاءِ اڳواٽ انتظام ٿي پئي سگهيا. بدقسمتي سان مهلائتي تياري نه هجڻ سبب جڏهن قمبر-شهدادڪوٽ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ منڇر جي آسپاس جا علائقا ٻڏڻ جو وقت آيو ته هزارين ڪٽنب بنا ڪنهن سرڪاري واهر جي پنهنجي حال آهر گهر گهاٽ ۽ مال متاع ڇڏي مختلف علائقن ڏانهن سِر تَريءَ تي کڻي نڪرڻ تي مجبور ٿيا. ٻار، پوڙها، اپاهج، ڳورهاريون عورتون به انهن قافلن  ۾ ائين ئي شامل هئا ۽ کين سواري يا ڪا ٻي واهر مهيا نه ڪئي وئي. اهي سمورا ماڻهو يا ته شهرن ۾ پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن جي گهرن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿيا يا وري بي پهچ هجڻ جي صورت ۾ روڊن جي ڪناري يا واهن جي بندن تي وڃي ويٺا. جيئن تي حڪومت واهر لاءِ ڪي به اڳواٽ انتظام نه ڪيا هئا، تنهنڪري پهريان ٻه هفتا لکين ٻوڏ سٽيل مقامي ۽ خيراتي ادارن جي واهر تي ڏکيا ڏينهن ڪاٽيندا رهيا. وٽن پناهه لاءِ ڪي تنبو نه هئا. ڪيترائي ڪٽنب رستن تي ڪاٺيون کوڙي مٿان رليون رکي اجها ٺاهي ويٺل رهيا. اڳتي هلي سرڪار ۽ غير سرڪاري اين جي اوز جي واهر پهچڻ لڳي پر جيئن ته ٻوڏ سٽيلن جو تعداد وڏو ۽ وسيلا گهٽ هئا، تنهنڪري سڄي سنڌ مان واهر جي سامان جي ورهاست ۾ سياسي مداخلت جي دانهن شروع ٿي وئي. اڳتي هلي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي آڊيٽر جنرل جڏهن رليف فنڊن جي استعمال جي آڊٽ ڪرائي ته ڪيترن ئي هنڌن تان هيرا ڦيري جا انڪشاف ٿيا.

هن سال حڪومت کي گهرجي ته گذريل سال جي تجربن مان سکندي هن سال بلوچستان ۾ موسم، خاص ڪري برساتن تي نظر رکي ۽ صورتحال بابت سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ وارن ضلعن جي رهواسين کي مهلائتي ڄاڻ ڏيندي رهي. جيڪڏهن گذريل سال جيان هيل به بلوچستان ۾ وڏا مينهن پون ته قمبر-شهدادڪوٽ، دادو ۽ ڄامشوري ضلعن جي اولهندي پٽيءَ وارن علائقن لاءِ اڳواٽ جوڳا بندوبست ڪري. گذريل سال بلوچستان مان آيل غيرمعمولي وهڪرن جي نتيجن ۾ پاڻي ايف بي بند، ايم اين وي ڊرين/ آر بي او ڊي جا ڪپر ۽ آبپاشي واهن جا بند ٽوڙي شهرن تائين اچي پهتو. خيرپور ناٿن شاهه ٻڏي ويو، ميهڙ ۽ جوهي کي شهرين، ڪجهه چونڊيل نمائندن ۽ ڪجهه فرض شناس سرڪاري آفيسرن گڏجي بند ٻڌي ٻڏڻ کان بچايو، جڏهن ته دادو، ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ کي بچائڻ لاءِ منڇر جي بند ۽ سنڌو درياءَ جي بند کي سيوهڻ لڳ رليف ڪٽ ڏئي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سيوهڻ ۽ ڀان سيد آباد وچ ۾ سوين ننڍا وڏا ڳوٺ ٻڏي ويا. هن وقت وڏين آبادين وارن شهرن اڳيان بچاءُ بند ٺاهي انهن کي گذريل ٻوڏ کان اوچو رکيو وڃي ته جيئن ڪنهن امڪاني ٻوڏ کان انهن شهرن کي بچائي سگهجي ۽ انهن کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ هٿراڌو گهارا هڻائي ٻهراڙيون نه ٻوڙيون وڃن.

گذريل سالن ٻوڏ کان بچاءُ وارن جن به بندن، سم نالن ۽ واهن کي گهارا پيا يا هنيا ويا، انهن جي چوڪسي ڪري پاڻيءَ جي دٻاءَ وارن ۽ ڪمزور حصن کي وقت سر پختو ڪيو وڃي. هڪ ڳالهه چڱي ٿي آهي ته آبپاشي کاتي گذريل سال لڳل گهارن کي ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان هلندڙ بحالي واري پروجيڪٽ هيٺ بند ڪري ڇڏيو آهي. البته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻوڏ کان بچاءُ واري سموري ڄار کي ڪرڙي اک سان ڏسي انهن کي مضبوط ڪيو وڃي. غير معمولي برساتن يا گليشيئر ڳرڻ سان ايندڙ وڏين ٻوڏن کي روڪڻ ايترو آسان ناهي. بندن کي ڪيترو به پختو ڪجي، اهي هڪ حد کان وڌيڪ ٻوڏ جي سٽ نه سهي سگهندا، تنهنڪري آفتن جي حالت ۾ بدترين صورتحال جي تياري ڪرڻ ئي بهترين بچاءُ آهي. جانيون ۽ عوامي توڙي ذاتي ملڪيتون بچائڻ لاءِ مڪمل تياري هجڻ لازمي آهي. گذريل سال ڪيترن ئي موقعن تي تياري نه هجڻ يا ڪمزور هجڻ جون ثابتيون سامهون آيون. هر سال صوبن توڙي وفاق جي چوماسي جي تياري جو هڪ پلان ٺهندو آهي. اها سموري اهم مشق ڪيترن ئي ورهين کان هڪ سرڪاري رسم ۾ تبديل ٿي وئي آهي. هن سال ان مشق کي سنجيده ورتو وڃي. نيشنل ۽ پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيون ٻوڏ ۽ ٻين آفتن کان بچاءُ واري تياريءَ جون قانوني طور تي ذميوار آهن. صوبي اندر پي ڊي ايم اي کي بچاءُ واري تياري جي ڪم جي سرواڻي سونپڻ گهرجي. هيٺين سطح تي ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪميٽيون مُهڙ وارو دستو هونديون آهن، پر انهن جو عملي طور وجود نظر نٿو اچي. سرڪار کي گهرجي تي ڊي ڊي ايم اي کي هر ضلعي ۾ باقاعده قائم ڪري انهن کي انساني، مالي ۽ مادي وسيلا فراهم ڪري ته جيئن ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ اهي پنهنجي ڪردار ادا ڪري سگهن.

هر ضلعي جون حالتون مختلف آهن، تنهنڪري ضروري آهي ته ضلعي سطح تي ٻوڏ بچاءُ جا پلان تيار ڪيا وڃن، مختلف سرڪاري آفيسرن، اين جي اوز ۽ رضاڪارن جي ذميوارين جو هاڻي کان ئي تعين ڪيو وڃي ۽ ضلعي سطح تي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل وسيلا/سامان هن وقت ئي مهيا ڪيا وڃن. ايمرجنسي ٽرانسپورٽ، پاڻي نيڪال لاءِ موٽرون، انهن جي لاءِ ٻارڻ، تنبو، کاڌ خوراڪ، پاڻي، دوائون، ايمرجنسي لائٽون، ٻيڙيون، جنريٽر وغيره هاڻ کان ئي ضلعي سطح تي محفوظ جاين تي ذخيرو ڪيا وڃن.

جيڪڏهن حڪومت کي ان ڏس ۾ فني واهر جي ضرورت آهي ته آفتن وقت ڪم ڪندڙ عالمي تنظيمن خاص طور تي گڏيل قومن جي اداري کان مدد وٺڻ گهرجي، جن وٽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جو وسيع تجربو آهي.

سنڌ اڃا گذريل سال جي ٻوڏ سٽيلن کي ٻيهر آباد ناهي ڪري سگهي، 21 لک گهر، 20 هزار اسڪول، 8500 ڪلوميٽر روڊ، 165 پليون ۽ 1750 موريون نئين سر ٺاهڻ يا انهن جي بحالي ڪرڻ ڪو چرچو ناهي. ان صورتحال ۾ جڏهن اڃا گذريل سال جي بحالي شروع مس ٿي آهي، سنڌ ڪنهن نئين آفت جي نقصان جو بار کڻي نه سگهندي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مهلائتي تياري ڪري ته جيڪڏهن هن سال به وڏا مينهن پون يا ڪا ٻوڏ اچي ته نقصان جي شدت کي گهٽائي سگهجي. ان مقصد لاءِ هينئر ئي اپاءُ ۽ اڳڀرائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته آفت اچڻ کانپوءِ مهلت ناهي ملندي.