‘رامڪلي’ جوڳياڻي عورت هئي؟

0
97
‘رامڪلي’ جوڳياڻي عورت هئي؟

  خليفي نبي بخش “قاسم” لغاريءَ جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي، ڪنهن انگريز اسڪالر يا پرڏيهي عالم قلم ڪو نه کنيو، ان ڪري ھُو اُها حيثيت ۽ مڃتا ماڻي نه سگھيو، جنهن جو هُو حقيقي حقدار هو. ڀٽائي صاحب کي به سڀ کان پهريان ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ صاحب، رسالي جي صورت ۾ روشناس ڪرايو. ان بعد ايڇ ٽي سورلي، رچرڊ برٽن ۽ ڪئپٽن اسٽئڪ جهڙن قدردانن قلم کنيو، ته ڀٽائي صاحب جي اسان مالڪي ڪئي ۽ وڏي فخر سان چيوسون ته “لطيف دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي”. اهو اسان جو اصل کان وٺي اصول ۽ رويو  رهيو آهي ته پنهنجن جي عزت افزائي ۽ همت افزائي تيستائين ڪو نه ڪندا آهيون، جيستائين ڪو پرڏيهي عالم يا اسڪالر انهن لاءِ قلم نٿو کڻي. اهو ساڳيو سلسلو اڄ به اسان جي اديبن، عالمن ۽ ادارن وٽ جيئن جو تيئن جاري و ساري آهي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾، شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “ڪُلهي پاتم ڪينرو” ۾ هڪ هنڌ لکيو هو:

وِڌوا جو مـــــڙھ آھِ ادب، اڄ ڪـــــلھ سنـــڌي ٻوليءَ جــــــو.

ويندو نيٺ وسامي، هاءِ! ٽِمـڪي ٽِمڪـــــي ڪو ٽـــــــانڊو.

ڪيسين جلندي رهندي جوت، ويرِي جنهن جو واچوڙو.

انهيءَ نظم لکڻ کي توڙي جو 60 سال گذري ويا آهن، پر اسان جو سنڌي ادبي معاشرو، اڃان تائين اُتي جو اُتي اڙيل ۽ وڏي بيدرديءَ سان بيٺل نظر اچي ٿو. ان ۾ ڪنهن به قسم جي اصلاح ۽ ادبي رواداري ناهي آئي.

اسان جو ادبي دوست ۽ شاعريءَ ۾ “قاسم شناس” محمد خان مري سروري صاحب چوندو آهي ته، “خليفو نبي بخش “قاسم” لغاري، خيالن جي اظهار ۾، ڀٽائي رحه کان به رتي ٻه رتيون سرس آهي”. سيد دلاور شاھ چوندو آهي، ته “بيشڪ! ڀٽائي شاعرن جو سرتاج آهي، پر خليفي صاحب، ڀٽائي کان به وک وڌائي ڳالھ ڪئي آهي.” خيال پنهنجو پنهنجو، پسند پنهنجي پنهنجي. البت انهيءَ ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي، ته خليفو نبي بخش “قاسم” لغاري، ڀٽائي ثاني شاعر ضرور سڏجي ٿو. جڏهن انگريز هندوستان تي حڪمراني ڪندا هئا ته انهن جي بنيادي مخالفت، راشديه سلسلي جي پاڳارا خاندان سان عالمِ آشڪار هئي. جيئن ته خليفو صاحب نه رڳو پاڳارا خاندان جو مريد هو، پر سندن خليفو به هو. ان ڪري انگريزن کيس ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو. خليفي صاحب جي ڪلام پڙهڻ سان، سرير مان سياٽو اُڀري ويندو. خليفو صاحب چوي ٿو:

سَڌڙِيا سَڌُون ڪَنِ، سَـدا مُند شَـــرابَ جُــــون،

“قاسم” ڪَڙي ڪَڪوھ جو، تَرو نه ڇُتو تَنِ،

جِيءَ ڪَڙا ڪِئا جَنِ، پِيتِيُون تَـــنِ پِيالِــــيُون.

خليفي نبي بخش “قاسم” لغاريءَ جو جنم 1776ع ۾ ٿيو، سندس والد صاحب جو نالو بالاچ خان هو. خليفي صاحب جي زندگيءَ جو مفصل احوال، سندس ڪتاب “خليفي صاحب جو رسالو” مان ملي ٿو. سندس ڪتاب مان حقيقي ۽ مجازي محبت جون موجون ۽ ڇوليون ڇُلندي نظر اچن ٿيون. هن ليک لکڻ جو مقصد، شاھ لطيف ۽ خليفي صاحب جي ڪلام جو موازنو ڪرڻ ڪونهي. البت خليفو صاحب جنهن محبت ۽ منزلت جو مستحق آهي، ته ان بابت هر حالت ۾ لکڻ گھرجي. خليفي صاحب جهڙن هيرن جي زندگيءَ جو هڪ هڪ ڏينهن، هڪ هڪ دور هوندو آهي. خليفي صاحب بچپن، جواني ۽ ٻُڍاپي وارا ٽيئي دور، وڏي شان ۽ شوڪت سان گذاريا. سندس دورن جو دستاويز، ان جو رسالو آهي. ان جي شاعريءَ وارو لهجو، گھاڙيٽو ۽ فلسفو آهي. خليفي صاحب جو ڪلام اوڻٽيهن سُرن تي آڌاريل آهي. هن کان هيٺ سندس ڪلام جون ڪجھ سِٽون ڏيکارجن ٿيون، جن مان پڪي پختي پروڙ پوي ٿي، ته خليفي صاحب جو ڪلام ڪهڙين بُلندين تي بيٺل آهي.

01: ڪَلالاڻي ڪـــــــاتَ کي، ڪُهندي چَڙهي نه ڪَٽ. (ڪلياڻ 04)

02: جَهنگل جھوڪُون اُن جُــــــــون، ليڙا لامڪــــانَ. (کنڀــــات 14)

03: ماڻِڪَ تَنِ مِڙنِ، ساڪِـــــــــنَ جي سَمونڊر جـــا. (ســـريراڳ 17)

04: “قاسم”ڪارونڀارَ جِي، سُڄي ڳالھ ڳرِي. (ســــــــامونڊي 21)

05: کرڙِي کائي رَتُ، ڀَـــــــتُ نه وجھـــــي وات ۾. (ڪـــيڏارو 40)

06: جِئن جِئن ڪَرِيان سَڏ، تِئن تِئن وَڃَـــــــنِ تـڪِڙا. (سسئي 80)

07: حُورَنِ ٻَڌا هَٿڙا، پَرِيُون ٿِيُـــــــــون پيـــنارَ. (بروو سنــــڌي 123)

08: چَٻي پانَ سوپارِيُون، ســـــــــوڍو مومـــــل ســــاڻَ. (راڻـــــو 134)

09: سامِيَـــــــــــنِ سِڱڙِيَنِ ۾، وَحِدتَ ڦُوڪَ وَڄائِي. (رامڪلي 149)

10: سا مَ وِهامي راتِ، جِنهــــــــــــن ۾ گَڏِيــــــا سُپرِيــــن. (رپ 150)

11: بازِي عشق جِي کيڏڻ وارَنِ،ڪَنِ کَٽِي،ڪَنِ هارِي. (ليلان 152)

12: اورِيندي اَرَٽَ، ڏورِي ڇِڪِـي سَڄَڻـــــــــــين. (ڪاپائـتـــــي 161)

13: تَنِي چُوسِي چِڪَ، ڏانَ لڌائُـــــــون ڏيـڏرِيُــــــون. (گــھاتــــو 164)

14: سَڄَڻَ گَڏِيا سَڄَڻــين، هــــاڻِ رَقِيـــــــــبا! رو. (ڌنــاســــــــري 188)

15: ڇَتا ڌُوڙَ ڀَڪُلِيا، مــيري مُونهـــــــن مَــلنــــــــگَ. (پــــــورب 190)

خليفي صاحب جي ڪلام جا ڪيترائي خوبصورت ۽ ناياب قلمي نسخا لکيا ويا. انهن ۾ ڪي بليڪ اينڊ وائيٽ ته ڪي رنگين قلمي نسخا به شامل آهن. مون کي سڀ کان پهريان خليفي صاحب جي سُر رامڪليءَ مان خبر پيئي، ته “رامڪلي” نالي سان به ڪا سامياڻي يا جوڳياڻي عورت هئي، جيڪا هنگلاج ۽ گورکناٿ تائين، پوربين سان پيدل گڏجي، تيرٿ ياترا تي ويئي ھئي. اهڙو پڪو پختو ثبوت، خليفي صاحب جي هيٺين بيتن مان ملي ٿو:

1: رامڪلي، ڪِنهن نه پَلِي، چَلِي سامِيَنِ سَنگَ،

ڇَڏي ننگَ نِسَنــگَ، گڏِي گـــورک نــــاٿ کي.

2: رامڪلي، ڪِنهن نه پَلِي، ٿِي جوڳياڻِي جوءِ،

چَڙهِي اُڀِي چـــــوءِ، “آن ڪـــي جوڳي گـــڏِيا”؟

خليفي صاحب جي هڪ ماسات جو نالو “قاسم” هو، جنهن سان محبت جي مضبوط ميخ مڙھيل هئي. ان ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ “قاسم” تخلص ڪم آندائين. خليفي صاحب جي مادري ٻولي سرائيڪي هئي، جنهن ۾ ڪافي سارو ڪلام به چيائين.هتي نموني خاطر هڪ سرائيڪي بيت ڏيکارجي ٿو:

يار مَيڏي سِينگارَ ڪِيتا، سِر سُونهِنِ دُرست دُشالي_ افضل عالي.

مور ٿِيوِن ڪمزور، ويکِنِ جِٿِ ٽور ٽُرڻ دي چالي_ ناز نرالي.

موتِي ڏند، گھتن دلبند، جڏان چا ڪنڌ ڀَلا مُڙ ڀالي_ سَو غم ٽالي.

لال لبان سِر لالِي لائِي، خُوب کُليي گُل لالي_ بي مثالي.

سي منصورلکين مخمور ٿيوِن، ڀَرپُور پِيوِن پِيالي_ مَستِي والي.

سَومُشتاق چَڙهيي سِرسُولِي، کاڌي بَشِيهَر ڪالي_ زُلفان والي.

سَوعاشق مشتاق ٿِيوِن، جي مست ڦِرن مَتوالي_ ڪاڻ وِصالي.

ڳل وچ ڪفني، ڪرن گدائي، بِيک پِنن بيحالي_ تُنبڙِيان والي.

“قاسم!” ٿِي قربان تِنهان تَئُون، ڏيکي آپ ڏِکالي_ آ گڏ جالي.

خليفي صاحب جي شاعري ڇهن ٻولين تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ سنڌي، هنڌي، سرائيڪي، ڍاٽڪي، فارسي ۽ اردو ٻوليون شامل آهن. انهن ٻولين ۾ بيت، وايون، ڪافيون، مدح، مناجات، غزليات، مثنويون، سي حرفيون ۽ دوها وغيره ملن ٿا. خليفي صاحب جي شاعري، ٻهراڙين ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ڳائي وڃي ٿي. خاص ڪري پير صاحب پاڳارا جا مريد، مولودين وانگر ٻاري ٺاهي، ڪنن تي هٿ ڏيئي، وڏي شوق ۽ وجد سان ويهي ڳائن ٿا. ان راڳ کي “جماعتي راڳ” چئجي ٿو.هن وقت سموري سنڌ ۾ “لطيفي مچ ڪچهريون” ٿينديون رهن ٿيون، جيڪا نهايت مثبت ڳالھ آهي. هاڻي ضرورت هن ڳالھ جي به آهي، ته سموري سنڌ ۾ “قاسمي مچ ڪچهريون” به ٿيڻ گھرجن. اهڙي عمل سان نه رڳو خليفي صاحب جي شخصيت ۽ شاعري وڌيڪ متعارف ٿيندي، پرسندس ڪلام ۽ پيغام کي به سهڻيءَ ريت سمجھڻ ۾ مدد ملندي.

[email protected]