سنڌ لاءِ تعليمي نصاب ۽ ان جي اهميت

0
446
سنڌ لاءِ تعليمي نصاب ۽ ان جي اهميت

 ارڙھين آئيني ترميم کانپوءِ تعليم ھڪ صوبائي سبجيڪٽ بڻجي چڪي آهي. تعليم جو صوبائي معاملو ٿيڻ نه رڳو سنڌ صوبي کي ھڪ بھتر تعليمي نظام ٺاھڻ جو موقعو ڏنو ھو پر شايد جديد تاريخ ۾ ھي بلڪل پھريون موقعو ھو، جنهن کي صحيح طرح استعمال ڪري سنڌ جي ماڻهن جي تقدير بدلائي سگھجي ها. ارڙھين  آئيني ترميم سنڌ کي پنهنجي تقدير لکڻ جو حق ته فراھم ڪري ٿي پر اھو ٻيو سوال آهي ته ڇا اسان وٽ ايتري قابليت جرئت ۽ شعور آهي، جو اسان پنھنجي تعليمي نصاب کي پنهنجي تعليمي ضرورتن ۽ تھذيبي  تقاضـائن مطابق ٺاھي سگھون؟ ڇا اسان ۽ اسانجا ادارا واقعي ان قابل آھيون ته تعليم کي پنھنجو روشن مستقبل تخليق ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگھون يا تعليم جي مدد سان صرف ماضيءَ جي جھالتن، جھڙوڪ ڀوتارڪي نظام، موروثي سياست ۽ اوڻويھين صديءَ جي بيٺڪيتي بيروڪريسي جا ھٿ مضبوط ڪرڻ ۽ انڌي تقليد کي يقيني بنائڻ لاءِ استعمال ڪندا رھنداسين؟

تعليمي نظام ۾ نصاب کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. تعليمي نصاب اھو طئه ڪري ٿو ته ٻارن کي ڇا پڙھائڻو آهي ۽  ڪيئن پڙھائڻو آهي، پر ياد ڪرڻ گھرجي ته نصاب بلڪل غيرجمھوري انداز ۾ ٻار جي ۽ وقت جي ضرورت کي نظر انداز ڪندو آهي. ڇا پڙھائڻو آھي؟ ۽ ڪيئن پڙھائڻو آهي؟ وارا سوال اھو طئه ڪري ڇڏين ٿا ته اسان پنھنجي ايندڙ نسلن جو ڪھڙو مستقبل ٺاهڻ چاھيون ٿا. موجوده حالتن ۾ اسان جي تعليمي ادارن جي پڙھيل لکيل نوجوانن جي سڃاڻپ ڇا آهي؟ فائل ھٿ ۾، نوڪري لاءِ در در جا ڌڪا- غير نظرياتي سياسي پارٽين جي جلسن ۾ نعرا ۽ ڀوتارن جي چاپلوسي. ڇا موجوده تعليمي نظام جي پڙھيل لکيل نوجوانن ۾ ايترو شعور آهي ته ھو پنھنجي لاءِ، پنهنجي خاندان لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ بھتر سوچي ۽ عمل جي ميدان ۾ اچي سگهن؟ پاڻ به بھتر زندگي گذارين ۽ پنهنجن ماڻھن لاءِ به ڪجهه بھتر ڪري سگهن؟

قومن جو مستقبل ڪلاس روم جي اندر ٺھي ٿو ۽ ڪلاس جي اندر ڪھڙي قسم جي پڙھائي ٿيڻ گھرجي، ان جو دارومدار نصاب تي آهي. ارڙھين ترميم جي توسط سان نصاب سازي جو ڪم سنڌ جي صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي. نصاب سازي جي اختيارن ملڻ کي 12 سال ٿي ويا آهن، جنهن دوران حڪومتي سطح تي ڪوششون به ٿيون آهن پر ڪا خاطر خواھ تبديلي نظر ڪانه آئي آهي. جيئن ته تعليم قوم جي لاءِ انتھائي اھم معاملو آهي، انڪري سرڪار کي تمام سنجيدگي سان ان طرف توجهه ڏيڻ گھرجي. نصاب کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪم ضرور ٿيو آھي پر اھو ڏسڻ ضروري آھي ته ان جي نتيجي ۾ ڪلاس جي اندر پڙھائي جو عمل ۽ ٻارن جي سکڻ جو عمل ڪيترو بھتر ٿيو آھي؟ تعليم ڪٿي ٻارن جي ذھنن ۾ فضول خوف خطرا يا خوش فھميون يا ڪنهن مخصوص طبقي يا سوچ جي ماڻھن لاءِ نفرت يا عقيدتمندي ڀرڻ جو ڪم ته نه ڪري رھي آهي؟ اھو سمجهڻ انڪري ضروري آهي، جو غلط تعليم حاصل ڪرڻ غير تعليم يافته ھجڻ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. ھڪ متوازن تعليم جي نظام جو انهن شين سان ڪو به تعلق نه آهي. تعليم جو مقصد ٻارن جي صلاحيتن کي اھڙي طرح اجاگر ڪرڻ آھي ته هو پنھنجي ۽ پنھنجي خاندان ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. شاگرد سکڻي نعريبازي ۽ سماج جي حقيقي زندگي جي سچاين ۾ فرق سمجھي سگهن.

سٺي تعليم لاءِ اھو ھڪ اھم سوال ھوندو آهي ته تعليمي نصاب ڪھڙو ھجڻ گھرجي؟ پر ان سان گڏ اھو سمجھڻ به ضروري آھي ته نصاب ڪھڙي طرح ٺاھيو وڃي؟ نصاب جي مغربي ماھرن جي نصاب جوڙڻ لاءِ ڏنل نسخن جو استعمال  ڪيترو ضروري آهي؟ ڇا اولھ جي ماھرن جي طريقيڪار تي عمل ڪرڻ کانسواءِ نصاب نه ٺھي سگھندو؟ ڇا سنڌ ڌرتي تي ھزارين سالن کان رھندڙ ماڻهن جي ڪا اھڙي تاريخي علمي ڏاھپ موجود ئي ڪونه آهي، جيڪا سنڌ جو تعليمي نصاب ٺاھڻ ۾ مدد ڪري سگھي؟

تعليمي نصاب کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پھرين اھو سمجھڻ ضروري آهي ته معاشري ۾ تعليمي لحاظ کان اسانجون معاشي، سياسي ۽ تھذيبي ضرورتون ڪھڙيون آهن ۽ تعليم جي مدد سان اسان پنھنجا ڪھڙا مسئلا حل ڪرڻ چاھيون ٿا؟ عام طرح تعليم جا ٻه مقصد ٿين ٿا: ھڪ ظاهري مقصد، جيڪو عوام کي ٻڌايو ويـندو آهي ۽ ٻيو لڪل مقصد، جنھن  جي ڄاڻ صرف حڪمران طبقي کي ھوندي آهي. ظاھري مقصد ۽ لڪل مقصد بلڪل هڪٻئي جي مخالفت ۾ ھوندا آھن. عوام ظاهري مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ رڌل رھي ٿو ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪو شش دوران غير محسوس طريقي سان حڪمران طبقي جو مقصد حاصل ٿي وڃي ٿو. ان جي نتيجي ۾ پڙھيل لکيل طبقو حڪمران طبقي جو فرمانبردار، سندن ٺاھيل قانونن جو اکيون بند غلام، حڪمرانن جي ھر عمل ۽ حڪم جو تابعدار بڻجي پوي ٿو. ڪيترين ئي حالتن ۾ اھڙو لکيل پڙھيل ماڻهو سماجي ارتقا ۽ ترقي جو مخالف ۽ ڪيترن ئي اڻ ڄاتل خوفن جو شڪار رھي ٿو، جڏهن ته تعليم جو ظاھري مقصد عام فھم آهي، جيڪو انساني ترقي جي ڳالھ ڪري ٿو.

سنڌ صوبي جي معروضي حالتن کي ڏسندي تعليم جو ظاھري مقصد سمجھڻ تمام آسان آهي. ھن وقت سنڌ جا اڪثر ماڻھو مختلف سببن ۽ تاريخي ڏاڍاين جي ڪري معاشي طور تباھ ٿي چڪا آهن. ڀوتارڪي نظام تحت غلامي واري سوچ جو شڪار آهن، جنهن ۾ ھو ڀوتارن کي اڇي ڪاري جو مالڪ، روزگار جو ذريعو ۽ عزت ذلت جو مالڪ پيا سمجھن. موسمي تبديلين سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳايو آهي. ماڻهو ذاتين، قبيلن ۽ مذھٻي فرقن ۾ ورھـائجي ويا آهن. معاشي بدحالي جي ڪري سرڪار جي طرفان انڪم سپورٽ جھڙا پروگرام ڄڻ ته سنڌ جي ماڻھن لاءِ روزگار جو ذريعو بڻجي چڪا ھجن. صحت ۽ تعليم جھڙيون بنيادي سھولتون ته ڄڻ ماڻهن لاءِ عياشي جي مثال ٿي پيون آهن. ان صورتحال ۾ تعليم جو  ظاھري مقصد ماڻهن کي انهن حالتن مان ٻاھر ڪڍي عزت واري زندگي فراھم ڪرڻ ھجڻ گھرجي.

ھاڻ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ھن وقت سنڌ جو تعليمي نصاب انھن  مسئلن جا حل پيش ڪري ٿو؟ يقينن ان جو جواب ناڪاري آهي. ڇا اسانجو نصاب اسانجي حل طلب سماجي، شعوري، سياسي، اخلاقي، معاشي ۽ انتظامي مسئلن تي غور ڪرڻ ۽ منطقي انداز ۾ انھن کي حل ڪرڻ لاءِ ٻارن ۾ اتساھ پيدا ڪري ٿو؟ يا اسانجي نصاب جو اسانجي مسئلن سان ڪو تعلق ئي نه آهي؟ اھو سڀڪجھ سمجھڻ لاءِ تعليمي ماھر ھجڻ ضروري نه آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جو تعليمي نصاب ٺاھڻ جي ذميواري سرڪاري اداري ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ  DCAR تي آهي پر سنڌ جي ھر ماڻهوءَ تي فرض آهي ته هو پنهنجي ٻارن جي بھتر تعليم لاءِ سوچي ۽ بھتر نصاب جي تقاضا ڪري. DCAR نصاب کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ضرور ڪيون آھن پر ان کي اڄ جي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي ضرورتن مطابق بنائڻ لاءِ تمام گھڻي محنت جي ضرورت آهي. اسانکي پنھنجي نصاب کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ڇا اسانجو نصاب ٻارن کي اسانجي مسئلن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو؟ ڇا ان نصاب جي مدد سان اسانجا ٻار موجوده جاھلانا ريتن رسمن، جھڙوڪ قبيلائي جھيڙن ۽ ڀوتارڪي نظام مان نڪري سگھندا؟ ڇا ھي نصاب ٻارن کي نسلن کان ھلندڙ معاشي استحصال جي آگاھي ڏئي ٿو ۽ ان مان نڪرڻ لاءِ اتساھي ٿو؟ اسانجي زراعت ۽ صنعت جي تباھي جا سبب سمجھائي  ۽ مستقبل جا محفوظ رستا ڏيکاري ٿو؟ ڇا ھي نصاب اسانجي سماج ۾ موجود انتھائي اڻبرابري تي سوال اٿارڻ لاءِ اتساھي ٿو؟ ڇا ھي نصاب ٻارن ۾ اسانجي سماج ۾ موجود ناانصافين ڏاڍ ۽ ظلم جي باري ۾ شعور ڏئي ٿو؟ ڇا ھي نصاب اسانجي ٻارن ۾ جديد سائنسي لاڙن جي آگاھي ۽ سائـنس ۽ ٽيڪنالوجي کي سمجهڻ ۽ ان کي پنھنجي ۽ انسانيت جي ڀلي لاءِ استعمال ڪرڻ جو شوق ۽ صلاحيت پيدا ڪري ٿو؟

جيڪڏهن مٿين سڀني سوالن جا جواب ناڪاري آهن ته انجو مطلب آهي ته اسانجو نصاب اسان لاءِ نه آهي، بلڪ اھو صرف حڪمران طبقي جي مقصد پوري ڪرڻ لاءِ آھي. ان صورتحال ۾ اھو ضروري آھي ته سنڌ جو باشعور دانشور طبقو ان لاءِ آواز اٿاري ته سنڌ جي تعليمي نصاب کي اڄ جي سنڌ جي علمي، سياسي، معاشي، ثقافتي ۽ معاشرتي ضرورتن جي مطابق ٺاھيو وڃي.

سنڌ جي اڪثر مسئلن جو حل سنڌ جي اسڪولن لاءِ سٺي نصاب ۾ موجود آھي. سٺي نصاب جو مطلب اھڙو نصاب آهي، جيڪو سنڌ جي علائقـائي، سياسي، سماجي، معاشي، علمي  شعوري ۽ سائنسي ترقي جي ضرورتن جي عين مطابق ھجي. ان نصاب جي تحت تعليم حاصل ڪرڻ وارا ڀوتارن جي چاپلوسي ڪندڙ ۽ بيٺڪيتي سوچ رکندڙ سياستدانن جا واٺا نه ، بلڪ سائنسدان، ڊاڪٽر، انجنيئر، خلائي ماھر، آرٽيفيشل انٽيلجنس جا ماھر پيدا ٿين.

(ليکڪ آءِ بي اي سکر ۾ پروفيسر آھي ۽ انگلينڊ مان گلوبل سٽيزن شپ تي ڊاڪٽريٽ ڪيل اٿن.)