سنڌ کي اهڙو نسل کپي ….

0
99
سنڌ کي اهڙو نسل کپي ....

 نئون نسل قوم جي روح  کي پاتل هڪ اهڙو بدن آھي، جنهن جي بيھڪ تاريخ جي مٿي جو جهومر بڻجڻي آھي. نئين نسل جي ڳالهين جون ڳنڍون اڪثر ڪچهرين ۾ کُلنديون رهنديون آھن. ٿر جي اَڇي واريءَ کان وٺي ٿاڻي بولاخان جي جبلن تائين ۽ ميرپور ساڪري کان وٺي ميرپور ماٿيلي تائين نئين نسل بابت ڪيئي خيال چپن جي چائنٺ اورانگهي سماج جي ڪنن جا در کڙڪائين ٿا، جن ۾ نيڪ تمنائون ۽ صلاحون هونديون آھن پر انساني سماج جو تجرباتي سچ اهو آھي ته سَکڻيون صلاحون سلامتيءَ کي برقرار رکي ناهن سگهنديون ۽ رڳو نيڪ تمنائون نيڪ نتيجا ڏيڻ جي قابل ناهن رهنديون، تنهن ڪري نئين نسل جون اکيون نراليون تڏھن ٿينديون، جڏھن انهن ۾ محبت، علم، انصاف ۽ آزاديءَ لئه پيار وڌي وڏو ٿيندو ۽ غلامي لئه نفرت جواني ماڻيندي!

                 عالمي سامراجي قوتن جي اثر، رياستي ڏاڍ ۽ طبقاتي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ هن سنڌي قوم کي اهڙو نسل کپي، جيڪو چارلس ڊارون، ڪارل مارڪس ۽ سگمنڊ فرائيڊ کي هينئين سان هنڊائي. اول سمجهي ته انساني تاريخ جا بُنيادي تضاد مادي ۽ طبقاتي آھن ۽ ائين سمجهڻ کان پوءِ ويهي نه رهي پر هزارين سالن جي سماجي ڍانچن جي بيهوده بيھڪ، نوعيت ۽ سٽاءُ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تحقيق ۽ پرک جا نوان موضوع، دڳ ۽ راهون هموار ڪري. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو طبيعت ۾ گهڙيال وانگر سادو ۽ پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ وقت وانگر قيمتي هجي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو وڏيري، بلڊر، ڌاريي ۽ سرمائيدار خلاف ماڻھن کي سياسي طور منظم ڪري سياسي سرپرستي جي چنبي مان ٻاهر ڪڍي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جنهن مان خوف جي بوءِ اچڻ بدران جدوجھد جا شعلا ڏسڻ ۾ اچن؛ جيڪو حاڪم ذھنيت جي هوڏ هٽائڻ لئه حياتي جي سمورن حسابن کان آزاديءَ جو عشق اوچو رکي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو جمھوريت جي وڻندڙ ويس ۾ مظلوم ماڻھن جي قتل عام ۽ نسل ڪشي واري واردات جي عوامي ٻوليءَ ۾ وضاحت ڪري شعور جو دان ڪري. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جنهن کي منصوري، سرمدي، سقراطي، مسيحي، لينني، ڀڳت سنگهي ۽  چي گويرائي رسمون ائين ياد هجن، جيئن پرائمري جي ٻار کي ٻِڪي جو کوڙو ياد هوندو آھي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو انتهاپسندي، نراجيت، مهم جوئي، عقيدي پرستي، اوهام پرستي ۽ تنگ نظريءَ کي هڪ پاسي رکي روشن خيالي، ترقي پسندي، سائنسي سوچ ۽ عقليت پسندي کي ائين اپنائي، جو اها هن جي زندگي جو رهنما اصول ۽ عادت ٿي وڃي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو ضمير ۽ شعور کي ڦوروئن طرفان ملندڙ گُهٽن کي گار سمجهي، جيڪو عوام کي وڃي ٻُڌائي ته هي رياست سردارن، نوابن، چوڌرين، دھشتگردن، جاگيردارن، سرمائيدارن، ۽ بيروڪريسي جي سھاري تي هلي رهي آھي ۽ نئين عوام دوست انقلابي نظام جي تشڪيل لئه عوام کي صرف ٻڌي جي ضرورت آھي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو نظرياتي دليل جو جواب طاقت جي بندوق سان ڏيڻ واري ڪلچر کي ڪنڌ وارو ڌڪ هڻي مڻڪي  مان ئي اکوڙي ڇڏي، جيڪو ادراڪي خوابن ۽ انقلابي خيالن جي خوشبوءِ سان واسجي مايوسي جي نت نون سبقن کي ليکي ۾ ئي نه آڻي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جنهن جي سياسي سگهه، عملي ارڏائپ ۽ فڪري اُڏام ڏسي دشمن جو ڪنڌ ڀڄي پئي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو ماٺ جي جهنگ ۾ آواز جو مچ ٻاري سڄي سماج کي سُجاڳ ڪري، جيڪو ماضي جي غليظ ۽ هاڃيڪار ورثي مان جان ڇڏائي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو قوم جي اخلاقي تربيت ۽ فڪري اڳواڻي ڪرڻ لئه قرباني اڳتي اچي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو سنڌ جي اتھاس جي اکين ۾ سرمي جيان سھڻو ٿي بيهي، جيڪو ڪتابن کي جنمي تہ ڪميڻن کي موت اچي وڃي. گيت جهونگاري ته غفلت جر جي ڦوٽي جيان ڦسي پئي، ڳالھائي ته علم جي پوک پوکي ۽ عمل ڪري ته آيل سمورن انقلابن جو روح خوش ٿي پوي.

سنڌ کي اهڙو نسل کپي جيڪو لطيف، اياز ۽ بخاري جي شاعري جو ياد حافظ هجي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو لطيف جي سپنن جي ساڀيان جو حسين روپ هجي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو روپلي جي ڏڦي جي طاقت سمجهي سگهي، جيڪو چاڻڪيه، سن زو ۽ ميڪاولي جي جنگ جو فن ڄاڻي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جنهن کي جان ڪيٽس جا نظم ڀلي ياد نه هجن پر پابلو نروده، محمود درويش ۽ نزار ڪاباني جا اهي نظم ضرور ياد هجن، جيڪي انهن اندر جي جلاوطني ۽ جنگ جي ميدان ۾ لکيا. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو جديد سياسي نظرين جي پرک ڪري سگهي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جنهن ۾ عاجزي، نوڙت ۽ نهٺائي هجي ۽ اک الٽي ڌارڻ واري چريائپ پڻ. سنڌ کي اهڙو نسل کپي جيڪو پنهنجن خوابن جي حفاظت ائين ڪري، جيئن پکي واري ڪمري ۾ جهرڪي پنهنجي آکيري جو ڪندي آھي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو تاريخ جو درست مطالعو ڪري ۽ ميرانجهڙي تاريخ تي چِٽائيءَ جو چتر چِٽي ۽ رعيت کي ٻڌائي ته سچي تاريخ جي سيني ۾ تير هڻي حاڪمن توهان جي حقن سان سدائين حشر ڪيو آھي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو اوجاڳن جي لطف سان عشق ڪري ۽ ڪلهن تي مستقبل جي ذميواري جو بار سمجهي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو مايوس ۽ محروم عوام کي وڏي واڪي چئي ته اسين بي عزتو موت نه پر باوقار جياپو چاهيون ٿا ۽ اُن لئه جيڪڏھن رت کپي ته اسين تيار آھيون. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو عوام کي سمجهائي ته بھادر اهو ناهي جيڪو گهڻا ماڻھو ماري پر بھادر اهو آھي، جيڪو گهڻا ماڻھو جيئاري.

سنڌ کي اهڙو نسل کپي جنهن جي موقف ۾ ڌرتي جو تاريخي فرياد ۽ پنهنجي قوم جي محروميءَ جو داستان هجي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو پنهنجي مظلوم قوم ۽ طبقن کي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي سونهري دور ۾ داخل ڪرڻ لئه وقت جي قابض ۽ غاصب حُڪمرانن جي غيض و غضب جو نشانو بڻجڻ کان نه ڊڄي، ڌرتي جي زخمن جو آواز ۽ درواڙن جي دانھن جو پڙاڏو بڻجي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو سُڃ ۾ ستاري جيان رهنمائيءَ جو فرض ادا ڪري. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو انقلاب کي پنھل سمجهي سسئي جيان پنڌ ڪري. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو مارئي جيان وطن سان محبت ڪري ۽ سھڻي جيان عشق جي علامت بڻجي خطرن جي درياءَ ۾ گهڙي. سنڌ کي اهڙو نسل کپي، جيڪو پنهنجي سوچ کي جدليات جو جلد پهرائي، سچ کي سراڻ چاڙھي ۽ مزاحمت جو مچ ٻاري.