شھدادپور (رپورٽ: عبدالحميد کوسو) شھدادپور تڪ تان چونڊيل پ پ ايم پي اي لاءِ زرداري هائوس جا دروازا بند، آصف علي زرداري سان عيد ملڻ لاءِ ويل ايم پي اي شاهد ٿهيم کي سڪيورٽي عملي اندر داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، ايم پي اي جون منٿون ۽ ايلاز، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، ان ڏس ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي شاهد عبدالسلام ٿهيم کي زرداري هائوس نوابشاھ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو. شهدادپور مان چونڊيل ايم پي اي شاهد ٿهيم عيد ڏهاڙي آصف زرداري سان ملاقات لاءِ زرداري هائوس نوابشاھ پهتو،ته سيڪيورٽي عملي کيس مُک گيٽ تي روڪي ورتو، ايم پي اي کي تعارف ڪرائڻ باوجود اندر نه ڇڏيو ويو. اهڙي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تر وائرل ٿي وئي آهي، وائرل ٿيل وڊيو ۾ پ پ ايم پي اي شاهد عبدالسلام ڪيتري ئي دير تائين سڪيورٽي عملي کي منٿون ڪندي نظر آيو. ايم پي اي پنهنجو تعارف ڪرايو ته هو ايم پي اي شاهد ٿهيم آهي، پري کان آيل آهي کيس اندر اچڻ ڏنو وڃي، صاحب کي صرف سلام ڪرڻو آهي پر سندس هڪ به نه هلي. ڀر ۾ بيٺل هڪ وڪيل طرفان اندر داخل ٿيڻ کان روڪڻ واري دانهن تي شاهد ٿهيم ڪاوڙ واري لهجي ۾ وراڻيو ته سندس نالو لسٽ ۾ شامل هجڻ باوجود کيس ئي اندر نه پيو ڇڏيو وڃي. ذريعن موجب ايم پي اي واپس موٽڻ تي مجبور ٿي ويو.