ڪشمور ضلعي ۾ ڪچي جي 20 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين ڌاڙيلن جي قبضي هيٺ هجڻ جو انڪشاف

0
35
ڪشمور ضلعي ۾ ڪچي جي 20 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين ڌاڙيلن جي قبضي هيٺ هجڻ جو انڪشاف
ڪشمور ضلعي ۾ ڪچي جي 20 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين ڌاڙيلن جي قبضي هيٺ هجڻ جو انڪشاف

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عمران علي کوسو) ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ۾ ڪچي جي 20 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين ڌاڙيلن جي قبضي هيٺ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ذريعن کان گڏ ڪيل معلومات موجب ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ضلعي جي ڪچي ۾ 72 ڪلوميٽرن تائين ڦهليل 20 هزار سرڪاري زمين  ڌاڙيلن جي قبضي هيٺ آهي، درياهه سبب اها سرڪاري زمين زرخيز هجڻ ڪري ساليانو اربين رپين جي اپت ڏئي ٿي جنهن سبب اها سرڪاري زمين  ڌاڙيلن لاءِ سون جي کاڻ بڻيل آهي

ذريعن موجب درياهه جو مٺو پاڻي ملڻ سبب قبضي هيٺ آيل سرڪاري زمين مان  ڌاڙيلن کي في ايڪڙ 30 مڻ جي حساب سان 6 لک مڻ ڪڻڪ جي اپت ٿئي ٿي، ڌاڙيل رڳو ان ڪڻڪ جي اپت مان 5 ارب رپيا ساليانو ڪمائين ٿا، جڏهن ته اربين رپين جي ان رقم ڏوهارين لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. پوليس آفيسر به ڪيترائي ڀيرا سرڪاري زمين ڌاڙيلن جي قبضي ۾ هجڻ ۽ ان جي اپت مان جديد هٿيار خريد ٿيڻ جو اعتراف ڪري چڪا آهن

ان حوالي سان پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل جديد هٿيار، گولا بارود ۽ گوليون وڏي انگ ۾ خريد ڪري سڄو سال پوليس ۽ عام ماڻهن خلاف استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته پوليس پڻ مختلف وقتن ۾ اهو اعتراف ڪندي رهي آهي ته ڏوهارين وٽ جديد هٿيار موجود آهن ۽ ان جي ڀيٽ ۾ پوليس وٽ اهڙا جديد هٿيار نه هجڻ ڪري پوليس ڏوهارين سان مقابلو نه ڪري سگهي آهي

سرڪاري زمين تي جاگيراڻي ۽ انڍڙ گينگ جي ڏوهارين جو قبضو

ڪنڌڪوٽ:ڪچي ۾ سرڪاري زمينن تي مختلف ڏوهاري ٽولن جاگيراڻي،سبزوئي،ڀيو،بنگوار،شر،انڊڙ گينگ جي ڏوهاري ٽولن جي قبضي هيٺ آهن جيڪي قبضي هيٺ ڪيل زمينن تي پوکي ڪري انهن جو فصل پڪي تي وڪرو ڪري اربين روپيا ڪمائي رهيا آهن

ڪنڌڪوٽ: مغوي بئنڪ ملازمن جي وارثن کان 80 لک رپيا ڀنگ طلب، اڄ ڌرڻي جو اعلان

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل نجي بئنڪ ملازمن جي آزادي لاءِ وارثن کان ڌاڙيلن فون ڪال ذريعي ڀنگ طلب ڪري ورتو.ڌاڙيلن پاران 5 ئي ملازمن جي آزادي عيوض 80 لک روپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو، ڌاڙيلن مغوي بئنڪ ملازم محمد عالم گولو جي موبائيل فون تان لون آفيسر الطاف حسين گولو جي وارثن ڏانهن فون ڪال ڪري 80لک روپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو، ڌاڙيلن پاران مغوي الطاف حسين گولو جي ڀاءَ ذوالفقار گولو ڏانهن فون ڪال ڪري چيو ته 80 لک روپين جو بندوبست جلدي ڪري وٺو، ڀنگ جا پئسا جلدي نه مليا ته مغوين کي تڪليف ايندي رهندي

مغوي الطاف حسين گولو فون ڪال ذريعي وارثن سان ڳالهائيندي چيو ته ڏاڍي تڪليف ۾ آهيون، جيترو جلدي ٿي سگهي پئسن جو بندوبست ڪري اسان کي آزاد ڪرايو وڃي، ڌاڙيلن پاران ڀنگ جا پئسا طلب ڪرڻ ۽ مغوي بازياب نه ٿيڻ خلاف سڀاڻي (اڄ) انڊس هاءِ وي انڙ پل وٽ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته 18ڏينهن اڳ دڙي ويجهو نجي بئنڪ ملازم 5 ڄڻن ڊرائيور محمد عالم گولو، لون آفيسر الطاف حسين گولو، مئنيجر فرمان علي لانگاهه، گلاب علي ڏاهاڻي ۽ سڪيورٽي گارڊ شاهنواز نصيراڻي کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا، اغوا ٿي ويل بئنڪ ملازم رڪوري تي ويل هئا ۽ واپسي تي هٿياربند ڌاڙيلن دڙي وٽان اغوا ڪري فرار ٿي ويا هئا