بدين(رپورٽر ) قاضيه واھ سب ڊويزن مان نڪرندڙ نورواھ شاخ  جي آبادگارن پوليو جا ڦُرا پيارڻ کان انڪار ڪندي يوسي وائيس چئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پنجاھ کان مٿي ڳوٺاڻن نورواھ شاخ مان نڪرندڙ واٽر ڪورس نمبرآيل آر 14آڏو آبادگاراڳواڻن حاجي خاصخيلي، صديق ملاح ،بجار چانگ، ۽ صالح ڀٽي پنھنجي ٻارن کي پوليو مھم دوران پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،آبادگار اڳواڻن تقريرون ڪندي ۽ صحافين آڏو دانھيندي چيو ته يوسي وائيس چئرمين پنھنجي ڏاڊ مڙسي ڪندي ڇھن مھينن کان آبادگارن جي حصي جو پيئڻ وارو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي جنھن جي ڪري پنجن گوٺن جي ذرعي آبادي نه ٿيڻ سميت ماڻھون توڙي چوپائي مال جي لاء پيئڻ جو پاڻي نه آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته وائيس چيئرمين  يزيد جي دور جي ياد تازا ڪري ڇڏي آھي،ھنن چيو ته اسان بار بار دانھون ڪيون پر ڪو داد فريادنه ٿيو چونڊيل نمائيندن سميت ضلع انتظاميه ڪنھن به نوٽيس نه ورتو، ھاڻي اسان به ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا ايسيتائين نه پيارينداسين جيسيتائين اسان جي حصي جو پاڻي اسان کي نه ملندو ھنن ڊي سي بدين کي اپيل ڪئي ته سندن جياپي جو مسئلو حل ڪيو وڃي.