مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ عوام۽ مايوس نوجوان

0
136
مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ عوام۽ مايوس نوجوان

 “لوڪ لڏڻ تي چري اڏڻ ۾” واري پھاڪي مطابق ايٽمي طاقت رکندڙ پاڪستان جي عوام کي جنھن مھانگائي بيروزگاري جي چڪي ۾ پيڙھڻ کانپوءِ وري پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضاف ڪيو ويو آهي. ناڻي جي وزير اسحاق ڊار عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي ۽ ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل اضافي جو سبب ظاھر ڪندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 35/35 رپيا واڌ ڪري ڇڏي ليڪن پنھنجي ناڪامي جو اھو اعتراف نه ڪيو ته ٽي ٽي دفعا حڪومتن جو تجربو رکڻ جي دعويٰ ڪندڙن عوام کي  مھانگائي جي چڪي پيڙھي پورو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي کين ڪابه پرواھه ناھي. ان ڳالھه جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته سندن  خرچن ۾ ڪنھن به قسم جي گھٽتائي ناھي آئي پرڏيھي دورن کان ويندي سرڪاري پروٽوڪول بلٽ پروف بي ايم ڊبليو ۽ مرسڊيز گاڏين ۾ سفر ڪرڻ وزيراعظم، ايوان صدر ۽ منسٽر انڪليو ۾ رھائش رکڻ سميت تمام سھولتون انجوائي ڪري رھيا آهن.

                 قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن 17گريڊ  کان وٺي 22 گريڊ تائين جي ڪامورن کي ملندڙ پيٽرول سميت ڪنھن به قسم جي  الائونس کي ڪڏھن به بند ناھي ڪيو. ججن توڙي جنرلن جي مراعات ۾ اضافو ڪرڻ سندن منشور جو بنيادي  حصو ھوندو آهي ليڪن ناھي ته غريب عوام لاءِ ناھي جيڪو کين ووٽ ڏئي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائي ٿو. ناڻي جي وزير اسحاق ڊار وطن واپس اچڻ وقت وڏي دعويٰ ڪئي ھئي ته سندس پھچڻ شرط ڊار 200 رپين کان به ھيٺ اچي ويندو ۽ کيس ڏنڊو ھلائڻ جي ضرورت نه پوندي. اھا ٻي ڳالھه ته ڊالر سندس دعويٰ کي رد ڪندي گوڏا کوڙائي ڇڏيا ۽ 265 رپين تي پھچي ويو آهي. ان ڳالھه جي به خبر ناھي ته پھرين ڊالر ٿو 300 رپين تي پھچي يا وري پيٽرول في ليٽر300 رپين تي ٿو پھچي، جنھن رفتار سان اضافو ٿي رھيو آهي ان مان اھو ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ڇو ته عالمي مالياتي اداري آئي ايم ايف کان قرض  حاصل ڪرڻ جي لاءِ پيٽرول مصنوعات کان پوءِ بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾به اضافو ڪيو ويندو. جنھن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته ايندڙ ڪجهھ ڏينھن ۾ عوام کي بجلي جو خوفناڪ ڪرنٽ لڳائڻ سان گڏ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويندو. ٿي سگھي ٿو ته جنھن وقت توھين ھي سٽون پڙھي رھيا ھجو ان وقت تائين اھڙو فيصلو ٿي ويو ھجي يا ٿيڻ وارو ھجي اھو سڀ ڪجھه 9 فيبروري کان پھرين ڪرڻو آهي، ڇو ته 9 فيبروري تي قرض جي  حاصلات لاءِ آئي ايم ايف  جا شرط پورا ڪري ڏيکارڻا پوندا ان جي بغير قرض جي قسط ملڻ ممڪن ناھي. پر اھو سڀ ڪجهھ غريب عوام جي مٿان بار وجھڻ آهي جيڪو پھرين ئي مصيبت ۾ آهي اها الڳ ڳالھه آهي ته جنھن ملڪ ۾ بجلي گئس نه هجي  پر قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ انھن جي ذميواري ۾ شامل آهي ڇو ته ان جي بغير سندن گاڏو ھلڻ مشڪل ٿي ويندو آهي.

جيڪڏھن شين جي قيمتن جو جائزو ورتو وڃي ته ھر ايندڙ ڏينھن ۾ قيمتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رھيو آهي ھاڻي جڏھن تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي ته گاڏين جي ڪراين ۾ واڌ سان گڏ روز مره جي شين ۾ جن خاص طور تي سبزيون شامل آهن جون قيمتون پھرين آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيون آهن اهي اڃا به وڌي وينديون. پھرين غريب ماڻھو ڪڪڙ گوشت کائڻ جي سگهھ نه رکندو هو ھاڻي ان کان دال سبزيون به کائڻ کان پري ٿي ويون آهن. مشڪل سان ھڪ ھزار ڏھاڙي ڪمائيندڙ سئو رپين کان مٿي ڪلو اٽو، 280 رپين کان مٿي بصر ڪلو يا وري باقي سبزيون  جن جون قيمتون ايتريون وڌيل آهن جو ماڻھو ھٿ لڳائيندي ڊڄي وڃي ٿو اهي به خريد نه ڪري سگهندو. ليڪن جيڪڏھن پرواھه ناھي ته اها  حڪمران اشرافيه کي ناھي ڇو ته سندن چلھو ٻري رھيو آهي سندن ملڪيتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رھيو آهي جيڪي قرض کڻي پنھنجي عياشين تي لڳائي ڇڏيندا اھي سڌي اڻ سڌي ٽيڪسن جي وسيلي عوام کان وصول ڪري ڇڏيندا. کين خبر آهي ته سندن آڏو عوام جي حيثيت ٻڪرين رڍن واري آهي جن کي جيڏانھن ڌڪو ڏئي ڇڏڻو آهي اهي ان طرف ھلي پوندا. ھاڻي ته عوام مان رڙيون نڪرڻ جي سگھه به ختم ٿي وئي آهي. ان جو بنيادي سبب ھڪ اھو آهي جو ھڪ طرف کين مھانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو آهي ته ٻئي پاسي اها قيادت ناھي رھي جيڪا نجات ڏياري سگھي، رھي سھي ڪسر کين مختلف سياسي، مذھبي، قوم پرست پارٽين سان گڏ لسانيت ۽ مختلف فرقن ۾  ورھائي ڪڍي وئي آهي. مٿي جنھن ڳالھه جو ذڪر ته “لوڪ لڏڻ تي چري اڏڻ ”جو مثال ڏيڻ وارو مقصد هي هو ته هن وقت ملڪ جا نوجوان ملڪ مان نڪري وڃڻ ۽ پنهنجو مستقبل پرڏيھي ملڪن ۾ ڏسي رھيا آهن. ڊگريون رکندڙن کي روزگار ناھي سفارشن ۽ پئسن جي وسيلي جڏھن نوڪريون ڏنيون وينديون ان ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو نٿو ٿي سگھي. ان ڪري ملڪ ايٽمي طاقت ھئڻ جي باوجود ان جا بنياد ايترا ڪمزور ٿي ويا آهن جنهن جو تصور به نٿو ڪري سگھجي. بدقسمتي سان  حڪمران اشرافيه عوام کي دنيا جي ملڪن جا مثال ڏيندي ٿڪبي ناھي پر کانئن اھو وسري وڃي ٿو ته ترقي ڪندڙ ملڪن پنھنجي عوام کي تعليم، صحت، روزگار سميت تمام سھولتون ڏنيون آهن، باقي پنھنجي ملڪ ۾  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام يا ليپ ٽاپ اسڪيم جي ذريعي راضي رکيو وڃي ٿو يعني پنڻ جو رستو ڏيکارڻ سان گڏ پنج ڪلو اٽي لاءِ کين قطار ۾ انتظار ڪرايو وڃي ٿو پوءِ وري پوليس جي تشدد سان کين منتشر ڪيو ويندو آهي. چوڻ جو مقصد ته  حڪمران اشرافيه مان اميد لڳائڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آهي چڱائي جي اميد تڏھن پيدا ٿيندي آهي  جتي اشرافيه کي عوام جي تڪليف درد جو احساس ھوندو آهي. هن وقت سڄو ڏينھن  حڪومت ۽ مخالف ڌر جو پاڻ ۾ ڏينھن رات چور ڌاڙيل ڪرپٽ جي الزامن ۾ گذري وڃي ٿو تيرھن جماعتن واري حڪومت عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ۽ کيس جيل موڪلڻ جي رٿابندي ۾ پوري آهي. جڏهن ته ٻن صوبن ۾ پنهنجي سرڪار کي ختم ڪرڻ تي چوڌري پرويز الاھي جي طعنن ڏوراپن جو منھن ڏسڻو پئجي ويو آهي عمران خان کي عوام جي تڪليفن جو احساس ڀلي ھجي گھر جي اندر ويھي پڃري ۾ بند شينھن وانگر گجگوڙ ڪري ٿو ليڪن روڊن رستن تي نڪرڻ لاءِ بار بار کيس سوچڻو پوي ٿو. هن ھڪ ٻن ھفتن ۾ نڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ليڪن سامھون گرفتاري جو خوف به نظر ايندي يوٽرن وٺي سگھي ٿو . هوڏانهن ٻوڏ متاثرن جي امدادي ڪمبلن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿيڻ جي  ته سنڌ  حڪومت جي ڪارڪردگي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سرڪار تي پھرين ڪرپشن جا الزام ختم ناھن ٿيا وري ٻوڏ متاثرين جي امداد جي سامان ۾ گھوٻين جا پھرين انڪشاف ٿي رھيا ھئا ته ڪمبلن جو مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪرڻ جي سنگين واقعي سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. بدقسمتي سان اھو ڪو پھريون ۽ آخري واقعو نه ھوندو پھرين ڀوتارن جي اوطاقن ۽ گدامن تي امدادي سامان موڪليا ويندو ھو جن جا ثبوت اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي سامھون اچي ويا، جيڪڏھن سيد سرڪار سڳوري اڳواٽ قدم کڻي ھا ته ڪنهن کي ٻوڏ متاثرين جي امدادي سامان ۾ بدعنواني ڪرڻ جي ھمت نه ٿي سگھي ھا. انھي ڪري پرڏيھي ملڪن وفاقي حڪومت يا صوبائي حڪومتن کي سڌي ريت روڪ رقم ڏيڻ بجاءِ پنھنجي نگراني ۾ امداد ڏني جنھن مان ظاھر ٿي ويو ته پرڏيھي ملڪن کي حڪومتن تي اعتبار ناھي رھيو.