“بک” خالي پيٽ جو ھڪ فلسفو….!

0
311
“بک” خالي پيٽ جو ھڪ فلسفو....!

 بک نه صرف فطرت جي ھڪ اھڙي ڪيفيت جو نالو آهي جيڪا زندگي جي بقا لاءِ ھر وجود جي خالي ڪک مان اسري ٿي. ليڪن بک حياتياتي دور (Biological Age) جو ھڪ يونيورسل عقيدو پڻ آھي، بک جي ميڪنزم ۾ مثبت ۽ منفي ٻئي فيڪٽرس موجود ھوندا آھن. بک اھڙو بيڪار نظريو پڻ آھي، جو بک جي باھه ۾ سڙندڙ ماڻھو پنھنجي ذات تان عصمت جي چادر لاھيندي به دير ناھن ڪندا، تڏھن ته جبر ۽ ڏاڍ جي بنياد تي بيٺل معاشرن ۾ اڌ کان مٿي عزتون بک جي جنگ وڙھندي پاروٿيون ٿي وينديون آهن.

                 بک ھڪ اھڙي فلسفي جو نانءُ پڻ آھي جنھن فلاسافي جي ارتقا خالي پيٽ مان ٿئي ٿي، ڪڏھن ڪڏھن ايئن به ٿيندو آهي جو خالي پيٽ مان نڪتل بک جي فلاسافي خالي ذھنن جي زمين کي بغاوت جي پاڻي سان ريج به ڪري ٿي. بک نھايت پيچيده ۽ طويل موضوع آھي جنھن تي نٽ ھمسن جھڙا دماغ ڪيترائي ناول پڻ لکي سگھن ٿا. بک ھر نئين ارتقا جي موجد ھوندي آھي تڏھن ته ارسطو چيو ھو ته بک جنگين ۽ انقلابن جي ماءُ آهي.

ڇا ھتي جي ڪرندڙ معيشت ۽ وڌندڙ بدحالي سبب بنجر بڻجي ويل پيٽ بک جي ھڪ اھڙي چڻنگ اڀاري سگھن ٿا جيڪا پيٽ کان وڌيڪ خالي ذھنن ۾ شعور جي شعلن کي جنم ڏئي سماج ۾ انقلاب جي چراغ کي روشن ڪن…؟

 ھي سوال ھتي ھميشه سوال ئي رھجي ويندو ھن سوال جو جواب صرف قلم جي نوڪ تائين گردش ڪري ٿو پر حقيقي ميدان م بک جي باھه ضمير جي نسريل فصل کي به ساڙي ٿي ڇڏي. اٽي جي قيمت گولي ۽ زھر جي اگھه کان به چڙھي وئي آهي، سرمائي جي صحن ۾ ڪجھه سو روپيا تاريخ تي بيٺل مزدور جڏھن مارڪيٽ م وڃي شين جا چوٽ چڙهيل اگهه پڇي ٿو ته ھو گولي ۽ زھر وٺي ھميشه لاءِ پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجھائڻ جو سوچي پوءِ گھر موٽي ٿو.

قومون جڏھن آزادي جو ويس اوڍي دنيا جي نقشي تي نروار ٿينديون آهن تڏھن سڀ کان پھرين بک جي لعنت کي برداشت ڪنديون آهن، جيڪي پيٽ جي بک کي برداشت ڪري ذھن ۾ آئيندي جا نوان اسڪيچ ٺاھي مستقبل جي نسل بابت موثر رٿابندي جي جوڙجڪ ڪنديون آهن. پر ھتي مني صدي جي عرصي کان اسان بک جي محور جي گرد گھمي رھيا آھيون اسان جا ڪيترائي نسل ھن مرض وگھي موت جو امرت پي ڪري سمھي رھيا آهن ۽ ڪيترائي نسل ھن ڪشمڪش ۾ ڦاتل آھن.

قرض ھڪ مرض آھي جيڪو پھاڪو نه پر ھڪ حقيقت آھي، اھي قومون جيڪي آزادي کان فورن بعد بجاءِ قرض جي مرض م مبتلا ٿيڻ جي پنھنجو پورھيو ڪري جيئڻ کي ترجيح ڏينديون آهن اھي ئي اڄ جي سپر پاور اسٽيٽس ۾ شمار ٿيندي نظر اينديون آھن.

ھتي جي ريت ئي ڪجهھ الڳ آھي ھتي جڏھن پيٽ خالي ھوندو آھي تڏھن ذھنن ۾ سوچڻ وارو سرشتو به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آھي جڏھن ته دنيا جي ٻين قومن ۾ پيٽ خالي ته ٿي ويندا آهن پر ذھنن ۾ ھميشه فڪر رقص ڪندو رھندو آھي.

ڪنھن به ملڪ ۾ ھر بحران جي جڙ سياسي بحران ھجي ٿو جڏھن ته سياسي بحران جو وڏو سبب فڪري ۽ شعوري فقدان ھوندو آھي. ھتي جيڪا به ڪسمپرسيءَ جي گھلندڙ فضا آھي ان م ڳچ فيصد حصو ھتي جي رعيت جو آھي، عوام ئي قومن جو مضبوط بنياد ھوندو آھي. کوڙ سارا منفي عناصر جيڪي اڄ به عوامي تحريڪن جي راھن تي رنڊڪ بڻيل آهن. راھون ڪيڏيون به مشڪل ڇو نه ھجن پر عزم تي ھميشه پختو رھڻ گھرجي. ھن ملڪ م عوامي ھلچل جو سست ڪارروان جنھن ۾ ھر ھڪ ماڻھو ھر ان چيز کي ھڪ الڳ نگاھه سان ڏسي ٿو جنھن تي يڪسان نظرن جي ضرورت ھوندي آھي. بحرانن جي باھه ۾ سڙندڙ ھن خطي م سڀ کان وڏي کوٽ ان شيءَ جي آھي جو ھر ھڪ ماڻھو ھن ملڪ ۾ پنھنجي اھميت جي پيمائش نٿو ڪري سگهي جيتوڻيڪ جو خود شناسي جو پيمانو پاڻ وٽ ھوندي به اھي پاڻ کي نٿا ماپي سگھن. ملڪ جي وڏي مثال کي جيڪڏهن ھڪ پاسي رکي توھان صرف ڪنھن به ھڪ ننڍي منصوبي تي غور ڪندا ته توهان کي ان منصوبي سان لاڳاپيل شين جي اھميت واضح طور ڏسڻ م ايندي. اھو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن توهان ڪنھن به علائقي ۾ رھو ٿا ۽ توھان پنھنجي اھميت کي پاڻ ئي نٿا ماپي سگھو ته ياد رکو توھان ھميشه تنزلي جو شڪار ٿيندا رھندا. اڄ جيڪڏھن ڏسون ته ملڪ معيشت جي حوالي سان انتھائي مفلوجي جي ور چڙھي ويو آهي عياشيون ته پري جي ڳالهه آھي پر ھڪ عام ماڻهو پنھنجون ضرورتون به پوريون نٿو ڪري سگهي. مھانگائي ايتري ته وڌي وئي آھي جو  ھڪ ڏھاڪو پھرين مڊل ڪلاس ۾ شمار ٿيندڙ طبقو اڄ ھيٺين طبقي جي سانچي م به پورو نٿو ٿي سگهي. ڪجھه ڏينهن پھريان منھنجي نظرن مان ھڪ خبر گذري جنھن ۾ ھڪ ماءُ پنھنجي ٻچن کي بک تي تڙپندو نه ڏسي سگهي ان ڪري ھن پنھنجي زندگي جو چراغ وسائي ڇڏيو. اسان مفلسي جي اھڙي اوڙاهه ۾ اچي ڪريا آھيون جو مفلسي ھروز اسان جي چمن ۾ خوبصورت گلابن کي قتل ڪري رھي آھي. ھن جديد اڏام ۾ اسان زمان جي ھڪ اھڙي چوواٽي تي بيٺل آھيون جنھن کي پٿر جو دور ڪوٺي سگھجي ٿو. بک جون برق مقناطيسي لھرون اسانجي نسلن ۾ ايئن جذب ٿي ويون آھن جو انھن کي ماني کان وڌيڪ ٻي ڪنھن موضوع جي ڪابه خبر ناھي. جنھن نسل کي مصنوعي ذھانت، ربوٽڪس، ڊيٽا سائنس ۽ جديد انجينئرنگ جھڙن موضوعن ڏانھن مائل ٿيڻ گھرجي اھو نسل ماني جي فلسفي تي اچي بيھي رھيو آهي. ڪنھن به خطي جي جڏھن معيشت مسمار ٿيڻ شروع ٿيندي آھي تڏھن اتي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جھڙا منفي عنصر جنم وٺندا آھن. جڏھن بيروزگاري جي شرح ڏسون ٿا تڏھن ان ڳالهه جي صحيح نموني سان پرک ٿئي ٿي ته اسان وٽ صنعتڪاري (Industrialization) جو تصور ھڪ مدي خارج تصور آھي جنھن کي عالمي پسمنظر (Global Perspective) جي لحاظ کان ڪڏھن به قبول نٿو ڪري سگھجي. صنعتي ترقي (Industrial Development) جو اھم ھدف بيروزگاري (Unemployment) جي شرح کي ختم ڪرڻ ۽ مجموعي گھريلو پيداوار (Gross Domestic Product GDP) ۾ واڌارو آڻي ملڪ جي معاشي ترڪيب (Economic Mechanism) ۾ گھربل توانائي مھيا ڪرڻ ھوندو آھي جڏھن ته اڄ جو صنعتي شعبو (Industrial Sector) بلڪل ان جي ابتڙ ھلي رھيو آھي. ھتي زندگي جا ٻيا سڀ موضوع مرجھائجي ويا آهن صرف بک تي ئي ڊگھا بحث جاري آهن. مغرب جي رومانوي شاعرن کي ڪھڙي خبر ته ھتي اسانجو فقط ھڪ ئي محبوب آھي جنھن نالو آھي “ماني”. ياد رکو بک نه صرف انسان جي جسماني توانائي کي مسمار ڪرڻ جي قوت رکي ٿي پر بک فريب، ڪوڙ ۽ غلامي جي بنياد تي بيٺل ڪيترن ئي عمارتن جا بنياد اکيڙڻ جي سگھه پڻ رکي ٿي. بک جو ڪوبه مذھب ناھي بک ڪيترن ئي نظرين کي ساڙي سگھي ٿي. پيٽ جي جنگ ۾ انسان جيڪڏھن عزتون به نيلام ڪري سگھي ٿو ته اھو ساڳيو انسان پيٽ جي جنگ ۾ توھانجي ڪوڙي، فريبي ۽ غلامي واري تسلسل جي تاريخ کي ھميشه جي لاءِ تباھه به ڪري سگهي ٿو. بک انقلاب جي امڙ به آھي، جنھن قوم کي توھان بک جي سُتي پياري سمھاري رھيا آھيو ليڪن ڪڏھن اھو وقت به اچي سگھي ٿو ته اھي ساڳئي بک جون شعاعون انقلاب جو روشن جھان به اڏي سگھن ٿيون.

[email protected]