ذخيرا خورن آڏو لاچار حڪمران ۽ مهانگائي جو ماريل عوام

0
156
اقتدار جي جنگ بڻيل ملڪي سياست

گذريل آچر ڏينهن اوچتو ناڻي وزير اسحاق ڊار سرڪاري ٽي وي ذريعي پريس ڪانفرنس ڪري پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر جي قيمتن ۾ 35، پنجٽيھه روپين ۽ لائيٽ ڊيزل , گاسليٽ جي في ليٽر قيمتن ۾  ارڙهن روپيا واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ ته ٿيڻي هئي ڇو ته اها آءِ ايم ايف جي فرمائش هئي جنهن کي نظر انداز ڪرڻ حڪومت جي وس ۾ ئي نه آھي. آءِ ايم ايف جي فرمائش رڳو پيٽرول قيمتن ۾ واڌ واري ئي نه آھي پر آءِ ايم ايف جي فرمائش بجلي، گيس جون قيمتون وڌائڻ کانسواءِ اضافي ٽيڪس لڳائڻ ۽ بجيٽ ۾ ڏنل ٽيڪس رعايتون ختم ڪرڻ جي به آھي ان ڪري اهو سڀني کي اندازو آھي ته بجلي، گيس جون قيمتون به وڌڻيون آھن

                 اضافي ٽيڪس به لاڳو ٿيڻو آھي ايتري تائين جو اهو به سڀني کي معلوم آھي ته اڃان پيٽرول، ڊيزل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻو آھي. ان ڪري اسحاق ڊار پاران سرڪاري ٽي وي تي اچي پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ تي ڪا به حيرانگي نه آھي پر اها واڌ اوچتو ۽ مقرر وقت کان اڳ ڪرڻ تي حيرانگي ٿي آھي. ملڪ ۾ هر پنڌرهين ڏينهن تي پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ ردو بدل ٿيندي آھي جنوري مهيني دوران آخري ردوبدل 31 جنوري رات 12 بجي ٿيڻي هئي پر ناڻي واري وزير ٽي ڏينهن اڳ ئي پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو. مونکي ان کان به وڌيڪ پريشاني، حيراني ۽ افسوس اسحاق ڊار جي ٽي ڏينهن اڳ پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ بابت پيش ڪيل دليل تي ٿي آھي. ناڻي واري وزير وقت کان اڳ پيٽرول مصنوعات جي

قيمتن ۾ اضافي جو اهو جواز پيش ڪيو ته “ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اهي افواهه هلي رهيا هئا ته پيٽرول 47 کان 70 روپيا ليٽر تي مهانگو ٿيندو، اهڙن افواهن سبب ملڪ مان پيٽرول جي مصنوعي کوٽ جون رپورٽون اچڻ شروع ٿي ويون ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ اوگرا وزير اعظم کي فوري پيٽرول مصنوعات جون قيمتون وڌائڻ جي سفارش ڪئي. اهڙي سفارش تي پيٽرول مصنوعات جون قيمتون آچر ڏينهن صبح يارهين وڳي کان وڌائڻ جو اعلان ڪري رهيا آھيون جنهن فيصلي جو  فائدو بدقسمتي سان پيٽروليم ڪمپنين کي ٿيندو ” جيڪڏهن پيٽرول ڪمپنين ناجائز منافعو ڪمائڻ لاءِ ذخيره اندوزي ڪندي پيٽرول غائب ڪرڻ شروع ڪيو ته اهو عمل قانوني طور تي سنگين جرم هجڻ سان گڏ اهو عمل ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيرا اندوزي جي ذمري ۾ اچي ٿو اهڙي ڏوهه جي مرتڪب ٿيندڙ پيٽروليم ڪمپنين ۽ پيٽرول پمپن خلاف حڪومت کي سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها اهي پمپ سيل ٿيڻ گهرجن ها جن وٽ تيل هجڻ باوجود انهن صرف پيٽرول ان ڪري وڪرو ڪرڻ بند ڪيو جيئن ٽن ڏينهن بعد پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ ٿئي ته سستو خريد ڪيل تيل عوام کي مهانگو وڪرو ڪري ناجائز منافعي خوري ڪري وڌيڪ پيسا ڪمائي سگهجن پر افسوس ته حڪومت ديدا دليري سان بليڪ مارڪيٽ ڪندڙن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ ناجائز ۽ غير قانوني ڪم ڪندڙ پيٽروليم ڪمپنين اڳيان گوڏا کوڙي جيڪي پيٽرول مصنوعات جون قيمتون 31 جنوري 2023ع رات 12 وڳي تبديل ٿيڻيون هيون اهي ٽي ڏينهن اڳ وڌائي پيٽرول ۽ ڊيزل سپلائي ڪندڙن کي في ليٽر 35 روپيا ۽ لائيٽ ڊيزل، گاسليٽ 18 روپيا ليٽر مهانگو وڪرو ڪرڻ جي کين قانوني اجازت ڏئي ڇڏي.

حڪومت جي ٽي ڏينهن اڳ قيمتن ۾ واڌ سبب سستو خريد ڪيل تيل مهانگو وڪرو ڪري عوام کان ساڍا 5 ارب اضافي وصول ڪري ذخيره اندوز پنهنجون ٽجوڙيون ڀريندا. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته ملڪ ۾ روزانو 2 ڪروڙ 99 لک ليٽر پيٽرول وڪرو ٿئي ٿو جيڪو پيٽرول 214 روپيا في لٽر 31 جنوري تائين وڪرو ٿيڻو هو اهو 35 روپيا اضافي رقم سان وڪرو ڪرڻ سبب روزانو هڪ ارب 4 ڪروڙ 65 لک جڏهن ته ٽن ڏينهن اندر 3 ارب 13 ڪروڙ 95 لک روپيا اضافي عوام کان وصول ٿيندا. ايئن ملڪ ۾ روز 2 ڪروڙ 40 لک ليٽر ھاء اسپيڊ ڊيزل وڪرو ٿئي ٿو. هر ليٽر تي اضافي 35 روپيا وصول ڪرڻ سبب ٽن ڏينهن ۾ عوام کان 2 ارب 52 ڪروڙ اضافي وصول ٿيندا. ايئن ملڪ اندر گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل روزانو لڳ ڀڳ 6 لک ليٽر هلندو آھي، انهن ٻنهي اسمن جي في ليٽر تي 18 ارڙهن روپيا اضافي وصول ڪري ٽي ڪروڙ 24 لک ٽن ڏينهن ۾ اضافي ڪمايا ويندا.

افسوس جي ڳالھ اها آھي ته پيٽروليم جو ڪاربار ڪندڙ عوام کان ساڍا 5 ارب ناجائز حڪومتي اعلان سبب ڪمائي وٺندا ۽ ان تي انهن خلاف ڪا ڪارروائي به نه ٿي سگهندي. ڳالھه پيٽروليم مصنوعات جي ٿي رهي آھي ته عوام لاءِ هڪ جائزو اهو به پيش ڪجي ته هن حڪومت جي ساڍن نو مهينن ۾ پيٽرول مصنوعات  جي قيمتن ۾ ڪيترو اضافو ٿيو. هن حڪومت جي اچڻ وقت پيٽرول جي في ليٽر جي قيمت 149 روپيا 86 پيسا هئي جيڪا آچر ڏينهن ٿيل اضافي بعد 249 روپيا 80 پيسا ٿي وئي آھي. ان حساب سان ساڍن نو مهينن ۾ 99 روپيا 94 پئسا في ليٽر پيٽرول تي هن حڪومت اضافو ڪيو آھي. ايئن هن حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي  في ليٽر  قيمتن ۾ 118 روپيا 65 پيسا، لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر تي 68 روپيا 69 روپيا ۽ گاسليٽ جي في ليٽر تي هن حڪومت جي دور ۾ 64 روپيا 27 پيسا واڌ ٿي آھي. اهو ياد ڏيارڻ ضروري نه آھي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي سان هر شي مهانگي ٿي ويندي آھي،ڪراين ۾ به اضافو ٿي ويندو آھي. تازو پيٽرول ۽ ڊيزل جي ليٽر تي 35 پنجٽيھه روپيا واڌ ڪئي آھي جنهن جو مطلب اهو آھي هر شي وري 35 سيڪڙو تائين مهانگي ٿيندي. مهانگائي اڳ ئي عوام جي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي آھي اٽي جي في ڪلو قيمت ڏيڍ سو روپيا ٿي وئي آھي. جيئن حڪومت پيٽرول مصنوعات جي ذخيرا اندوزن اڳيان لاچار بي وس ٿي وئي آھي ايئن اٽو مهانگو وڪرو ڪندڙن اڳيان به حڪومت بي وس بڻيل آھي.

عام ماڻهن لاءِ هي دور تاريخ جو مشڪل ترين وقت آھي، مشڪل به اهڙي جو سڄو ڏينهن سخت مزدوري ڪرڻ باوجود عام ماڻهو لاءِ ٽن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن ٿي ويو آھي. عام ورڪر جي وڌ ۾ وڌ  20 هزار ماهوار پگهار آھي جنهن جو مطلب 666 روپيا روز جي تاريخ ٿئي ٿي، مزدور کي به وڌ ۾ وڌ 6 سو تاريخ ملي ٿي. ڇهن سون مان عام ماڻهو ڪيئن گذارو ڪري، اٽي جي ڪلو جون قيمتون مٿي ٻڌائي آيو آھيان. گيھه پنج سو تائين ڪلو، داليون ٻه سو کان  ٽي سو روپيا ڪلو تي وڃي پهتيون آھن، سبزيون به تمام گهڻيون مهانگيون آھن. سچ ته اهو آھي ته ملڪ جي ڪل آبادي مان لڳ ڀڳ اڌ آبادي سخت محنت مزدوري ڪرڻ باوجود هن مهانگائي ۾  ٽن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ جي قابل نه رهي آھي جنهن ۾ انهن جو ڪو قصور به نه آھي پر حڪمرانن جي نااهلين ۽ احساس کان وانجهيل ٿي وڃڻ جي سزا عام ماڻهو کي ملي رهي آھي. عمران خان جي پارٽي کي ملڪ اندر سياسي افراتفري پنهنجي سياسي مفادن ۾ ان ڪري لڳي رهي آھي جو سياسي افراتفري هوندي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام ٿي نه سگهندو جڏهن معاشي حالتون انتهائي خراب هونديون ته هي حڪومت عوام لاءِ ڪجھ نه ڪري سگهندي، نتيجي ۾ هن حڪمران اتحاد جي پارٽين بجاءِ عوام عمران خان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو. ڏسجي ته عمران خان جي سياسي افراتفري پيدا ڪري رکڻ واري پاليسي کيس ۽ سندس پارٽي لاءِ سياسي فائديمند لڳي رهي آھي ڇو ته اسان وٽ اڪثر طور عوام جي يادگيري انتهائي ڪمزور آھي. ڪيترائي ماڻهو هن وقت جي مهائگائي جو ذميوار هن وقت جي حڪومت کي ئي  سمجهي رهيا آھن، ان مهانگائي ۾ عمران خان جي حڪومت جو ڪهڙو عمل دخل آھي تي نه عمران خان سوچڻ، ڳالهائڻ لاءِ تيار آھي نه ئي ڪو ماڻهو ان مامري تي ڳالهائيندي نظر اچي رهيو آھي جيتري مهانگائي ٿي آھي آءِ ايم ايف جي چوڻ تي جيتري مهانگائي ٿيڻ واري آھي ان بعد مونکي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن حڪمران اتحاد ۾ موجود پارٽيون ڪهڙي ڪارڪردگي کڻي عوام وٽ ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ وينديون? اهو ئي سبب آھي ته ڪي پي  ۽ پنجاب صوبن جون  اسيمبليون ختم ٿي چڪيون آھن

نوي ڏينهن ۾ ٻنهي صوبن اندر صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي  عام چونڊون ٿيڻيون آھن پر موجوده حڪمران اتحاد انهن چونڊن کي دير سان ڪرائڻ جون ڪوششون ڪندي نظر اچي رهي آھي. آئين ۾ ته ٻنهي صوبن جي صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي نوي ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ کانسواءِ ڪو آپشن نه آھي ڏسجي ته حڪومت جون ڪوششون ڪامياب ٿين ٿيون يا چونڊون ٿين ٿيون. اهو به ڏسڻو آھي ته پنجاب ۽ ڪي پي صوبن جي صوبائي اسيمبلين جون چونڊون نوي ڏينهن ۾ ٿيڻ جي صورت ۾ ان چونڊ جا نتيجا ڇا ٿا اچن انهن نتيجن جا اثر سنڌ، بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين جي تڪن توڙي چئني صوبن ۾ ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي تڪن تي پوندا. سمورين سياسي ڌرين جو ڌيان به انهن چونڊن جي نتيجن تي آھي ڪنهن کي حڪومت جي ناڪامي ۾ پنهنجو سياسي فائدو محسوس ٿي رهيو آھي ان ڪري اهي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آھن ته حڪومت عوام کي ڪو رليف نه ڏئي سگهي. اهي پنهنجي سياسي فائدي لاءِ اهو به سوچڻ لاءِ تيار نه آھن ته ان جو عام ماڻهن جي زندگين تي ڇا اثر  ٿيندو ڇو ته هتي هاڻي اهو واضح طور تي محسوس ٿي رهيو آھي ته سياسي ڌريون سياست کي مينيجمينٽ سمجهن ٿيون اهو به واضح محسوس ٿي رهيو آھي ته ملڪ ۾ سياست عوام ۽ ملڪ لاءِ نه ٿي رهي آھي

رڳو سياسي مفادن کي سامهون رکي سياسي چالون تيار ڪري ان تي عمل ڪيو پيو وڃي جنهن عمل سياست کي عبادت بجاءِ ڪاروباري شعبو بنائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آھي. مان جڏهن ملڪي معاشي حالتن کي ڏسان ٿو ته ڏينهون ڏينهن آءِ ايم ايف جو شڪنجو سخت ٿيندي محسوس ٿي رهيو آھي، ڀلي عام چونڊن بعد ڪنهن جي به ملڪ اندر حڪومت قائم ٿئي ان لاءِ  آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ڪو رستو نه بچندو. ظاهر آھي آءِ ايم ايف ڏي جيڪا به حڪومت ويندي کيس ٽيڪسن ۾ واڌ قرض واپس ڪرڻ جو طريقيڪار تيار ڪري کيس آءِ ايم ايف کي ڏيڻو پوندو جنهن شعبي ۾ نقصان وڌيڪ ٿي رهيو هوندو آءِ ايم ايف  ان نقصان کي ختم ڪرڻ لاءِ چوندو يا وري ٿيندڙ نقصان جي رڪوري  عوام کان ڪرڻ جو چيو ويندو. قصور آءِ ايم ايف کي  ڏيڻ بجاءِ اسان کي پنهنجي حڪمرانن کي قرار ڏيڻو پوندو ڇو ته ملڪ هنن حالتن ۾ اسان جي حڪمرانن جي ڪري آھي، ملڪ هنن حالتن ۾ انهن  ڌرين ڪري به آھي جن ملڪ جي سياست کي تجربيگاهه بنائي رکيو آھي. بلڪه ملڪ جي هنن حالتن ۾ اهي ڌريون ۽ انهن جا آندل ڪٺ پتلي حڪمران  وڌيڪ ذميوار آھن. ملڪ هنن حالتن مان ڪيئن نڪري سگهي ٿو جيستائين حقيقي معني ۾ عوامي حڪمران اقتدار ۾ نه ايندا.