مستقل ۽ مسلسل لکندڙ عبدالحئي پليجو

0
191
ڊاڪٽر عمر دائود پوٽي جي ادبي عظمت ۽ پورهيو

 عبدالحئي پليجو جي ذات ڪنهن  تعارف جي محتاج نه آهي. هو سنڌي ادب جو هڪ مشهور معروف سفرناما نگار آهي. سنڌي ادب ۾ الطاف شيخ کان پوءِ جنهن ليکڪ وڌ کان وڌ سفر ناما لکيا آهن. اهو عبدالحئي پليجو صاحب آهي هن دنيا جي هڪ وڏي حصي جو سير ۽ سفر ڪيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ملڪ شامل آهن جن جو احوال سندس سفر نامن مان ملي ٿو. سفرنامو ادب جي اهم صنف آهي. جنهن ۾ هڪ مخصوص عرصي جو احوال ليکڪ  جي پنهنجي زباني هجي ٿو، هڪ طرح سان سفر نامو سوانح نگاريءَ جو حصو پڻ شمار ٿئي ٿو جنهن ۾ ليکڪ جي ذات جو وڏو ڪمال آهي. سندس بياني قوت سان ئي هن جون شخصي خوبيون ۽ انفرادي حيثيت اڀري سامهون اچي ٿي. ليکڪ جي ذهانت، خاص طور ٻوليءَ جو استعمال، تحرير جو شانائتو هئڻ، سندس مطالعو، مشاهدو ۽ ٻيا سفر نامي لکڻ جا فني جزا سندس تحرير جي ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي. انهن مان گهڻيون خوبيون، حئي پليجو جي سفرنامن ۾ ملن ٿيون.

                 عبدالحئي پليجو 31 جنوري 1945ع تي ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ ٻنون ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ٻنون ۾ ۽ پوءِ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ مسلم سائنس ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهيائين. مڊل ڪلاس ۾ هو ته هن لکڻ شروع ڪيو، پر وچ ۾ ڳچ عرصو نه لکيائين. 4 مارچ جو ڏينهن،  سنڌ جي قومي ۽ شاگرد سياست ۾ هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. ان تحريڪ ۾ هن وڏو حصو ورتو ٻه دفعا جيل ويو، حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو نائب صدر ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس يونين جو صدر پڻ رهيو. اي جي اتم لکيو آهي ته،“حئي پليجو تي پنهنجي پيءُ نور محمد کان ورثي  ۾ مليل نيشنلزم، سيڪيولرزم ۽ سوشلزم جي ويچارن وڏو اثر ڪيو آهي.” سندن والد سنڌ جي سياست ۽ ادب ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت هو. عبدالحئي پليجو جي تحرير ۾ مٿيون ڳالهيون موجود آهن.

عبدالحئي پليجو ڪجهه وقت  وڪالت ۽ پوءِ سرڪاري نوڪري به ڪئي پر پنهنجي والد جي وفات بعد 1980ع کان پوءِ هن پنهنجي زمينداري سنڀالي ۽ لکڻ پڙهڻ جو مشغلو جاري رکيو. سندن پهريون ڪتاب (They ruled sindh for fifteen years) آهي جو پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ تي شروعاتي پندرنهن سالن ۾ حڪمراني ڪندڙ ڪامورن بابت آهي. پهريون سفرنامو “ڏوريم ڏيساور” 1983ع ۾ ڇپيو جو سينگارپور، ملائيشيا ۽ جپان بابت آهي. جنهن ۾ هُن ٻين ڪيترن معلوماتي احوالن سان گڏ جپانين جي قوميت جي جذبي کي ساراهيو آهي. ان کان سواءِ سندن ڇپيل ڪتابن ۾ “هي وري نه ورندو وڻجارو”(ارباب نور محمد پليجو جي وفات بعد سندن جي باري ۾ لکيل ليکن تي مشتمل) “هو جي وڻ ولات جا”، “ڪجل ڀنل نيڻ”، “اتر لڳا آءُ پرين”، “ديس بديس”، “بندر مون ڏور ٿيا”، “ٽوئر ٽو آمريڪا”، “ٻنون ٽو ٽوڪيو”، “پريان سندي پار ڏي”، “ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون”،ڪنواريون ۽ ڪنول”، “لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون” ۽ ٻيا سفر  ناما آهن. ان کان سواءِ هڪ اهم ڪتاب“عالمي عجائبات” آهي، جو 2004ع ۾ شايع ٿيو هن ڪتاب ۾ دنيا جي 75 عجائبات بابت تاريخي ڄاڻ سان گڏ تصويرون پڻ ڏنل آهن. جيئن، بابل جا باغ، تاج محل، نياگرا آبشار ۽ ٻين مشهور جاين جا رنگين فوٽوز ۽ گڏ انهن بابت ڪارائتو معلوماتي احوال ڏنل آهي جنهن سبب هي ڪتاب هڪ بلڪل منفرد ۽ مختلف انداز جو ۽ وڻندڙ آهي.

2016ع ۾ سندن هڪ ڪتاب“تن سپون سوجهي ڪڍيون” مضمون نويسيءَ تي مشتمل شايع ٿيو آهي. جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته پليجو صاحب جيترو سٺو سفرناما نگار آهي. ايترو ئي سٺو مضمون نگار پڻ آهي. مضمونن جو هيءَ مجموعو ڇائيتاليهن ادبي، علمي، سماجي، سوانحي، تاريخي، طبي، سياسي ۽ معلوماتي مضمونن تي مشتمل آهي. جنهن جو انتساب، سنڌي ٻوليءَ جي مهان محسن مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي نالي آهي. مضمونن جا عنوان سنڌي ٻولي، ٿر جو سير، ترڪ ادب، اسڪاٽش ادب، آڪسفورڊ يونيورسٽي، قرطبه خلافت جو عروج، عثمانيه سلطنت، انڊيا آفيس رڪارڊ ۽ ٻيا موضوع شامل آهن هن ڪتاب جو پهريون مضمون سنڌي ٻولي آهي جنهن ۾ فاضل ليکڪ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي يافته سڏيو آهي ته گڏ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اپاءُ به ڄاڻايا آهن. پليجو صاحب موجب ته، سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي بقا ۽ بچاءُ لا مزاحمتي قوت اعليٰ درجي جي آهي. هو لکي ٿو ته “اها سنڌي ٻولي جي پهرئين کان ئي هڪ اهم خاصيت رهي آهي جو هن پنهنجي حاوي زبانن جن کي  گهڻو ڪري سرڪاري پٺڀرائي حاصل هوندي آهي، جي پريشر هيٺ به پنهنجو تشخص انتهائي اهميت سان نه صرف برقرار رکيو آهي پر ان کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي. سنڌي زبان پنهنجي مٿان ٿاڦيل ٻولين کي پنهنجي زور سان ختم ته نه ڪري سگهي آهي پر انهن ٻولين جي ڳالهائڻ وارن جو سندس وجود کي ختم ڪرڻ جو خواب ساڀيان ٿيڻ به نه ڏنو آهي.”(ص-9 ۽ 10)

پليجو صاحب جي ڪيترن ڪتابن جا عنوان شاهه لطيف جي بيتن مان سرجيل آهن ۽ سندن ڪجهه سفرنامن ۾ ته شاهه سائين ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ جو سهڻو ۽ موقائتو انتخاب ڏنل آهي. جيئن “ديس بديس”، سفر نامي ۾ هندو سنڌين  جي سنڌ لاءِ لامتنا سِڪ کي ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت معرفت هن ريت ڄاڻايو اٿن:

ڪوجو اُٺس مينهن، آريءَ جي عشق جو،

 راتيان روئي رت ڦڙا، سک نه سارو ڏينهن

ٻاروچاڻو نينهن، متان ماٺو نه ٿيئي.

“ديس بديس” سندن وڻندڙ سفرنامو آهي جنهن جا ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. هن سفرنامي ۾ سنڌيت جي سُرهاڻ آهي ته تجنيس حرفيءَ جا نثر ۾ سهڻا ڪمال آهن ليکڪ لکي ٿو ته:

“جتي سارين جي سڳنڌ سندن تن کي واسيو، جتي سنڌوءَ جو پاڻي سندن رڳن ۾ رت،  بنجي ڊوڙيو، جتي آکاڙ جي نٽهڻ اس، پرهه جي پارن ۽ سانوڻ جي وسڪارن، سندن جيئندان جا گس گهڙيا جتي تنبوري جي تانَ سندن مَن کي موم ڪيوتنهن ڌرتيءَ کي ڏسڻ لاءِ هو آتا هئا”.(ص-22)

سفر نامي کان سواءِ  پليجو صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جا ٽي جلد لکيا آهن. “سنڌي شاگرد سياست”،  ڪتاب کي پاڻ پنهنجي شاگرديءَ جي دور جي آتم ڪٿا سڏيو اٿن ۽ ٻيو حصو “اسان پنڌ پرين ڏي” ۽ ٽيون حصو“ڪيڏي نه مختصر زندگي” 2015ع ۾ شايع ٿيو آهي. جو 1965ع جي واقعن کان شروع ٿئي ٿو ته سندن تعليم، ٻنين ۽ باغن جا ذڪر آهن. ملڪ جي سياسي تاريخ جي ڪيترن رخن کي نمايان ڪيو ويو آهي. 191 صفحن جو هيءَ ڪتاب آتم ڪٿا به آهي ته ملڪي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جو بيان پڻ آهي. جنهن ۾ ليکڪ جون چند بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون پڻ ڏنل آهن. پليجو صاحب جا هن وقت پنج ڇهه ڪتاب اڻ ڇپيل آهن جن ۾ مضمون، خاڪا، سفرناما ۽ خط شامل آهن جيڪي پڻ جلد شايع ٿيندا ۽ سندن ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو ايڪيهن تائين آهي،  جي 1980ع کان پوءِ ڇپجڻ شروع ٿيا آهن. هو مستقل ۽ مسلسل لکي رهيو آهي ۽ سنڌي نثر کي پنهنجي فن وسيلي وڌائي ۽ ويجهائي رهيو آهي.