ماهه رمضان جون برڪتون ۽ اسان جي ظالم سماج جون حرڪتون!

0
294

مسجد شريف جي لائوڊن مان مون پاڻ پنهنجن ڪنن سان ٻڌو ته ماهه رمضان برڪتن ڀريو مهينو آهي پر افسوس جو هن ڀلاري مهيني ۾ نه منهنجي روزگار ۾ برڪت آئي نه قسمت جي وڌڻ ۾ برڪت آئي. باقي ٻن شين ۾ ڏاڍي برڪت اچي وئي. هڪ مهانگائي ۾ ٻيو منهنجي گهر ۾ مهمانن جي آمد ۾. عمران خان وارو“ نيا پاڪستان ”مهانگائي جي ڪري صفا نئون نڪور ٿي ايئن تجلا هڻڻ لڳو جو ان جي تئو ۾ اسان غريبن جو اندر سڙڻ لڳو. مٿان وري مصيبت مهمانن جي، سيکاٽ مان مون واري سالي ستن ٻارن سميت اچي نازل ٿي. سرهاڙي مان وري مون وارو سالو پنهنجن اٺن ٻارن ۽ اٺن ڀائيٽن ڀاڻيجن سميت اٺ گاڏي تي لوڌ ڪاهي اچي لٿو. هونئن اسان نيرن تي چانهه بسڪيٽ کائيندا هئاسين. منجهند ۽ رات جي توڻ ۾ هڪڙو ٻوڙ ٺهندو هو. هاڻي روزائتن لاءِ افطاري ۽ سحري، بي روزائتن لاءِ نيرن منجهند ۽ رات جي ماني، پنج توڻون، افطاري لاءِ وري پڪوڙا، سنبوسا، ڇولا، فروٽ، کجور ۽ ڳاڙهو شربت به ضروي هو. خرچ ايترو وڌي ويو جو مون مسڪين جا لاهه نڪري ويا. عيد جي ڪپڙن لاءِ جيڪي پئسا ٽاريا هيم، اهي به مهمانن سڳورا کائي ويا. انهي شاهي عذاب کان بچڻ لاءِ مون ۽ طوطن ماءُ رات جي وڳڙي ۾ گيدوڙي هيٺان هڪ گول ميز ڪانفرنس ڪئي ان ۾ اها ايجندا پاس ٿي ته ورندي ڏينهن آئون ٻئي هنڌ مهمان ٿيڻ لاءِ ٽري ويندس ۽ گهر جو خرچ مون واري سالي صابو جي ڳچي ۾ وجهبو. ايجنڊا تي عمل ڪندي صبح جو ٿيلهو ڳچي ۾ لڙڪائي آئون بٺوري وڃي نورل نماڻي جي گهر مهمان ٿي پهتس. چيومانس بٺوري ۾ آيو آهيان سو بٺورو ڪهي کاراءِ! چيائين بيسري ۽ لوسي مهمان وانگر فرمائشون نه ڪر! مهانگائي آهي جيڪو مليئي سو کائجان نه ته هينئر ئي تريون هڻي اوطاق مان ٿو ڪڍي ڇڏيائين. آئون ماٺ ڪري ويس. بٺوري ۾ ٻيون سبزيون مهانگيون هيون باقي انبڙيون ۽ ٽماٽا ويهه روپيا ڪلو هئا. مون کي به صبح جو انبڙين جي چٽڻي سان ۽ رات جو ٽماٽن جي چٽڻي سان ماني ٿي ملي. کائي کائي منهنجو پيٽ صفا کٽاڻ جي برني بنجي ويو. بٺوري ۾ وري ملنگ بابا جو اوتارو هو. شام جو اتي پهتاسين ته جيئن دماغ کي ڪڙي پاڻي سان ڌوئي اجاري سگهون اتي هڪ تمام گهڻو پڙهيل ۽ ڏاهو ماڻهو اچي پهتو تنهن تمام گهڻيون علمي، سائنسي ۽ عقلي ڳالهيون ٻڌايون چئي هي ڪائنات ايتري وسيع آهي جو ان جو ڪو انت ئي ڪونهي. ڪائنات ۾ اسان جي سج جهيڙا ڪروڙين سج اربين سيارا ۽ ڪيئي گليڪسيون آهن.
اهو ٻڌي حيراني ۾ منهنجو وات ڦاٽي صفا ٽول پلازه ٿي ويو. وات ايترو ڦاٽي ويو جو وري بند ٿئي ئي نه. ان ۾ مکيون ۽ مڇر ايئن پيا اچن وڃن جهڙو انهن جي پيءُ جو گهر هجي. هڪ ڪوريئڙي وات ۾ ڄار ٺاهڻ جو پروگرام ٺاهيو.  هڪ جهرڪ ۽ جهرڪي منهجي وات ۾ آکيرو ٺاهڻ جو پڪو ارادو ڪيو. مون نورل نماڻي کي چيو وارو ڪر منهنجو وات بند ڪراءِ پکين اچي آکيرا ٺاهيا ته وائلڊ لائيف کاتو حرڪت ۾ اچي ويندو ۽ منهنجي وات کي سرڪاري ملڪيت قرار ڏنو ويندو. نورل نماڻي منهنجو عرض اگهايو ۽ نلڪن جي مستري وٽ وٺي آيو تنهن چئين پاني جو هڪ چڪ ڄاڙيءَ کان ۽ ٻيو چڪ مٿي تي رکي دٻ ڏني ته مس وڃي منهنجي وات جو ڦاٽڪ بند ٿيو. مون چاٻا ڏيئي وات کي ٽيسٽ ڪيو ته مون وارو وات انسان جي وات جهڙو ٿي پيو هو. مٿان وري طوطن ماءُ خوشخبري ٻڌائي ته تنهنجي وٺي ڏنل راشن جي ختم ٿيڻ کانپوءِ مون سامان جي لسٽ ادا صابو کي ڏني همراهه جا پگهر نڪري پيا، ڪاوڙ ۾ بڙ بڙ ڪري پنهنجي ڀيڻ ۽ ٻارن جي لوڌ وٺي وڃي امان ناٿي نانگڻ وٽ مهمان ٿيو آهي. اهو ٻڌي خوشي ۾ منهنجو منهن کلي صفا گل گوبي جهڙو ٿي پيو. مهمانن جي ٽرڻ جي خوشي ۾ مون ٻه رڪعتون شڪراني جا نفل ادا ڪيا ۽ نورل نماڻي جي انبڙين ۽ ٽماٽي جي چٽڻين کي هميشه لاءِ الوداع ڪري اچي ڳوٺ پهتس. رات جو مون کي وري ملنگ بابا جي اوتاري تي آيل ڏاهي ماڻهو جون ٻڌايل زبردست ڳالهيون ياد آيون. سوچيم آئون ته صفا جاهل، چريو ۽ چمچو پتل جو ٿيو پيو هلان. ڇو نه آئون به اٺ ڪتابن جا پڙهي ڏاهو ۽ عقلمند ٿي پوان ۽ هر هنڌ پيو عوام کي ليڪچر ڏيان. پڇا ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي ته شهر ۾ سرڪاري لئبرريون ۽ ڪيئي ڪتاب گهر آهن انهن ۾ مفت ۾ پڙهڻ لاءِ لکين ڪتاب پيا آهن. سوچيم آئون به اهي ڪتاب پڙهي، دماغ جي خالي دٻلي ۾ علم ۽ عقل جا خزانا ڀريان پر مسئلو هو شهر ڏانهن اچڻ وڃڻ جو. اڳي ته آئون مٺي مهيري کان اٺ وٺي ويندو هئس هڪ ڏينهن همراهه گهران چپلي ڪباب کائي آيو هو سو موڊ صفا مفتي منيب الرحمان جهڙو ٿي ويو هئس مون کي اٺ کان ٺپ جواب ڏنو هئس. مون به انتقام طور ساڻس سڀ سياسي، سماجي، اخلاقي، غير اخلاقي، رواجي، غير رواجي، علمي، عقلي، سائنسي، معاشي، اقتصادي ۽ تاريخي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا. پوءِ مون دين محمد ڪنڀار جي گڏهه تي اچ وڃ شروع ڪئي هئي.
اتفاق سان اها گڏهه به ڍڪي ٿي وئي ته دين محمد ڪنڀر به گڏهه ڏيڻ کان معذرت ڪئي چئي تو جهڙو ڪنڌار گڏهه تي ويٺو ته گڏهه ڦر ڇنڊي ڇڏيندي. مايوس ٿي مون اسان واري مرشد کان انهي گهوڙي جي گهر ڪئي جنهن تي چڙهي هو روز کرن تي وڃي ڏن جي پن ڪندو هو. تنهن چيو منهنجي روزي انهي گهوڙي تي آهي تون روز مون کي 15-10 مڻ ان ڏيئي وڃ پوءِ ڀلي گهوڙو ڪاهي وڃ، آئون ماٺ ڪري ويهي رهيس. هڪ ڏينهن خبر پئي ته ڪڙيئي گهنور جي هڪ ڦٽل اسڪول ۾ مٺي مهيري جو لطيف سائين تي ليڪچر پروگرام آهي. سڄي سنگت انهي پروگرام ۾ شامل هئي. آئون به ويس پر مٺي مهيري سان اٺ نه ڏيڻ جي ڪري سفارتي تعلقات خراب هئا ان ڪري اندر ڪو نه ويس ٻاهر ڏاڪڻن تي ويهي سگريٽ پي پي اندر جي باهه ڪڍيم. ڏاڙهون ڏکايل چغلي هڻي وڃي مٺي مهيري کي ٻڌايو ته طوطن پيءُ آيو آهي پر ڏک جي ڪري ٻاهر ويٺو آهي. پوءِ ته مٺي مهيري اچي ڳراٽڙي پائي مون کي پرچايو. چيائين يار ان ڏينهن چپلي ڪبابن کائڻ ڪري موڊ خراب هو توکي برابر جواب ڏنم پر هاڻي معاف ڪر سمجهه ته اٺ تنهنجي پيءُ جو آهي جڏهن کپئي ڪاهي ويندو ڪر! اهو ٻڌي آئون ٺري پيس. اندر وڃي سندس عاليشان ليڪچر ٻڌم ۽ وات چٻو ڪري هن جيڪا لطيف جي وائي سر ۾ ٻڌائي سا به واهه جي هئي. بحرحال اسان جو تاريخي ۽ قبيلائي تڪرار ختم ٿي  ويو. اسين ٻئي کير کنڊ ٿي وياسين. ٻئي ڏينهن آئون سندس اٺ ڪاهي وڃي
شهر پهتس. لئبرري ٻاهران وڻ ۾ اٺ ٻڌي اندر وڃي ڪتاب پڙهڻ لڳس ابا ڪتابن ۾ اهڙا ڪي فلسفا، تاريخون، مناجات ۽ عقلي ڳالهيون هيون جو منهنجي لاءِ اصل دٻي ۾ ٺڪريون. مون ڪتاب سمجهه ۾ نه اچڻ جي شڪايت لئبرري انچارج سان ڪئي تنهن چيو ته پهرين تون سنڌي الفابيٽ پڙهه پوءِ پهريون ڪچو ۽ پهريون پڪو ڪتاب پڙهه پوءِ دڪانن جا بورڊ پڙهه، پوءِ اخبارون پڙهه، پوءِ اچي هي ڳرا ڪتاب پڙهه، شرم ئي ڪو نه ٿو اچنئي جلدي وڏا ڪتاب پڙهي عالم ٿو ٿئين. هن جي مٺي مٺي جٺ جاري هئي ته لئبرري جي پٽيوالي اچي دانهن ڏني ته انهي همراهه جو اٺ رسو ٽوڙائي ويو آهي لئبرري جي باغيچي جا سڀ وڻ کائي ٺوڙها ڪري ڇڏيا اٿس. مون ٻاهر وڃي ڏٺو ته بروبر باغيچو صفا گنجو ٽڪر لڳو پيو هو. بحرحال مون ۽ منهنجي آندل اٺ تي نامعلوم مدت تائين پابندي لاڳو ڪئي وئي. مون ڳوٺ وڃي لئبرري انچارج جي هدايتن موجب پهرين الفابيٽ، پوءِ پهريون ڪچو ۽ پڪو، پوءِ دڪانن جا بورڊ ۽ پوءِ اخبارون پڙهڻ شروع ڪري ڏنيون. اخبارن ۾ حيران ڪندڙ ۽ ڏک واريون خبرون پڙهي آئون درد جي دنيا ۾ غرق ٿي ويس. ٻن سڳن پڦين پنهنجي سڳي ڀائٽي کي ساڙ ۾ قتل ڪري ڇڏيو. وحشي پيءُ  پنهنجي گونگي نياڻي سميت ٽن ڌيئن سان لڄالٽ ڪئي. مڙس معمولي ڳالهه تان زال کي گهٽا ڏيو ماريو پيا ڇڏين. عورتون خودڪشيون پيون ڪن، مسڪين ماڻهن جا گهر ڊاهي کين بي گهر ڪيو پيو وڃي، ٻارڙا گٽرن ۽ کڏن ۾ ٻڏيو پيا مرن، هڪڙن ٻارن کي رول ڇتا ڪتا پيا ڏاڙهين ٻيا ارڙي، هبنسڙن ۽ دستن ۾ پيا مرن، هندو نياڻين کي اغوا ڪري زوري مذهب بدلائي شاديون ڪرايون پيون وڃن. مون اخبارون پڙهڻ ڇڏي ڏنيون. سوچيم اسان جو سماج ڪيڏو نه وحشي ۽ ظالم بنجي ويو آهي. انهي جو علاج پاڻ کي ئي ڪرڻو آهي. اچو ته ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ واهڻ ۾ علم شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪري، ظلم ۽ انياءُ جو انت آڻي انسان دوست ۽ فضليت ڀريو نئون سماج اڏيون. مون کي ڪنهن شاعر جو هي بيت ياد اچي ويو.
نه روئڻ پٽڻ ۾ اسان جو علاج، نه سٿرون ڪٽڻ ۾ اسان جو علاج
ڌيئون پٽ سنڌ جا اٿي پئو، اٿڻ ۾ ئي آهي اسان جو علاج