نواز شريف جي سياست جو مستقبل

0
338

احتساب عدالتن طرفان نواز شريف جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون آھن،کيس اشتھاري مجرم قرار ڏنو ويو آھي، ملڪي ۽ پرڏيھي اخبارن ۾ اشتھار ڏنا ويا آھن پر نواز شريف لنڊن وڃي اتي ديرو ڄمائي ويھي رھيو آھي. ان کان اڳ پنامه ڪيس ۾ عدالت کيس ڏھه سال قيد بامشقت  سزا، ڏنڊ ۽ تاحيات نا اھلي جو فيصلو ڏئي چڪي آھي، سندس ڌيءَ مريم نواز کي ست سال قيد ۽ تاحيات نااھلي ڏنڊ الڳ آھي، نواز شريف جيل ۾ اڪثر ڪري بيمار رھندو ھو تنھن ڪري جيل، اسپتال ۽ گھر آوت جاوت جاري ھئي پر پوءِ نامعلوم سببن ڪري سندس پليٽيليٽس گھٽجي ويا ھئا.
سندس ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان،مخصوص ميڊيا ۽ ڪجھه سياسي پارٽين گھر ڪئي ته حڪومت کيس علاج لاءِ ٻاھر موڪلي، ان کان اڳ به نواز شريف کي علاج لاءِ جيل کان شريف ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪيو ويو پر نواز شريف اتي به رڳو سياسي ميٽنگس ڪيون. تاريخ ۾ ڪنھن به سزا يافته قيدي لاءِ اھڙو مطالبو انوکو ضرور آھي ڇاڪاڻ ته ڪنھن بي پھچ ۽ مسڪين ماڻھو کي اھڙو رليف نه ملندو آھي پر حڪومت نواز شريف لاءِ اھڙو رليف ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ معاملو عدالت ڏانھن موڪليو. شريف خاندان لاءِ ھميشه کان عدالتون جائز ، ناجائز قانوني ۽ غير قانوني نرم گوشو رکڻ ۾ مشھور آھن، تنھنڪري عدالت حڪومت کي ھدايت ڏني ته جيڪڏھن نواز شريف کي ٻاھر نٿو موڪليو وڃي ته پوءِ حڪومت سندس زندگي جي ضمانت ڏئي پر حڪومت نواز شريف کان آزادي عيوض ست ارب روپين جو بانڊ گھريو. پوءِ عدالت شھباز شريف جي پنجاھه روپين جي شخصي بانڊ تي علاج واسطي ٻاھر وڃڻ جي اجازت ڏني،عام طور تي باور ڪرايو ويو ته نواز شريف گھڙي پل جو مھمان آھي ۽ اجھو سندس روح پرواز ٿيڻ وارو آھي پر پوءِ سڄي دنيا ڏٺو ته نواز شريف قطري جھاز ۾ ھشاش بشاش سڀني جي اکين ۾ سرمو وجھي قطري حڪومت جو شاھي مھمان ٿيو پوءِ لنڊن روانو ٿي ويو. نواز شريف جي  لنڊن ڏانھن روانگي کي تقريبن ڏيڍ سال ٿي ويو آھي ۽ اڄ ڏينھن تائين نواز شريف ڪنھن به اسپتال ۾ داخل نه ٿيو آھي پٺيان نيب ڪيس ۽ عدالتي ڪارروايون جاري آھن نواز شريف جي واپسي لاءِ عدالتي حڪم ۽ حڪومتي مطالبا برطانوي سرڪار آڏو رکيا وڃن ٿا پر برطانوي حڪومت سان ڏوھارين جي مٽاسٽا وارو معاھدو نه آھي تنھنڪري نواز شريف کي واپس آڻڻ قانوني طور تمام ڏکيو آھي، ٻيو نواز شريف خاندان جي برطانيه ۾ وڏي سيڙپ ٿيل آھي ان ڪري به برطانيه حڪومت نواز شريف کي ملڪ بدر نه ڪندي، ان کان اڳ جڏھن 99ع ۾ جنرل مشرف نواز شريف جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي براجمان ٿي ويٺو ته جنرل مشرف کيس جيل ۾ وڌو، مٿس قتل ۽ بغاوت جا ڪيس مڙھيا کيس موت جي سزا لڳي پر سعودي، قطر ۽ ٻين عرب ملڪن وچ ۾ پئي کيس معافي وٺي ڏني، اين آر او ٿيو ۽ نواز شريف خاندان سميت سعودي عرب هليو ويو، سندس سزائون معاف ٿيون. ھن دفعي نواز شريف کي سپريم ڪورٽ سزا ڏني آھي ۽ سياست لاءِ تاحيات نا اھل ڪيو آھي
سندس ڌيءَ ۽ پٽن  کي به سزا آھي. ھاڻ جڏھن عدالتن طرفان مٿس ٻين ڪيسن جي ڪارروائي ھلي ٿي يا سندس ئي اپيلن تي شنوائي ھلي ٿي ته ملزم غير حاضر آھي. ھي قانون سان وڏو مذاق آھي ته مجرم عدالت جي اجازت سان ٻاھر ويو سندس ڌيءَ کي عدالت پيءَ جي تيمارداري لاءِ رليف ڏئي آزاد ڪيو. ٻئي عدالتي ضمانتن تي آزاد ٿيل سزا يافته قيدي سياست ۽ تقريرون ڪن ٿا پر عدالت ۾ پيش نٿا ٿين. نواز شريف جيترو عرصو ملڪ کان ٻاھر رھندو اوترو سندس سياست جو سج لھي ويندو ۽ پارٽي ختم ٿي ويندي. عدالتي فيصلن ۽ سزائن کانپوءِ نواز شريف ۽ مريم نواز ته پارلياماني سياست ۾ حصو وٺي نٿا سگھن ڇاڪاڻ ته مٿن عدالتن جا فيصلا آھن. ساڳئي نموني شھباز شريف ۽ سندس خاندان تي به ڪيس آھن ۽ کين سزائون لڳنديون جنھن کانپوءِ شريف خاندان ۾ ڪو فرد بچندو ئي نه جيڪو سياست ڪري ٻيو نواز شريف پاڪستان اچي به ڇا ڪري؟ عمران خان ڪنھن به صورت ۾ نواز شريف کي اين آر او نه ڏيندو ۽ جيڪڏھن ڏنائين به ته عدالتون قبول نه ڪنديون، اسيمبلي قانونسازي ڪري جيڪا ناممڪن آھي،
ان ڪري وزيراعظم ٿي نه سگھندو ۽ نه سياست جي گنجائش آھي باقي زندگي جا باقي رھيل سال جيل ۾ ڇو ڪاٽي؟ ان ڪري مستقبل قريب ۾ ن ليگ ۾ وڏا ڏار پوندا پارٽي قيادت جي غير موجودگي ۾ پارٽي کي منظم رکڻ تمام ڏکيو آھي جڏھن پارٽي جو امتحان شروع ٿيو آھي تڏھن ھاڻ خبر پوندي ته گھڻا ميدان ۾ بيھندا ۽ گھڻا ڀڄندا؟ پي ڊي ايم ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ کانپوءِ ن ليگ وڌيڪ اڪيلائپ جو شڪار ٿيندي ۽ ان ۾ سياسي انتشار پيدا ٿيندو. اڳتي ھلي عام ماڻھن جي اکين تان به پٽي کلندي ۽ عوام مٿان نواز شريف جو سحر ختم ٿيندو جنھن کي حڪومت پ پ ۽ ٻيون پارٽيون پنھنجي حق ۾ استعمال ڪنديون.