ڀارت ۾ ڀڙڪيل ڪورونا جي باهه

0
378
ووٽ بمقابلا نوٽ

“دشمن مريئي تي خوش نه هويئي
سجڻان به مر جاڻان”
شايد هاڻي اهو شعر پنهنجي معنيٰ ۽ استعمال جي حوالي سان پراڻو ٿي چڪو آهي. هاڻي ماڻهپو ان منزل تي پهچي رهيو آهي، جن هن جڳ ۾ جهاتي پائي يونان جي جادوگر اديب نڪوس ڪازانت زاڪس لکيو هو ته “هر انسان ٻي انسان جي ڳچيءَ ۾ لڙڪي ٿو، ان ڪري پنهنجي پرائي ۾ فرق نه رک” اها سوچ هاڻي تيزيءَ سان پنهنجي منطقي انجام کي رسي رهي آهي، جيڪا ماڻهن ۾ ويڇا وڌائڻ جو باعث ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ جهالت جي باهه ڪٿي ڪٿي تيزيءَ سان ٻري به ٿي پر اها وسامندڙ باهه جي پوين جهٽڪن جيان آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سرڪاري ۽ رياستي سطح تي ڪڏهن به ديرپا دوستي نه رهي آهي پر بقول پروين شاڪر جي ته لتا جو آواز اسان کي پاڻ م ڳنڍي ويٺو آهي ۽ صرف لتا ڇو؟ جيڪي هوڏي هيروز آهن، اهي هيڏي به هيروز آهن. فلمي دنيا کي ڪلچر چوڻ گهرجي يا نه؟ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي آهي پر شوبز به ٻن ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن مهل ڊاڪٽر مبشر ۽ عاصمه جهانگير ته ناهن ۽ آءِ اي رحمان به تازو موڪلائي ويو آهي پر انهن جا ٻول اڃان تائين اسان جي ڪنن ۾ ٻرن ٿا ته ڀارت ۽ پاڪستان جو عوام جنگ نه ٿو چاهي.
هاڻي ته ٻنهي ملڪن جي اسٽيبلشمينٽ به جنگ نه ٿي چاهي. ڇو ته ڪجهه وقت کان جهڙي طرح ڀارت جي پاران پاڪستان سان ويجهو ٿيڻ جا ڪجهه اشارا ملي رهيا هئا ۽ انهن ۾ اڳڀرائي به ٿي رهي هئي ته اوچتو ڪورونا جي ٽين لهر ڀارت کي شمشان گهاٽ بڻائي وئي آهي. هنڌ هنڌ تي چتائون ايئن ٿيون جلن، جيئن مهاڀارت جي تاريخ ۾ جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ شام جون چتائون جلنديون هيون. هن مهل ڀارت ان هندي دوهي وانگر دونهين ۽ دک سان ڀرجي ويو آهي، جنهن جا ٻول آهن ته:
“ندي ڪناري دونهان اٺي ڪيا جانون ڪيا هوءِ
جس ڪي ڪارن جوڳ ليا، ڪهين وهي نه جلتا هوءِ”
يعني: نديءَ جي ڪناري دونهون اٿي رهيو آهي ۽ پر مان ڇا ڄاڻان ته ڇا ٿي رهيو آهي؟
جنهن جي ڪري جڳ کان رسي مون جوڳ ورتو آهي، اهو ئي نه سڙندو هجي.
هن وقت ڀارت ۾ صرف محبتون، پيار ۽ پريوار ئي نه ٿا سڙن پر ڪورونا جي باهه ۾ ماڻهن جي ماڻهن کان نفرت ۽ تعصب به پڄري رهيو آهي. هونئن به جڏهن قدرتي آفت پنهنجي پوري طاقت سان ماڻهن جي مٿان حملا آور ٿيندي آهي ته انسانن جا پاڻ ۾ ويڇا گهٽجي ويندا آهن. شايد ان مهل ماڻهن کي اهو احساس ٿيندو آهي ته هن جيون جي اصل حقيقت ڪهڙي آهي؟ هن جيون جي اصل حيققت هڪ ماڻهو ۽ چند لڪڙيون آهن. هاڻي ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي ته ڪنهن کي گنگا جي ڪناري صندل جي ڪاٺين ۾ ساڙيو ويو ۽ ڪنهن جو بجليءَ جي هيٽر سان اگني سنسڪار ڪيو ويو. ڀارت ۾ ماڻهو جهڙي طرح مري رهيا آهن، انهن جو منظر ايئن آهي، جيئن پاڻيءَ بنا مڇيون ڦٿڪي مرنديون هجن.
ڀارت ۾ ماڻهو اسپتالن جي ورانڊن ۽ ڏاڪڻين تي ويهي صرف آڪسيجن جي لاءِ ٻاڏائن ٿا. انهن کي هن وقت صرف ساهه کڻڻ جو حق گهرجي. ساهه کڻڻ جو حق انسان کي ڪيئن ميسر ٿي سگهي ٿو؟ ڀارت هن مهل ايترو هرگز نه ڀوڳي ها، جيڪڏهن هو اربين ڊالر هٿيارن تي خرچ ڪرڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ آڪسيجن جا يونٽ قائم ڪري ها.
اهو پيغام صرف ڀارت تائين محدود ناهي پر پاڪستان سميت پوري دنيا ان حقيقت جي آڏو ڪنڌ نوائڻ کان سواءِ ڪجهه نه ڪري سگهي. آمريڪا جي آشيرواد کان پوءِ ڀارت پاڻ کي ايشيا جو سپر پاور سمجهي رهيو هو پر حقيقت اها آهي ته ڪورونا جو مقابلو ته آمريڪا لاءِ به ممڪن نه هو. چين دنيا جي وڏي معاشي طاقت آهي. پر جڏهن هن جي مٿان ڪورونا ڪڙڪي پيو ته هن جا هوش به اڏامي ويا هئا. هاڻي به چين تمام گهڻو پريشان آهي ته ڪٿي هن جي طرف ڪورونا جي ٽين لهر ٽپو نه کائي. چين ڪورونا تي وقتي طور تي فتح حاصل ڪئي آهي پر دنيا جو ڪو به ملڪ ان کي مستقل چئي نه ٿو سگهي. هن وقت به اسپين ۽ يورپ سميت هر ملڪ پريشان آهي ته جيڪڏهن ڪورونا ان طرف موٽ کاڌي ته هو ڇا ڪري سگهندو؟ ڇو ته دنيا جي وڏن ملڪن هن مهل تائين موت جي سائنس تي ته تمام گهڻو سرمايو استعمال ڪيو آهي پر زندگيءَ جي سائنس تي انهن هڪ سيڪڙو به مشڪل سان خرچ ڪيو آهي. هن دنيا وٽ ايترا بم آهن جو هيءُ ڌرتي ڪيترائي ڀيرا ڀڃي ڀوري سگهجي ٿي پر هن دنيا کي بچائڻ جي لاءِ سائنس ڪو به بندوبست نه ڪيو آهي.
هن وقت به ڀارت جي ماڻهن کي ڇا گهرجي؟ ڇا هو کاڌي پيتي جي کوٽ سبب مري رهيا آهن؟ هو صرف آڪسيجن جي نه هجڻ سبب ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏين ٿا ۽ شرم اچڻ گهرجي جنگ پرست حڪمرانن کي ته انهن وٽ عوام جي لاءِ ساهه کڻڻ جا مصنوعي سهارا ناهن. چون ٿا ته آڪسيجن جي سلسلي ۾ پاڪستان جا حال به پورا آهن. جڏهن کان وٺي ڪورونا نالي وبا شروع ٿي آهي، تڏهن کان وٺي آڪسيجن جا پلانٽ لڳائڻ شروع ڪجن ها ته هن مهل ڪو به ملڪ اهڙي آفت کي منهن نه ڏئي ها، جهڙي آفت کي ڀارت منهن ڏئي رهيو آهي. ڀارت جي ڀوڳنا ڏسي پاڪستان کي به ڊپ ٿي رهيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت پاڻ ۾ گڏيل ملڪ آهن ۽ ڪورونا جو وائرس ڪڏهن به ويزا وٺي داخل نه ٿيندو آهي. ڪورونا جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ ايندو آهي ته بنا اطلاع جي ايندو آهي ۽ ايترو ته ڦهلجي ويندو آهي جو ان ملڪ جي صحت سان وسيلا ڪورونا جي حملي آڏو نهايت ڪمزور محسوس ٿيڻ لڳندا آهن. هن مهل ڪورونا ڀارت سان جهڙو حال ڪيو آهي، ان کي ڏسي اسان کي به پنهنجو بندوبست ڪرڻ گهرجي. اسان ڳوٺن توڙي شهرن ۾ اهو منظر عام ڏٺو آهي ته ڪهڙي ريت هڪ گهر کي لڳل باهه ٻئي  گهر کي لپيٽ ۾ وٺي ويندي آهي. هن مهل ڀارت ۾ ڪورونا جي موجودگي ايئن آهي، جيئن پاڙي ۾ لڳل باهه هجي. جيڪڏهن اڄ ڀارت ۾ ڪورونا جي باهه ڀڙڪي رهي آهي ته اسان کي پنهنجو ملڪ به محفوظ نه سمجهڻ گهرجي. اسان هن مهل حفاظتي اپائن کان سواءِ ٻيو ڇا ٿا ڪري سگهون؟ ڪورونا جا ماهر چون ٿا ته هي اهو مرض آهي، جيڪو پرهيز سبب پري رهي سگهي ٿو.
گارشيا مارڪيز جو ناول“وبا جي ڏينهن ۾ محبت” اهو سوچي نه لکيو ويو هو ته دنيا جلدي هڪ وڏي وبائي آفت مان اڙجي ويندي. پر هن مهل گارشيا مارڪيز جو اهو ناول هڪ حقيقت بڻجي ويو آهي ۽ اسان کي ننڍي کنڊ جي امن لاءِ گهڻو ڪجهه مواد آڇي رهيو آهي. هونئن ته پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان نريندر موديءَ کي ڪورونا جي سلسلي ۾ مدد جي آڇ به ڪئي آهي ۽ ملڪن جي وچ ۾ مدد جا رستا هونئن به موجود آهن ۽ هيءَ اهڙي گهڙي آهي، جنهن گهڙيءَ ۾ جيڪڏهن ڀارت جي مدد ڪئي وڃي ته ڀارت مخالف سياست ڪرڻ وارين پارٽين کي به اعتراض نه ٿيندو. ڇو ته سياست پنهنجي جاءِ تي آهي ۽ انسانيت پنهنجي جاءِ تي آهي. سياست جا پنهنجا لقاءَ آهن پر جڏهن انسانيت جو نالو اچي ٿو ته انسانيت جي سگهه تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي.
ڀارت جنهن عذاب ۾ آهي، اهو ڄڻ ته اسان جي دروازي تي دستڪ جيان آهن ۽ اسان کي صرف سرڪاري سطح تي نه پر عوامي سطح تي به اهڙا اپاءَ وٺڻا پوندا، جنهن سان ڪورونا جي مصيبت کان محفوظ رهي سگهجي. ڇو ته ڪورونا ڪاريهر جو اهڙو ڏنگ آهي، جنهن جي زهر مان هر ڪوئي بچي نه ٿو سگهي. جيڪو جيڪو ان اذيت ۽ عذاب مان گذريو آهي، ان کي معلوم آهي ته ڪورونا ڇا آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ ڪيترو نه مشڪل آهي. هن مهل اسان جا ڀارتي ڀائر ۽ ڀيڻيون ڪورونا جي وڪڙ ۾ آيل آهن ۽ انهن جي لاءِ اسان جي دل ۾ اها آسيس آهي ته هو جلد ان عذاب مان نڪرن ۽ ڀارت جي عوام کي ڪورونا مان آجو ٿيڻ بعد پنهنجي ملڪ جي حڪومت کان پڇڻ گهرجي ته ڪهڙي شيءَ اهم آهي؟ چنڊ تي هوائي گاڏي موڪلڻ يا ڌرتيءَ تي ماحوليات جو خيال رکندي آڪسيجن جا پلانٽ قائم ڪرڻ. ڀارت هڪ تمام وڏو ۽ اهم ملڪ آهي پر هن مهل هو تمام گهڻو مجبور ۽ مصيبت ۾ آيل آهي.
ڪورونا جي ٽين لهر ۾ لڙهندڙ ڀارت جي سلسلي ۾ جيڪو ڪجهه به چيو وڃي ٿو، اهو اسان کي محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ اسان جي لاءِ چيو ويندو هجي. ڇو ته اسان به ڀارت وانگر هڪ ايٽمي طاقت آهيون پر اسان جي اسپتالن ۽ صحت جي نظام جو حال ايترو هيڻو آهي جو اهو نظام ڪورونا جهڙي وبا جي سٽ نه ٿو سهي سگهي. اسان کي ڪورونا سمجهائڻ آيو آهي ته اسان ڪهڙي شيءَ  کي اهميت ڏيون ۽ ڪهڙي شيءَکان بچون. اسان کي جنگ، بدامنيءَ ۽ بيماريءَ کان بچڻ گهرجي ۽ اسان کي صحت جي سلسلي ۾ نه صرف پنهنجن پيرن تي بيهڻ گهرجي پر وقت پوڻ تي اسان کي ٻين جي مدد به ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان وبا جي وقت ڀارت طرف دوستيءَ جو هٿ وڌائينداسين ته اسان جو اهو عمل “وبا جي ڏينهن ۾ امن” جو هڪ نئون تصور بڻجي ويندو. پاڪستان جو امن پسند عوام ڀارت جي مدد ڪرڻ جون اپيلون به ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي سرڪار به ان لاءِ تيار آهي پر پاڙي جي مدد ڪرڻ سان گڏ ان سرڪار کي پنهنجي گهر جي حفاظت جو فرض به ادا ڪرڻو پوندو. ڇو ته ٻئي جي مدد به اهو ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن جي پنهنجي پوزيشن مضبوط هوندي. جيڪڏهن اڄ پاڪستان پاڻ کي پختو ڪري ڀارت جي مدد ڪري ٿو ته سڀاڻي ڀارت جو رويو به پاڪستان جي سلسلي ۾ مثبت هوندو.