نواز شريف جي سياست ۽ ملڪيت ضبطي جو فيصلو

0
1213

احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي جائداد ضبطي جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آھي ۽ اھو به ٻڌايو آھي ته سندس پراپرٽي ۾ ڪجھه ملون، ڪجھه شيئر ۽ اڪائونٽ شامل آھن جن جي ماليت اربين روپين ۾ آھي. ڪورٽ سگوريءَ پنھجي انصاف کي بالا رکڻ لاءِ ان علائقي جي آفيسرن کي حڪم ڪيو آھي ته ھڪ مھيني اندر اھو معاملو تمام ڪري رقم ٻن مھينن ۾ سرڪاري خزاني ۾جمع ڪرائي وڃي.
ان فيصلي تي “عمل” ڪرڻ سان ملڪ نواز شريف جي لٽيل دولت جي واپسي سان مالا مال ٿي قرضن مان آزاد ٿيندو ۽ ترقي ۾تيز رفتار ڊوڙندو، اھو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو. اسانجي مملڪت اسلاميه سڄي سڳورن جي وس آھي عدالت سڳوري، عسڪريت سڳوري، فتوا سڳوري، سينسرشپ سڳوري وغيره وغيره انڪري انھي ڳالھه کي اتي ڇڏي ڪجھه احوال ميان صاحب جي سياست ۽ سندس “ھن حالت” ۾ پھچڻ تي ڪريون ٿا. ميان نواز شريف صاحب ڊسمبر 1949ع ۾ ڄائو ۽ ھن وقت 71 سالن جو باغي بزرگ آھي. سياست نه ڪا ھن جي چوائس ھئي نه شوق ۽نه ئي ڪا خانداني ڪرت، پيءَ جو فرمانبدار ھو. چون ٿا ڪرڪيٽ ڪڏندي ھو کيس اتان مرد مومن جنرل ضياءَالحق وٽ وٺي ويو جنھن پھرين کيس پنجاب جي صوبائي ڪائونسل جو ميمبر ڪيو تڏھن ھو 32 سالن جو ڳڀرو جوان ھو.
جلدئي1981ع ۾ خزاني جو وزير ٿيو ۽ ڀاڳ ڏي ڀيڙي سان 1985ع جي غير جماعتي چونڊون کانپوءِ پنجاب جو وڏو وزير به ٿي ويو. ميان صاحب پنھجي ان دور ۾ پنجابي قومپرستي جو پٽڪو ٻڌو ۽ “جاگ پنجابي جاگ” جو نعرو ھنيو. پنجاب جنھن جي بالادستي سبب ملڪ جي ننڍن صوبن ۾ اڳيئي بي يقيني ۽ بيچيني ھئي اتي جي سماجي ۽ سياسي حلقن ۾ اھا سوچ پنجابي شاونزم جي تنقيد ھيٺ به آئي. 1988ع ۾ جنرل ضياءَ جي حادثاتي موت کانپوءِ ضيائي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي پيارن اسلامي جمھوري اتحا IJI))جي جھنڊي ھيٺ 1988ع ۽ 90ع جون اليڪشنون ڪيون جن مان 1990ع جي چونڊن ۾ نواز شريف پھريون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم ٿيو.
ھن پيپلز پارٽي ۽ مخالف جمھوري قوتن ڏانھن سخت گير رويو رکيو ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ سان بينظير حڪومت جو خاتمو ڪرايو ھو چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو. 1993ع ۾ نواز شريف IJI کي الوداع ڪري پنھجي نالي سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) ٺاھي تڏھن ڪن حلقن ۾ ان کي نواز شريف جي سوچ ۽ ارادن ۾ ڪنھن وڏي تبديلي نه پر رڳو غلام مصطفيٰ جتوئي سان اڳواڻيءَ جو معاملو سمجھيو ويو جنھن کي اليڪشن کانپوءِ باءِ پاس ڪري ھو پاڻ کي IJI جو وزير اعظم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ھو. بحرحال پاڪستان مسلم ليگ (ن)ٿيڻ کانپوءِ سگھوئي ٻين سببن سان گڏ ميان صاحب کي IJI ختم ڪرڻ جو تحفو سندس حڪومت جي خاتمي جي صورت ۾ مليو. ھن لاءِ به محترمه بي نظير (شھيد) جي حڪومت جي خاتمي واري ساڳئي چٺيءَ تي نواز شريف جو نالو لکي حڪومت کان فارغ ڪري ۽ محترمه بي نظير ڀٽو شھيد تي لڳايل الزام پٽ تان چٽي 1994ع جي اليڪشن ۾ کيس اقتدار لاءِ اھل ڪيو ويو.
ضيائي باقيات جو ھي تماشو جاري رھيو جو شھيد بينظير جي چونڊيل حڪومت ٻيھر پنھجي مدي کان اڳ 1997ع ۾ ختم ڪري چونڊون ڪرايون ويون. انھن ۾ نواز شريف وڏي اڪثريت سان کٽي آيو. عام تاثر اھو ھو ته ھن کي ايڏي اڪثريت اسٽيبلشمنٽ جي ادارن ڏياري آھي جڏھن ته نواز شريف جو اھو دور اسٽيبلشمينٽ سان مسلسل ٽڪراءُ جو دور ثابت ٿيو. پنھجي ان دور ۾ 13 آئيني ترميم ذريعي ھن جمھوري حڪومتن مٿان لٽڪندڙ آمريت جي تلوار 58، 2-B ۽ ھارس ٽريڊنگ جو خاتمو ڪيو. جنرل مشرف جي ڪارگل ايڊوينچر تي بليڪ ميل نه ٿيو آمريڪا جي مخالفت کڻي به ڀارت جي مقابلي ۾ ائٽمي ڌماڪا ڪري ملڪ جي وقار ۽ سيڪيورٽي جو سڄي دنيا کي پيغام ڏنو، پنھجي ان دور ۾ ھو جاگ پنجابي جاگ وارو نواز شريف نه ھو. ھن ننڍن صوبن ۽ قوميتن جو احترام ڪيو ائٽمي ڌماڪن کانپوءِ ڪيل تقرير ۾ ڪالاباغ ڊئم ٺاھڻ جي اعلان کان پوءِ سنڌ، سرحد، بلوچستان جي عوام جي احتجاج ۽ اسيمبلين جي قراردادن کي مان ڏنو. سنڌ، سرحد، بلوچستان ۾ ھن حميد جتوئي، فاضل راھو، جي ايم سيد، ولي خان عطاءُالله مينگل جي جمھوري ورثي سان ڳانڍاپو وڌايو، انھن کي پنھجن صوبن ۾ حڪومتون ٺاھڻ ۾ حصو ڏنو ۽ ساڻن اتحادي لاڳاپا رکيا. ھن پنجاب ۽ ننڍن صوبن جي وچ ۾ پل بنجڻ جي ڪوشش ڪئي اھو نواز شريف عوام ۽ قومن کي ورھائي حڪمراني ڪندڙن کي ڪيئن قابل قبول پئي ٿي سگھيو.
1990ع واري دور ۾ ھن خاص ڪري سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ 97ع واري دور ۾ لساني دھشتگردي خلاف آپريشن ڪري امن امان جي صورتحال بھتر ڪئي. البته پ پ کي دٻاءَ ۾ رکڻ جي ساڳي پاليسي برقرار رکي جنھن سان سيف الرحماني احتساب ۽ آصف علي زرداري جي لمبي جيل ياترا شروع ٿي ۽ جيل ۾ ھن تي تشدد جنھن ۾ سندس زبان ڪٽجڻ جو واقعو به رپورٽ ٿيو. 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل مشرف نواز شريف جي حڪومت ختم ڪرائي اقتدار تي قبضو ڄمايو ۽ ھن کي ڪاٺ ۾ ھڻي مٿس ھائجيڪنگ ۽ ٻيا ڪيس لڳائي ساڻس بدترين سلوڪ ڪيو. ان جي باوجود نواز شريف جي جيل ۾ ھئڻ دوران جنرل مشرف ھن جي پارٽي ٽوڙي نه سگھيو جو غير جمھوري قوتن کي پنجاب جي سياسي قيادت ھٿان جمھوريت جا بنياد مضبوط ڪندڙ 13 آئيني ترميم جو شايد تصور به نه ھو. اھا گھر جي لڳي سان کين پنھنجو ٽڪساٽ ٽٽندي لڳو ھو جو مشرف نواز ليگ کي ٽوڙڻ لاءِ پنھجي جرنيليءَ جو سڄو زور لڳايو پر انھن قوتن لاءِ نواز ليگ مان ھم خيال گروپ ۽ ق ليگ ٺاھڻ ميان صاحب جي جلاوطن ٿيڻ کانپوءِ ئي ممڪن ٿي سگھيو ھو.
نواز شريف سڌي طرح فوجي حڪومت جي عتاب ھيٺ آيو ھو ۽ ھن کي به سوريءَ سزاوار ڪرڻ جو پورو انتظام ڪيو ويو ھو جو سندس ڊوميسائيل ( آصف زرداري جي لفظن ۾) ۽ سعودي ٽياڪڙي ڪم آئي. سندس جلاوطني بھرحال ھن سميت مشرف لاءِ به آسانيون پيدا ڪيون. مشرفي عتاب کان لنڊن ۾ جلاوطني اختيار ڪيل شھيد بينظير ۽ نواز شريف پھريون دفعو ھڪٻئي جي سياسي حيثيت تسليم ڪندي ميثاق جمھوريت جو معاهدو ڪيو. جنرل مشرف جي اعلانيل جنوري 2008ع جي عام چونڊن جي نواز شريف طرفان بائيڪاٽ ختم ڪرڻ لاءِ شھيد بي بي ھن کي آماده ڪيو ۽ پنھجي اليڪشن ڪئمپين ۾ واضح اعلان ڪيائين ٿي ته “جيڪي ماڻھو اسان کي ووٽ نه ٿا ڏين اھي نواز شريف کي ووٽ ڏين.” اھا ملڪ جي آئنده جي سياست ۽ جمھوريت لاءِ وڏي خوشخبري ھئي جنھن کي 27 ڊسمبر تي بينظير جي شھادت سان قتل ڪيو ويو.
2008ع جي چونڊن کانپوءِ آصف علي زرداري ملڪ جو صدر ٿيو ھن ۽ ميان صاحب گڏجي جنرل مشرف کي سندس آمريتي اقتدار تان رخصت ڪيو. ھڪ مختصر عرصو مخلوط حڪومت ۾ رھڻ کانپوءِ فطري طرح نواز ليگ ملڪ جي اپوزيشن پارٽي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪيترن ئي معاملن تي پ پ جي شديد ۽ مائيڪ ٽوڙ مخالفت به ڪئي انجي باوجود غير جمھوري طور تي پ پ حڪومت جي خاتمي جي خطرن توڙي جمھوريت کي مضبوط ڪندڙ سڌارن ۾ پ پ حڪومت جو ساٿ ڏنو. 18 آئيني ترميم ان جو ثمر آھي.ميان صاحب ۽ زرداري صاحب ٻنھي آمر جنرلن ۽ اسٽيبلشمنٽ جي پسنديده اينٽي جمھوريت ميزائيل 58, B-2 کي اڏائي ان تحت پارليماني جمھوريت ۽ آئيني بالادستي کي مضبوط ڪيو جيڪو ملڪ کي سيڪيورٽي اسٽيٽ طور ھلائڻ وارين قوتن جي لاءِ ناقابل معافي ڏوھه آھي. 2013ع کان شروع ٿيندڙ پنھجي ٽئين حڪومتي دور ۾ نواز شريف پ پ دور جي جمھوري سڌارن کي برقرار رکيو.صوبائي خود مختياري جي روح مطابق صوبائي حڪومتون ٺھڻ کي ترجيح ڏني جنھن سبب عمران خان جي سرحد ۾ حڪومت ٺھي سگھي جنھن حڪومتي اختيار ۽ وسائل ھٿ ڪري نواز شريف خلاف اسٽيبلشمينٽ جي گيم پلان کي آسان بنايو. ھن مجموعي طرح ۽ وڌ کان وڌ حد تائين اسٽيبلشمنٽ جي دٻاءَ باوجود بااختيار وزير اعظم ٿي رھڻ جي ڪوشش ڪئي، ھن جي ترجيح ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ توانائي بحران جو خاتمو ھو. آمريڪا جي مقابلي ۾ چين سان اقتصادي فوجي ۽ سياسي لاگاپا مضبوط ڪيا ۽ سي پيڪ کي نين بلندين تي کڻي ويو. ھن دور ۾ به نواز شريف کي وزير اعظم طور مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو اقامه ۽ پانامه جو ڦندو ھن جي گچي ۾ وجھي ڇڪ ڏني وئي پر ھن جھڪڻ بدران مزاحمت کي ترجيح ڏني. نواز شريف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ مفاھمت جي سياست جو محاورو ان دور ۾ گھڻو بحث ۽ تنقيد ھيٺ رھيو ۽ ڪن حلقن ۾ ان کي ٻن خاندانن جي واري سان حڪمراني ڪرپشن ۽ گورننس جي خرابي جو سبب به قرار ڏنو ويو ان جي حقيقت ڪيتري به ھجي پر وقت ثابت ڪيو آھي ته ان سوچ/پروپئگينڊا جو وڌ ۾ وڌ فائدو پ پ ۽ نواز ليگ پاران جمھوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي فيصلن سب سياسي طور يتيم ٿي ويل آمريتي قوتن ورتو آھي. ھنن وٽ ان کانپوءِ ڇا بچيو آھي جو اھي پنھجي اقتدار ۽ بالادستي جي ازلي اڃ اجھائين سواءِ ان جي ته پنھجي ۽ سندن حامي ادارن ۽ دلپسند مسلڪن جي مقدس ھجڻ، اظھار راءِ کي قيد ڪري کنڀائي فرشتا ڇوڙي ملڪ ۾ خوف جي فضا پکيڙي مقبول جمھوري عوامي قيادت ۽ پارٽين کي الزامن ۽ سزائن جي نوڙ ۾ ٻڌي مٿن جمھوري نمائندگي ۽ حڪمراني جا دروازا بند ڪري ڪٺ پتلي تماشو لڳائين ۽ ضيائي برانڊ 58 B -2 ٻيڙيءَ جي ٻاڙ لاھين .
گذريل ٽن سالن کان رڳو ٻن وڏين جمھوري پارٽين جي قيادت ۽ سندن خاندانن تي ھلندڙ احتسابي ٽرائل ۾ ھاڻي ڪوبه شڪ نه رھيو آھي ته اھو سندن سياسي رستا روڪ جو ڍونگ آھي. لاڏلي نيازي جي حڪومت ۽ ان جي سرپرستن جي ڪارستانين کي به ھن ٻيڙا ساڙي بينقاب ڪرڻ جي ھمت ڪئي ته ضرور کيس ان جي نتيجن جي به ٻئي ڪنھن کان وڌيڪ چڱي پر ڄاڻ ھوندي. سندس پارٽي جي ھڪ اڳواڻ ٻڌايو ھو ته ميان صاحب ان تي پڪو بيٺو آھي چوي ٿو ته آئون اھو فيصلو ڪري ويندس ته ھن ملڪ تي حڪمراني آئين عوام ۽ پارليامينٽ ڪندي. ملڪ ۾ ڪرپشن اختيارن جو ناجائز استعمال آمدني کان وڌيڪ اثاثه ٻاھرين ملڪن ۾ ملڪيتون دولتون انھن سڀني کي معاف آھن جيڪي “وڏي سرڪار” جي ٻيڙي ۾ ھجن ٿا. اسان اڪثر پنھجي سوچ ۽ خواھشن مطابق ڪن ماڻھن/ڌرين خلاف انھن طرفان ايڪشن ٿيندو ڏسي فطري طور خوش ٿيندا آھيون ۽ خبر به نه پوندي آھي ته چالاڪ ماڻھن ۽ قوتن ھٿان پنھنجي خلاف ئي استعمال ٿي ويندا آھيون. ان ڪري انھن مسئلن جو حل عوامي احتساب ئي ٿي سگھي ٿو جيڪو شفاف ۽ لڳاتار اليڪشنون جاري ۽ ساري رھڻ سان ئي ممڪن آھي جيڪو نٿو ٿيڻ ڏنو وڃي. اھا ڳالھه ڪنھن به شبھي کان بالاتر آھي ته موجوده وقت ۾ خاص ڪري نواز ليگ ۽ پ پ کي مختلف ڪيسن جي آڙ ۾ سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي انھن پارٽين جي قيادت ۽ سرگرم اڳواڻن مان اڃان نواز شريف کي سزا ۽ ملڪيت جي ضبطي جو پروانو آيو آھي.
احتسابي عدالت سڳوريءَ “عدالت” ڪري ڇڏي آھي حڪم جي بندي حڪومت تيار آھي ته اھا نواز شريف کي ڪنگال ڪري عبرت جو نشان بنائيندي ۽ جيڪي جمھوريت جا چئمپين بنجن ٿا انھن کي سبق سيکاريندي. نواز شريف جي ڪنگال ٿيڻ کانپوءِ ھن وٽ رھڻ لاءِ گھر ڪونه ھوندو ۽ ھو ڪروڙين پاڪستانين جي دلين ۾ رھندو ھن وٽ لٽا پائڻ لاءِ ڪونه بچندا ۽ ھو ڪروڙين مائرن ڀينرن جي دعائن ۾ ڍڪيل رھندو. ماني ڳڀي لاءِ اميرن نه پر غريبن جي چلھين مان اٿندڙ رٻ ۽ رکن چانورن جي خوشبوءَ ھن جي بک اجھائيندي خرچ جي به ھن کي ڪا لوڙھه نه پوندي جمھوريت ۽ ملڪ لاءِ ھن جيڪو ڪجھه ڪيو آھي سو ساوا کيت بنجي سندس آجيان ڪندا رھندا. نواز شريف جيڪو کاڌو (نه کاڌو) ھن جو کاتو ھاڻ احرام وانگر اڇو آھي وڌيڪ فيصلو ھن جي پنھجي وس آھي تاريخ ۾ زنده اھي رھن ٿا جيڪي اوچو ونءُ اوڀار ھلن ٿا ۽ تاريخ تي پنھجي قدمن جا نشان ڇڏين ٿا.