مارشل لا ۽ خوني مارچ جون ڳالهيون ڇو ؟

0
128
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

جيئن جيئن عمران خان جو لانگ مارچ اڳتي وڌي رهيو آهي تيئن تيئن ڳڻتيون ۽ ڳالهيون به وڌي رهيون آهن،رڳو ڪنهن هڪ پاسي کان نه پر ٻنهي پاسن کان اهڙيون ڳالهيون ۽ انديشا ڏيکاريا پيا وڃن جيڪي ڪنهن به ريت مناسب نه آهن، نه ملڪ لاءِ،نه  نظام لاءِ، نه ئي عوام لاءِ ۽ نه ئي ڪنهن سياسي پارٽي لاءِ .ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهي لانگ مارچ جي ڪري ڪا گڙٻڙ ڪا رتوڇاڻ يا خونريزي ٿئي ٿي ته ان جو وڌ ۾ وڌ نقصان ملڪ ۽ نظام کي ئي ٿيندو ،جڏهن ته اهي به انديشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته ڪٿي اهڙي صورتحال ۾ نظام ئي نه ويڙهجي وڃي. اهي ڳالهيون ڪي عام تبصري نگار ،سياسي تجزيئي نگار ،يا عام ماڻهو نه پيا ڪن پر اهي ڳالهيون انهن وٽان ٻڌڻ لاءِ ملي رهيون آهن جيڪي يا ته لانگ مارچ ڪري رهيا آهن يا وري جيڪي لانگ مارچ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندڙ آهن. مطلب ته پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت ۽ حڪومت جي اهم وزيرن طرفان ئي اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملي رهيون آهن جنهن ڪري خطرو ۽ خوف اڃا به وڌي وڃي ٿو.

لانگ مارچ جي سربراهي ڪندڙ ۽ پي ٽي آ ءِ اڳواڻ عمران خان ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته هو 6 مهينن کان انقلاب ڏسي رهيو آهي ڇا اهو بيلٽ ذريعي ايندو يا رتوڇاڻ سان؟ هڪ ٻئي انٽرويو ۾ جڏهن صحافي هن کان سوال ڪيو ته ڇا مارشلا جو خطرو آهي ته هن انهي جي مخالفت ڪرڻ بدران چيو ته ڊيڄارين ڇو ٿا، مارشل لا لڳائڻو آهي ته لڳائي ڇڏين.مونکي ڪا به پرواهه ناهي.ملڪ عجيب صورتحال ۾ ڦاٿل آهي هڪ پارٽي جو سربراهه جيڪو دعويٰ ڪري ٿو ته هو عوام جي  مرضي سان تبديلي آڻڻ چاهي ٿو اهو رتوڇاڻ ۽ مارشل لا جون ڳالهيون به ڪري رهيو آهي ۽ وري چئي به رهيو آهي ته مان آئيني طريقي سان صاف شفاف اليڪشن ٿو گهران .جيڪڏهن ڳالهه رڳو اليڪشن ڪرائڻ جي آهي ته پوءِ رتوڇاڻ جون ڌمڪيون يا سوال ڇو؟ ڇا هو عوام کي انهي پاسي وٺي وڃڻ چاهي ٿو ؟ ٻئي طرف گهرو وفاقي وزير پي ٽي آءِ جي هڪ اڳواڻ جي آڊيو صحافين کي ٻڌرائي آهي جنهن ۾ هو ڪنهن سان بندوقون ،ماڻهو ۽ لائسينس آڻڻ بابت ڳالهائي رهيو آهي جڏهن ته اهو اڳواڻ وري ان جي تائيد به ڪري ٿو ته ڪي پي جو هڪ وزير به ان جو دفاع ڪري ٿو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت طاقت جو استعمال ڪيو ته اسان پنهنجي دفاع جو حق رکون ٿا.ڇا ان ڳالهه مان اهو سمجهجي ته پي ٽي آءِ جي مارچ ۾ شامل ماڻهن کي ذهني طور وفاقي فورسز سان ويڙهه لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي.حڪومت به چئي رهي آهي ته جيستائين اهو مارچ آئيني حدن ۽ پرامن رهندو ته انهي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي ويندي پر جيڪڏهن انهي مارچ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پو ءِ ان کي سختي سان چٿيو ويندو،جيڪڏهن اهو مارچ پرامن نموني اسلام آباد پهچي ٿو ته پوءِ مارشلا ،رتوڇاڻ ۽ هٿيار آڻڻ جون ڳالهيون ڇو ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ ڪيون ٿيون وڃن.جڏهن ته اتحادي حڪومت جي سڀ کان وڏي پارٽي جي سربراهه ڪنهن به ريت احتجاجي پارٽي سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ فيس سيونگ کان روڪي ڇڏيو آهي جنهن جو مطلب ته اهو معاملو هر حال ۾ ڇڪتاڻ طرف ويندو ۽ ان جو ڪهڙو به نتيجو نڪري سگهي ٿو.

اسان سمجهون ٿا ته ڪهڙو به وڏو مسئلو هجي ان جو حل اول آخر ڳالهين ۾ ئي هوندو آهي ۽ ڪا به سياسي ڌر اها حڪومت ۾ هجي يا مخالف ڌر ۾ ان کي ڳالهين جا دروازا بند نه ڪرڻ گهرجن. ملڪ ۾ جڏهن ڪو نظام ۽ آئين موجود هجي ته انهي مطابق ئي اڳتي وڌڻو پوندو آهي ڀلي ڪنهن کي اها ڳالهه وڻي يا نه وڻي پر هڪڙي حڪومت موجود آهي جيڪا پارليامينٽ ذريعي آئين تحت حڪومت ڪري رهي آهي جيڪڏهن ڪير انهي کان نين اليڪشن جو شيڊيول وٺڻ چاهي ٿو ته ان جو رستو آئين ۾ موجود آهي ته اهي پارليامينٽ  يا سياسي احتجاج ذريعي حڪومت کي مجبور ڪن يا ڳالهين ذريعي پنهنجو مطالبو مڃرائين باقي خوني مارچ،رتوڇاڻ ۽ مارشل لا جي ڌمڪين سان رڳو نظام کي ئي خطرو ٿي  سگهي ٿو جيڪو ملڪ ۽ سياسي پارٽين جو ئي نقصان آهي.