سياست ۽ رياست جو گڏيل مونجھارو

0
108
سياست ۽ رياست جو گڏيل مونجھارو

 ڇا هي رياست هڪ بدترين بحران جي طرف نه پئي وڌي؟ ڇا انهيءَ بحران کي منهن ڏيڻ جي سگھه هن ملڪ جي مجموعي سياست جي وس ۾ آهي؟ ۽ جيڪڏهن اها سگھه يا سهپ سياست جي اندر ناهي ته پوءِ انهيءَ بحران کي ختم ڪير ڪري سگھندو ۽ جڏهن ايندڙ وقت جو اهو بحران جيڪو شدت سان اڀرندي واضح صورت اختيار ڪندو ٿو وڃي خود هجي ئي سياسي ته پوءِ انهيءَ جو حل اصولن ته سياست کي ئي ڪڍڻو آهي ليڪن انهيءَ جي لاءِ هڪ خاص برداشت ۽ قبولڻ جي جڏهن سگهھ سياست ۾ هوندي تڌهن اها سياست تمام سياسي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي دعويٰ ڪري سگھي ٿي ۽ انهيءَ مان ئي اها اميد به رکجي سگھجي ٿي ته اها سياست هن رياست کي بدترين بحرانن کان ڪڍي ويندي. ايندڙ وقت جو بحران جيڪو پنهنجا انڊيڪيٽر ڏيکاري رهيو آهي اهو رڳو اهو ناهي ته انهيءَ بحران کي عمران خان پيدا پيو ڪري ۽ ان جي سياسي دٻائن احتجاجن ، جلسن يا هاڻي شروع ڪيل لانگ مارچ جي نتيجي ۾ اهو بحران پيدا ٿيندو يقينن ان پيدا ٿيندڙ اختلافن کي ڪو به سمجھدار ماڻهو نظر انداز نٿو ڪري سگھي ۽ اهو سوچڻ به وڏي غلطي ٿيندي ته ڪو هڪ سياسي ليڊر بد کان بدتر بحران پيدا ڪندو رهي ۽ انهيءَ جي پيدا ڪيل بحرانن کي ملڪ جون باقي تمام سياسي پارٽيون منهن ڏيڻ جي سگھه نه رکن. هن ملڪ جو اصل سياسي بحران جيڪو وڌيڪ شدت سان پيدا ٿيندو اهو هڪ ٽرائينگل جو يعني ٽي رخي ورڇ ۽ طاقت جو ٽڪراءُ آهي پاڻ ان ٽن رخي ورڇ ۽ طاقت کي آڏو رکندي جڏهن تشريح ٿا ڪريون ته ان جي صورت ڪجھه هينئن ٿي جڙي ته هڪ ڪنڊ يا رخ آهي اتحادي سياست يا اتحادي حڪومت جو ٻيو حڪومت کان ٻاهر رهندڙ مخالف ڌر جو ( جنهن ۾ عمران خان سان گڏ اهي سڀ جماعتون اچي وڃن ٿيون جيڪي حڪومت جي سياسي اتحاد ۾ شامل ناهن جن ۾ بلوچستان سنڌ جون قوم پرست جماعتون اچي وڃن ٿيون) طاقت جو ٽيون چهرو يا رخ هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ آهي.

هن رياست جي ٽرائڪا ۾ پهريان جڏهن تشريح ڪئي ويندي هئي ته ان وقت ٽرائيڪا جا ٽي رخ اهي ٻڌايا ويندا هئا جنهن ۾ هڪ پارليامينٽ ٻئي جوڊيشري ۽ ٽي اسٽيبلشمينٽ پر هاڻي جي تضادن ۾ تبديلي اها اچي وئي آهي ته پارليامينٽ پنهنجي فيصلاتي سگھه تمام گھڻي ڪمزور ڪري وئي آهي ڇو ته پارليامينٽ جي اندر صحيح معنيٰ ۾ ڪا به مخالف ڌر موجود ناهي جڏهن ڪنهن پارليامينٽ جي اندر مضبوط مخالف ڌر جو وجود نه هجي ته انهيءَ پارليامينٽ کي سگھارو ۽ طاقتور ادارو نٿو چئي سگھجي ڇو ته پارليامينٽ پنهنجو اهو ڪردار جيڪو حڪومت تي چيڪ ايند بيلنس وارو هوندو آهي سو ادا نه ڪرڻ جي ڪري پارليامينٽ پنهنجي رياست جي اندر طاقتور سگھه ختم ڪري ويندي آهي. هن وقت صورتحال پارليامينٽ سان اهڙي آهي جو پارليامينٽ حڪومت تي ڪو به چيڪ اينڊ بيلنس نٿي رکي تنهن ڪري انهي کي رياست جي ٽرائيڪا ۾ شامل ڪرڻ غلط ٿيندو.هن وقت حڪومت پنهنجي تمام اتحادين سان جيڪا حڪومتي گاڏي هلائي پئي ٽرائيڪا ۾ انهيءَ کي ئي شامل ڪري سگھبو ۽ سياسي طور تي اپوزيشن پارليامينٽ کان ٻاهر روڊ ۽ رستن تي يا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مزاحمت ۽ مخالفت ڪري انهيءَ کي ٻي طاقت ئي سمجھڻ گھرجي ۽ ٽي طاقت اسٽيبلشمينٽ جي انهيءَ ڪري دهرائجي ٿي ته پاڻ کي غير جانبدار يعني نيوٽرل سڏيندڙ يا رکندڙ انهيءَ طاقت کي سياست ۾ هن وقت وڌ کان وڌ اهميت ڏني ٿي وڃي. پوري مخالف ڌر جنهن جو ذڪر ڪري آيا آهيون اها اسٽيبلشمينٽ جي ان غيرجانبداراڻن اعلانن تي هڪ ته يقين نٿي ڪري ۽ ٻيو خطرناڪ رويو يا انهيءَ کان وڌيڪ هڪ مطالبو اسٽيبلشمينٽ کان هي ڪيو ٿو وڃي ته اها حڪومت حاصل ڪرائڻ جي لاءِ ساٿ ڏئي جيڪو هن وقت نمايان صورت ۾ ۽ کلي طريقي سان عمران خان ڪري رهيو آهي نه رڳو ايترو عمران خان هڪ قدم اڳتي وڌندي پنهنجي پهرين لانگ مارچ تي سپريم ڪورٽ کان جيڪا سهولت حاصل ڪئي هئي ۽ انهيءَ تي عمل نه ڪيو طئي ٿيل جڳهھ جي ابتڙ هن ريڊ زون ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو. پنهنجي ان ڪورٽ جي انحرافي عمل بابت جيڪو کيس  هاڻي عدالتي توهين جو هلي پيو تنهن ۾ ڪامل حيرت سان هو ڪورٽ سان سياسي شاطراڻي چال کيڏندي چئي رهيو  آهي ته ڪورٽ جي حڪم جي هن کي اهڙي ڄاڻ ئي نه هئي، نه هن کي ٻڌايو ويو هو جنهن جي هن ڀڃڪڙي ڪئي. حيرتناڪ حد تائين ڪورٽ عمران خان جي اهڙي جواب تي ڄڻ ته سوچي پئي ڇو ته پهريان به ڪورٽ جي طرفان اهڙا ريمارڪس اچي چڪا آهن جنهن ۾ چيو ويو هو ته “ ممڪن آهي ته عمران خان کي ڪورٽ جي حڪم جي پوري معلومات نه هجي ” جوڊيشري جيڪا پنهنجي غير جانبداري جي پاليسي اختيار ڪئي جيڪا هن جي هن جي آئيني منصب ۾ لازمي آهي اها به وقتن به وقتن مصلحتن جو شڪار ٿيندي نظر ٿي اچي. ڀلي ان جي اهميت ڪيتري به هجي پر مصلحت پسندي هميشه مضبوط ڪردار ادا ڪرڻ ۾ وڏي کان وڏي رڪاوٽ هوندي آهي سو هن وقت موجود ٽرائيڪا حڪومت ، اپوزيشن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ جيڪي به اتحاد ۽ ٽڪراءُ آهن انهي جي مستقبل مزاجي ان ئي هڪ نقطي تي رهڻ مشڪل پر ناممڪن آهي نه اپوزيشن پنهنجي روين تي ۽ موقفن تي قائم رهندي ۽ نه حڪومت جو اتحاد خاص ڪري ن ليگ ۽ پ پ پ جي وچ ۾ ڪا جٽاداري رهي سگھندي.

اهڙي طرح ساڳيوئي مسئلو خود اسٽيبلشمينٽ جي اندر آهي جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي اندر تضاد نه هجن ها ته عمران خان ڪڏهن به اهڙي اميد ۽ تنقيد اسٽيبلشمينٽ جي مٿان نه ڪري   ها ۽ نه رکي ها. هي سڄو سارو بحران جيڪو تمام ڌرين جي اندر يعني داخلي بنيادن تي هلي پيو اهو ڪنهن به صورت ۾ ختم ٿيندي نظر نٿو اچي پر مستقبل ۾ اڃان وڌيڪ شدت سان اڀرندو ڇو ته سياسي پارٽين پنهنجي سياسي ڪلچر ۾ اڃان تائين نه جمهوريت پيدا ڪئي آهي ۽ نه عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ ڪو سنجيده عمل ڪيو آهي ۽نه ئي انهن مان اهڙي قسم جي ڪا اميد رکي سگھجي ٿي. سڀني سياسي پارٽين جي مفادن ۾ اقتدار ۽ اقتدار جي حصي پتي جي بيماري موجود آهي.

حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي  ساڳئي بيماري ۾ مبتلا هجڻ جي ڪري پنهنجي ڪمزوري ختم ڪرڻ جي بجاءِ وقت گذرڻ سان گڏ اها بيماري وڌيڪ طاقتور ٿيندي ويندي اقتدار پرستي جي بيماري وڌ کان وڌ نقصان عوام کي ڏيندي آهي ۽ ان عوام جي نقصان جو ازالي نه ٿيڻ جي ڪري هڪ بي يقيني ۽ انارڪي پيدا ٿيندي، انهيءَ بي يقيني ۽ انارڪي جو فائدو هميشه اپوزيشن جي تحريڪن کي ۽ پارٽين کي مليو آهي. ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن حڪومتي ڌر عمران خان سان ڳالھه ٻولھه ڪري اليڪشن ڪرائي ٿي ته اها اليڪشن پاڪستان جي تاريخ جي وڌ کان وڌ متضاد ۽ ٽڪراءَ ڪندڙ اليڪشن هوندي پر جيڪڏهن هن موجوده سياسي ڪلچر ۾ اتحادي حڪومت پوئتي ٿي به وڃي ته عمران خان پنهنجي ماضيءَ کان وڌيڪ مخالف ڌر کي ڪچليندو، ڇو ته هن جي نقطه نظر ۾ اپوزيشن کي برداشت ڪرڻ جي ڪابه گنجائش ناهي. هاڻي ته هو پارٽي جي اندر به اپوزيشن کي برداشت نٿو ڪري. هن رياست جي اندر ننڍين قومن جا تضاد وڏيون جماعتون حل ڪرڻ جي بجاءِ نظر انداز ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري ويٺيون آهن تنهن ڪري مسقبل جي اندر انهن جا ٽڪراءَ پيدا ٿيندا. ايندڙ وقت ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جيڪڏهن ڪو پنهنجو سياسي فيصلو ڪندي جنهن جو وڌيڪ واضح امڪان آهي،

ڪراچي حيدرآباد ۾ سياسي عمل کي وڌائي ٿي ته پوءِ سندس اوسي ڀاسي کان ڀڳل ڀائي ڪهڙي ڪنڊ ۾ هوندا اهو سمجھڻ ڏکيو ناهي ۽ نه اسان هن وقت بلوچستان جي حساسيت کي نظر انداز ڪري سگھون ٿا. ايندڙ وقت ننڍيون ننڍيون چڙنگن کي گڏ ڪري هڪ وڏو مچ مچائيندي نظر ٿو اچي. پنجاب هاڻي پراڻي سياسي اسٽيٽسڪو ۾ رهندي نظر نٿو اچي ۽ نه وري ڪي پي ۾ پي ٽي آئي جي پوزيشن مضبوط رهندي انتها پسنديون ، نسل پرستيون پنهنجي حرڪتن کان باز نه ٿيون اچن ۽ نه باز رهنديون مستقبل جي صورتحال ڪنهن به صورت ۾ پرسڪون ٿيندي نظر نٿي اچي. رياست جا ادارا پنهنجي پنهنجي مصلحتي حدن کان ٻاهر نڪري آئيني ڪردار عوام لاءِ ادا ڪندي نظر گھٽ ئي لڳن ٿا تنهن ڪري لازمي طور رياست ۽ سياست جا مونجھارا وڌندا. اسان کي هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته رياست جي تمام پيچدگين ۽ مونجھارن کي صرف ۽ صرف سياست ختم ڪري سگھي جيڪا عوام سان جڙي عوام جي لاءِ ڪم ڪندي. اقتدار پرستي جي سياست مونجھارن کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ انهن کي وڌ کان وڌائڻ جو ئي ڪم ڪندي آهي جيڪي مونجھارا اڄ آهن سڀاڻي اڃان وڌيڪ وڌندا.