اڌ پڙھيل ۽ وقت کان اڳ پرڻيل ڇوڪريءَ جي درد ڪٿا..!

 

گل… تو وساري ڇڏيو سچ پڇين ته دل مڃي ئي نٿي. زندگي جي وهڪرن ۾ هر ماڻھو مصروف آھي پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻھو ياد به ڪندو آھي. سچ پڇين ته جن سان روح جا رشتا هوندا آھن تن جي تانگھه سداحيات هوندي آھي. تو کي ڪيترائي دفعا ٻڌايو اٿم ته امان ۽ بابا کانپوءِ زندگي ۾ تون ۽ منهنجي اها چري سهيلي ته پوري ڪائنات آھيو جنهن کي ٻارهين ڪلاس جي امتحان ڏيڻ کان اڳ ئي پرڻايو ويو هو. جنهن ڊاڪٽر ٿيڻ جا خواب ڏٺا هئا. اها ئي چري ڇوڪري جنهن جي صرف مرڪڻ سان ڦول ڇڻي پوندا هئا. اڄ اها ئي ڇوڪري اداسين ۾ گهيريل آھي. خبر اٿئي گل..! رات مون کي ميسيج ڪيائين ته سنڌو .. تنهنجي اڌ پڙھيل ۽ وقت کان اڳ پرڻايل سهيلي جو وجود ڄڻ موت طرف ڌڪجي رهيو آھي. پڇيومانس ڇو اداس آھين؟ وراڻيائين اولاد نه ٿيڻ ڪري مڙس ٻي ٿو شادي ڪري. ڇرڪي پيس. چيم ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ مختصر وراڻيائين اهو سچ آھي سنڌو. پنهنجي چري سهيلي کي ڀورا ڀورا ٿيندي ڏٺم. ائين محسوس ڪيم ته سندس اکڙين مان ڪريل ڳوڙھا منهنجي دامن تي اچي ڪريا آھن. ڪنهن تخليقڪار جون سٽون ذهن تي تري آيون ته:

ان مرد جو  ايذاءُ، جنهن کان ساري دولت ڦرجي وئي هجي يا جنهن جو جوان پٽ قتل ٿيو هجي، ان بيواه جو  ايذاءُ جنهن جو مڙس مري ويو هجي، يا ان ماڻھوءَ جو  ايذاءُ جيڪو پنهنجي پٺي تي چيتي جا ساھ محسوس ڪندو هجي، پر انهن سڀني ايذائن کان ان عورت جو  ايذاءُ وڌيڪ آھي جنهن جو مڙس ٻي شادي ڪرڻ وارو هجي..!

شال سلامت هجين.

فقط تنهنجي سنڌو

 

غلام علي گل ٻجورو/سجاول

 

ڪراچي سنڌ جي دل آهي

 

سنڌ ڌرتيءَ صوفين جي ڌرتي آهي جتي محبت پيار امن جو پيغام ملي ٿو پر افسوس ڪراچي شهر ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ جي وارثن کي بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو. هاڻي جيڪو واقعو پيش آيو آهي مڇر ڪالوني اندر ٻن نوجوانن سنڌي انجنيئرن اسحاق پھنور ۽ ايمن جاويد کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي وڊيو ۽ فوٽيج وائرل ٿيا آهن جيڪي پٿرن ۽ سرون هڻي انهن کي ماريو ويو آهي، پر افسوس ايف آءِ آر نامعلوم ماڻهن مٿان داخل ڪئي وئي آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا ۾ويڊيو ۽ فوٽيج ۾ قاتلن جا چهرا صاف ڏسڻ ۾اچن ٿا، رياست کي گهرجي ته قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. شھيد بلال ڪاڪا کانپوءِ ھي وڏو واقعو آھي، جو سرعام بيگناھ ٻن سنڌين جو رت وھايو ويو، پر مک قاتلن کي اڃا تائين گرفتار ناھي ڪيو ويو. شھيد اسحاق پنھور ۽ شھيد ايمن جاويد جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ رھندڙ ڌارين افغانين، برمين، بنگالين، بھارين کي مڪمل نيڪالي ڏني وڃي جيئن مستقبل اندر اھڙو ڪو واقعو پيش نه اچي سگھي.

 

فرمان علي لغاري /گهوٽڪي

 

يونيسيف پاران تعليم کاتي کي مڪمل سهڪار جي خاطري

 

يونيسيف طرفان سنڌ سرڪار کي ٻوڏ سبب متاثر 44219 اسڪولن جي بحالي ۽ سوا 20 لک شاگردن کي تعليمي سهولتون ڏيارڻ لاءِ سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ڳالهه اها آهي ته يونيسيف وفد رابرٽ گورڊن جين ڪنز جي اڳواڻي ۾ صوبائي وزير سيد سردار شاهه سان ملاقات ڪري سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان ۽ سنڌ ۾ تعليم جي بحالي ۽ تدريسي عمل جاري رکڻ لاءِ عالمي مدد بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن لاءِ يونيسيف وفد کي تعليم کاتي پاران ٻوڏ کانپوءِ اسڪولن جي ٿيندڙ سروي بابت ڄاڻ ڏني ۽ ٻڌايو ته ٻوڏ سبب اسڪول انفرااسٽرڪچر مڪمل تباهه ٿي ويو آهي ۽ گهڻو نقصان ٿيو آهي. ٻوڏ متاثر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي بحالي لاءِ اسان کي اوهان جو ساٿ ملڻ کپي. اسان وٽ سٺا استاد آهن جيڪي هر حالت ۾ ٻارن کي پڙهائي سگهن ٿا. يونيسيف طرفان عالمي فورم تي سنڌ جي تعليم جي بحالي لاءِ ڀرپور نموني ڪيس پيش ڪيو ويندو. وفد موجب سنڌ ۾ تعليمي شعبي ۾ هڪ بلين ڊالر تائين نقصان ٿيو آهي. تعليم کاتي پاران استاد عورتن جي وڏي پيماني تي ڀرتي سٺو عمل آهي. هونءَ به ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ تعليم کاتي اندر ڪم ۽ ڪارڪردگي تعريف ۽ ساراهه جوڳي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ تعليم کاتي کي متحرڪ ۽ ڪم ڪري ڏيکارڻ وارو وزير سيد سردار شاهه مليو آهي. جيڪو بذات خود تعليمي بحالي ۽ تدريسي عمل لاءِ گهڻيون ڪوششون وٺي رهيو آهي. جنهن جي ڪم جي ڪارڪردگي گهڻي مٿانهين آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن وقت تعليم کاتي اندر وزير تعليم به عملي قدمن سبب سنڌ ۾ تعليم کاتي جو گراف گهڻو بهتر آهي. هن وقت اميد ڪجي ٿي ته يونيسيف پليٽفارم تان عالمي ادارا سنڌ جي تعليم کاتي جي انفرااسٽرڪچر کي ٿيل نقصان لاءِ مددگار ثابت ٿيندا. جنهن لاءِ سنڌ حڪومت پاڻ به بهتر قدم کنيا آهن ۽ آئنده لاءِ به ڪوشان آهي. جيئن سنڌ ۾ تعليمي عمل بهتر طريقي سان بحال ٿئي.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

سنڌ ۾ ڪاليج ۽ ھائير سيڪنڊري اسڪولن جي تعليم ۾ ٻٽو معيار ڇو ؟

 

درسگاھن کي ھڪ نظر سان ڏٺو وڃي آخر ھائير سيڪنڊري اسڪولن جو قيام ڇو پيو؟

جڏھن ته ھر ضلعي ۽ ننڍي وڏي شھر ۾ ڪاليج ھوندي به ھائير سيڪنڊري اسڪول کوليا ويا. وڏي ڳالھه ته ھڪ ھنڌ ساڳئي بلڊنگ ۾ ڪاليج صبح جو آھي ته شام جو ھائير سيڪنڊري اسڪول آھي. جڏھن ته شاگرد ڪاليج جي تعليم کي ترجيح ڏين ٿا.

ان جو سبب ته ڪاليجن ۾ تجربو رکندڙ ۽ سٺي ساک رکندڙ پروفيسر موجود آھن، جڏھن ته ھائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ فيڪلٽي جو فقدان آھي ۽ اتي نه ليبارٽريون آھن ۽ نه وري لائبرريون.

شاگرد اتي داخلا ته وٺن ٿا پر اتي ريگولر نه ٿا وڃن، ان جا ڪيترائي سبب آھن ھڪ ته اتي حاضري تي سختي نه آھي نه وري فڪلٽي آھي. ھڪ ته ھن وقت ڪاليج جي تعليم تي وار آھي،

شاگردن جي آن لائين داخلا ۽ استادن جي ايمرجنسي موڪل به آن لائين ڪئي وئي آھي جڏھن اتان منظور ٿئي.

بايو مئٽرڪ ۽ شاگردن جي حاضري به آن لائين ڪئي وئي آھي. اگر سڀ سختيون ڪاليجن ۾ شاگردن ۽ استادن تي ڪيون وينديون ته ڪاليجن جي SNE گھٽجي ويندي شاگردن جا امتحاني فارم نه فل ٿيندا ته پوءِ اھي شاگرد ھائير سيڪنڊري اسڪولن کي ترجيع ڏيندا. ڪاليج ڊپارٽمينٽ کي سوچڻ گھرجي ته ھائير سيڪنڊري اسڪولن کولڻ سان ڪاليج جي تعليم تي اثر پوندو.

تعليم جي پاليسي ڪاليجن ۽ ھائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ برابري جي بنياد تي ھجڻ گھرجي. سنڌ جي تعليم جي وزير يا حڪومت کي تعليم کي بھتر ڪرڻو آھي ته جتي ڪاليج موجود نه آھن اتي توھان ھائير سيڪنڊري اسڪول ڏيو پر جتي ڪاليج موجود آھن ته پوءِ ھائير سيڪنڊري اسڪول نه ھجڻ گھرجن.

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ