ماءُ بنا معصومن جي مرجھايل عيد!!

0
274
ڇا “شيرازين” پ پ کان ھڪ وڏو مطالبو ڪيو آھي..!؟

جاتي ويجھو اھا جھوپڙي عيد جي ڏينھن به اداس ھئي، جنھن جھوپڙي ۾ پروين ٿھيمور رھندي ھئي. رمضان جي مھيني ۾ عيد کان ڪجھه ڏينھن اڳ، پنھنجي اخبار ۾ جڏھن خبر پڙھيم ته جاتي جي پروين ٿھيمور پنھنجي زندگي جو انت ان لاءِ آڻي ڇڏيو، جو وٽس معصوم ٻارڙن لاءِ عيد جا نوان وڳا خريد ڪرڻ جي سگھه نه ھئي، ٻڌايو ويو آھي ته پروين جو مڙس ڳوٺ وارن جا ڍور چاري پيٽ پاليندو ھو ۽ ھي ڪٽنب غربت جي لڪير کان به ايترو ھيٺ ھو، جو کين اھا ڄاڻ ئي نه ھئي ته دنيا جا دانشور آخر غربت جي لڪير ڪھڙي شيءِ کي چوندا آھن؟ ھي ڪٽنب اڻ پڙھيل ھجڻ ڪري لڪيرن، ٽٻڪن ۽ فل اسٽاپن توڙي ڪامائن کان اڻ ڄاڻ ھو، کين صرف ايتري پروڙ ھئي، جو ھو اڌ ماني پاڻي سان پسائي کائي سمھي سگھندا ھئا ۽ ٻارن لاءِ ڪو نئون وڳو سال ۾ ھڪ ڀيرو روزن واري عيد تي ئي مشڪل سان وٺي سگھندا ھئا، پر ھن سال غربت جي گھاڻي کين ايترو پيڙھي ڇڏيو ھو، جو ھيل ھنن وٽ ٻارڙن لاءِ اڳڙي ليڙ وٺڻ جي به سگھه نه ھئي، ان کٽڪي پروين کي کائي ڇڏيو ۽ اندر ۾ کامندي ھن پنھنجي گھر ۾ پاڻ کي لٽڪائي آپگھات ڪري ڇڏيو. ان ڏينھن جڏھن ان امڙ جي لاش جي تصوير تي نظر پئي، نظر اچي رھيو ھو ته مري ويل ماءُ جي مڙھ ڀرسان سندس معصوم ٻالڪ احساسن کان بي نياز ماءُ جي چادر ۾ ويڙھيل لاش کي ڄڻ حسرت مان تڪي رھيو ھو، تڏھن سچ پڇو ته ھانءُ ڇڄي پيو ھو. دل رت جا ڳوڙھا ڳاڙڻ چاھيا پر روئي نه سگھيس، اکيون پٿرائجي ويم.
سوچيم غربت جي گھاڻي ۾ پيڙھيل ھن ماءُ پنھنجي ٻارڙن لاءِ ڪيڏيون نه حسرتون دل ۾ سانڍيون ھونديون، ته عيد جي صبح تي جگر جي ٽڪرن کي نوان لٽا پھرائي، تيل ڦليل ڪري پاڙي جي ٻارڙن سان گڏ کيڏڻ لاءِ موڪلڻ کان اڳ کين ھڪ پاٻوھ ڀريل مٺي ڏئي روانو ڪندي، پر جڏھن بي رحم غربت سندس دل ڏاري وڌي ته ھن عيد کان اڳ ئي آپگھات ڪري ڇڏيو ھو. سوچيم پروين جي زندگي جي قرباني کي غريبن جي تاريخ ۾ ھميشا لاءِ ياد رکيو ويندو، ھڪ ماءُ جو موت دنيا جي مفلسي وگھي مئل اڻ ڳڻين انسانن جي پھرين صفحي تي درج ڪيو ويندو، پر ائين نه ٿي سگھيو. ماءُ جي وڇوڙي تي درد جو جيڪو اڌمو اٿيو، سو صرف سندس گھر ڀاتين جي وجود ۾ وچڙي پيو ۽ عيد ڏينھن به اھي ئي ڀاتي سڏڪندا رھيا، باقي اقتدار جي ڪرسين تي ويٺل ماڻھن کي شايد ذري برابر به محسوس نه ٿيو ته ھڪ امڙ جنھن پنھنجي زندگي تي، بيوسي سبب موت کي ترجيح ڏني، ان جي اھل ۽ عيال کي ٻه ٻول آٿت جا چوڻ گھرجن.
جاتي جي ھڪ دوست ٻڌايو ته جاتي شھر جي ڪجھه سماج سڌارڪ ۽ واپارين ڪجھه سامان کڻي وڃي پروين جي گھر وارن کي ڏنو آھي. باقي وڏين ڪرسين تي ويٺل اقتدار ڌڻين مان ڪو به ناھي آيو، تڏھن دل ڦاٽي پئي، سوچيم ته سماج سڌارڪن ۽ واپارين پاران ڪجھه ڪپڙا ۽ سامان جون ٿيليون ملڻ لاءِ به پروين جو مري وڃڻ ضروري ھو؟ جيڪڏھن ھوءَ زنده ھجي ھا ته شايد سندس ٻارڙن کي اھو ڪجھه به نه ملي سگھي ھا، ڪيڏي نه بيحسي آھي اسانجي ھن سينواريل سماج ۾، جو ڪجھه ڪپڙن ۽ سيڌي سامان لاءِ به ڪنھن کي مرڻو پوي ٿو! ڇا ھن روايت تحت غربت جي حدن کان گھڻو ھيٺ رھندڙ سمورين مائرن کي پنھنجي جگر جي ٽڪرن لاءِ اڳڙي ليڙ ۽ ماني ڳڀو وٺي ڏيڻ لاءِ مرڻو پوندو؟ تڏھن ئي سندن ٻچا ھڪ ڏينھن جي ماني کائي ۽ ھڪ عدد وڳو پائي سگھندا؟
مونکي اھي ڏينھن به ياد آھن جڏھن شروعاتي لاڪ ڊائون ٿيڻ وقت پورھيتن کي بک چريو ڪري ڇڏيو ھو ۽ پنھنجي اخبار ۾ ڇپيل اھا تصوير منھنجي ذھن تي تري ٿي اچي جنھن ۾ نظر اچي رھيو ھو ته سجاول جا مسڪين پورھيت گند جي ڍيرن تان سڙيل ڀاڄيون ۽ پٽاٽا ميڙي کڻي وڃي رھيا ھئا. اھڙا واقعا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيڻ روز جو معمول آھي، غربت سبب سنڌ ۾ ٿيندڙ خود ڪشين تي ڪجھه عالمي تحقيقي ادارن پاران ته وقت بوقت ڳڻتي جو اظھار ڪيو وڃي ٿو پر، افسوس جو سنڌ جي اقتدار ڌڻين کي ته ھن نازڪ مسئلي تي رڳو ڳڻتي ڪرڻ جي فرصت به ناھي. ڇا سنڌ حڪومت اھڙن واقعن کي روڪڻ يا گھٽائڻ لاءِ ڪا موثر پاليسي جوڙڻ جي اھل ناھي؟ يا اھڙي پاليسي کين بي فائده لڳي ٿي؟ يا مورڳو انھن لاءِ اھڙا واقعا ته ڪو مسئلو ئي ناھن جو انھن تي سوچي وقت جو زيان ڪجي؟ ڏھاڪن کان اقتدار جي ڪرسين تي ويٺل انھن ماڻھن جي ضمير کي لوڏو ڏيڻ لاءِ ته اخبارن جون اھڙيون خبرون ۽ تصويرون به ڪافي آھن، جيڪي اھل دل ماڻھن کي روئاري وجھن ٿيون، پر شايد ھنن لاءِ ھي روايتي ۽ خصيص ڳالھه آھي، جاتي جي ھڪ پروين نه پر سنڌ جون الائي ڪيتريون پروينون روزانو سڏڪا ڀري، ٻارڙن کي بک تي سمھاري پوءِ سڄي رات روئينديون آھن، پر حاڪمن جي وڏن ڪوٽن ۽ قلعن جي ديوارن کي اھي دانھون پار ڪري نه سگھنديون آھن ۽ اھڙيون دانھون سندن ڪنن تائين پھچي نه سگھنديون آھن.