سڀني کي عيدالفطر جون مبارڪون!
رمضان شريف جي سڄي مهيني لاءِ رب تعالى روزا فرض ڪيا ۽ روزن کان پوءِ روزيدارن کي روزن جو انعام عيد جي خوشي ۾ عيدالفطر جي صورت ۾ ڏنو ويو، عيد جي ڏينهن تي سڀ مسلمان ڀائر پاڻ ۾ گڏجي عيد ملهائيندا آهن ۽ عيد نماز لاءِ عيد گاهن جو رخ ڪندا آهن، عيد جو ڏينهن وڏين خوشين وارو ڏينهن هوندو آهي، وڏا، نوجوان، عورتون توڙي ننڍا ٻار سڀ جا سڀ نوان ڪپڙا پائي عيد جو ڏينهن ملهائيندا آهن ۽ هڪ ٻئي کي عيد جون واڌايون ڏيندا آهن. خاندان توڙي دوست احبابن کي عيد جو خوشيون ملهائڻ لاءِ ۽ گڏ ٿيڻ لاءِ سڏ ڏنا ويندا آهن، نت نوان کاڌا، سيون، کيرڻيون، شربت، طعام وغيره، مٺايون سڀ گڏجي کائي پي عيد ملهائيندا آهيون. عيد جو ڏينهن سڀني مسلمانن لاءِ خوشين جو وڏو ڏينهن هوندو آهي پر ڳالهه اها آهي ته ان عيد واري ڏينهن تي ۽ عيد جي خوشين ۾ غريب ماڻهن ۽ پاڙيسرين جو به خاص خيال رکيو وڃي، انهن کي به پاڻ سان گڏ عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ کپي نڪي ايئن جو سواءِ مالدار ماڻهن ۽ پنهنجن ويجهن مٽن مائٽن جي باقي مسڪينن کي وساري ڇڏجي، اميد ته دوستن هن عيد تي پنهنجن سان خوشيون ملهائڻ سان گڏ پنهنجي آسپاس جي غريبن مسڪينن جي سار سنڀال به لڌي هوندي، هن خط ذريعي ”پنهنجي اخبار“ ۽ پنهنجن جون چٺيون ۾ لکندڙ سڀني دوستن کي دل جي گهرائن سان دلي عيد مبارڪون ڏيان ٿو.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
سيوھڻ ۽ آسپاس موسمي تبديلي تي اڀياس ٿيڻ گھرجي‎!
ڌرتيءَ جي گولي تي موسمن جي تبديليءَ جا ناڪاري توڙي ھاڪاري اثر پوندا رهندا آھن، انھن اثرن کي سمجھڻ لاءِ ۽ انهن کي متوازن رکڻ لاءِ سرڪار طرفان اڀياس ڪرايو ويندو آھي، جنھن مان مسقبل ۾ معنيٰ خيز نتيجا ملندا آھن، اھڙي تبديلي گذريل ٽن چئڏن سالن جي مقابلي ڊگھو عرصو موسم جو ٿڌو رھڻ، سيوھڻ، ٽلٽي ۽ ان جي آسپاس توڙي سنڌ جي ٻين مختلف هنڌم تي پڻ محسوس ڪئي وئي آھي، اپريل مھيني جي آخر تائين اڌ رات رلي وجھڻ توڙي اڄ 15 مئي ھئڻ باوجود موسم نارمل گرم ھئڻ اڌ رات بعد بجلي واري پکي جي ھوا آڏو بنا رلي جي سمھي نه سگھڻ، ڏينهن جو چند ڪلاڪ گرمي ھئڻ، اھڙي موسمي تبدليءَ تي تحقيق جي سخت ضرورت آھي، ان لاءِ واسطيدار ادارا نوٽيس وٺن، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ان موسمي تبديليءَ تي تحقيق لاءِ لاڳاپيل اداري جي ڪا ٽيم جوڙي ان تي تحقي ڪرائي مستقبل ۾ ايندڙ موسمي بدلائن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ اها رپورٽ اعليٰ ادارن تائين پھچائي لاڀ حاصل ڪيو وڃي.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
غريب جو ڀاڳ به غريب نڪتو!
ڦل واسي 25 سالا نوجوان پورهيت غلام فريد سومرو جو ڀاڳ به غريب نڪتو، جڏهن کيس خبر پئي ته هن جو جيرو ختم ٿي چڪو آھي ته پوءِ سندس ڀائرن ۽ مٽن مائٽن اک پٽي، ان کان اڳ سندس وڏو ڀاءُ 2 سال اڳ ساڳئي مرض ۾ گذاري ويو هو، غلام فريد کي گمس اسپتال وارن چيو ته جيرو ختم آھي ۽ اهو گمس طرفان مفت تبديل ڪيو ويندو آھي، باقي چار کان پنج لک رپيا شايد ٽيسٽن يا ڪنهن ٻئي مد ۾ جمع ڪرائڻا پوندا آھن، اهي جمع ڪرايو ۽ هڪ ڊونر جيڪو مريض جي گهرڀاتين مان هجي ان جو بندوبست ڪري اچو هي، ويچارا پورهيت جن جي وڏن ڊکاڻڪو ڪم ڪري سڄي حياتي گذاري سو ويچارا پريشان ٿي ويا بهرحال سندن خاندان جي هڪ متحرڪ نوجوان خليق الزمان سومرو همت ڪري ميڊيا جي دوستن کي مدد لاءِ چيو ۽ ڦل شھر جي ميڊيا هن مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا تي کنيو ته ڪيترن ئي وس وارن سان رابطو ڪيو، هنن کي ٿڏي تي پئسا ڏنا، سندس هڪ ڀاءُ جيرو ڏيڻ لاءِ به تيار ٿيو ۽ ايئن هي گمس اسپتال روانا ٿيا پر بدقسمتي سان ان ڏينهن گمس اسپتال عيد جي ڪري اوپي ڊي 20 مئي تائين بند ڪري ڇڏي ۽ هنن کي 20 مئي کان پوءِ اچڻ جو چيائون ۽ واپس گهر پهچڻ شرط غلام فريد جي طبعيت خراب ٿي وئي ته مقامي ڊاڪٽرن کين صلاح ڏني ته اوهان ڪنهن اسپتال ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ پوءِ هي نوابشاهه جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ٿيا ۽ اتي ٻن ڏينهن کان پوءِ غلام فريد سومرو دم ڌڻي حوالي ڪيو ۽ کيس اهو سمجهائي ڇڏيو ته غريب جو ڀاڳ به غريب ئي هوندو آھي، دعا آھي ته رب پاڪ غلام فريد سومرو کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي آمين.
محمد خالد ميمڻ/ڦل
پرديسي پکين جي ناءُ!
دنيا جي مختلف حصن ۾ رھندڙ مسلمان پنھنجي پيارن سان عيدالفطر جون خوشيون ملهائي ۽ ونڊي رھيا آھن پر ان خوشيءَ جي ڏينهن تي ڪي اھڙا ماڻھو به آھن جيڪي پنھنجي پيارن جي جدائي جيءَ ۾ سانڍيو، ڏکن جي ڏمر ھيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، ان ماڻھن جي زندگي ايئن آھي جيئن ھڪ پکي جي زندگي جيڪو پنھنجي ٻچن کي کاڌو کارائڻ لاءِ، کاڌي جي ڳولا ۾ ڪڏھن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ھوندو آھي، سٺي مستقبل لاءِ دل ۾ درد رکي پنھنجن کان پري ٿيڻ تي مجبور ٿيندا آھن، انھن لاءِ ھر ڏينهن ساڳو آھي، چاھي اھو خوشي يا غم جو ڏينهن ھجي، انھن پاڪستاني پرديسين جو انگ 10 ملين آھي، جيڪي پنھنجن کان پري زندگي گذاري رهيا آھن، پاڪستاني سرڪاري طريقيڪار وسيلي 50 کان وڌيڪ ملڪن ۾ روزگار لاءِ ٻاهر ويل آهن. پاڪستاني مزدورن جي لڏپلاڻ گهڻو ڪري خليج سهڪار ڪائونسل جي ملڪن تي ٻڌل آهي (96 سيڪڙو) سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ۾ روزگار ڪري رهيا آهن پر اتي پرديسين سان تمام خراب رويو رکيو ٿو وڃي، حڪومت کي گهرجي تي انهن جي تحفظ لاءِ قدم کڻي، هي مزدور نه رڳو پنهنجي گهر وارن پر پنھنجي ملڪي معيشت کي پڻ هٿي ڏين ٿا پر انهن جو علاج ۽ حالت تمام خراب هوندي آهي، حڪومت کي گھرجي تي جيل ويل پاڪستانين جي نشاندهي ڪري ۽ انهن کي فوري قانوني مدد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اھي جلد پنھنجي گھر واپس اچن ۽ پنھنجي سان گڏ زندگي گذارين.
سمير ساگر قريشي/حيدرآباد
علي بحر واهه جي آبادگارن سان انصاف ڪريو!
علي بحر واھ بنا ڪنھن وارا بندي جي بند ڪيو ويو آهي جنھن ڪري آبادگارن جي فصل جي پوکائي متاثر ٿي رھي آھي، علي واھ جو پاڻي 3 تعلقن جي زمين کي آباد ڪندو آھي، علي بحر واھ بند ٿيڻ ڪري لکين ايڪڙن جي پوکائي متاثر ٿي آھي، آبادگارن جو ڪرروڙين رپين جو نقصان ٿيو آھي، علي بحر واھ ۾ پاڻي جو ھٿراڌو بحران پيدا ڪري آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي، ھن علائقن ۾ ماڻھن جو گھڻو دارومدار زراعت تي آھي، پاڻي بند ھجڻ ڪري فصل پوکي نه سگھيا ته ھنن جو گذر ڪيئن ٿيندو؟ ملڪ ۾ پھريان ئي بک ۽ بدحالي عروج تي آھي، وقت تي فصل نه پوکيا ويا ته مسڪينن جو ڇا ٿيندو؟ علي بحر واھ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ تي آبادگار ايريگيشن عملي تي  ڪرپشن جا الزام هڻي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو آھي. ووئڻن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو انديشو آھي ڇو ته فصل جي پوکائي جو مرحلو شروع آھي، اهڙي وقت علي بحر واھ ۾ وارابندي جو بهانو ڄاڻائي پاڻي بند ڪيو وڃي ٿو، 15 ڏينهن بعد پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو جنهن لاءِ آبادگارن جو چوڻ آھي ته ايريگيشن آفيسر پاڻي جي معاملي ۾ ڪرپشن ڪري پڇڙي جي آبادگارن جي حق تلفي ڪن ٿا، جنهن ڪري جيڪو ڏاڍو آهي اهو ته فصلن تائين پاڻي پهچائي ٿو وڃي پر جيڪي غريب آبادگار آھن انهن جا فصل سڪي ٺوٺ ٿي وڃن ٿا، اسان جلد احتجاجي تحريڪ ھلائي پنهجو حق وٺنداسين، جنهن لاءِ پڇڙي سميت آبادگارن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آھن، جنهن بعد ايريگيشن آفيس اڳيا ڌرڻو هڻداسين، جيڪو مطالبا مڃڻ تائين جاري رکنداسين.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
ولي محمد ڀٽي جي قبرستان جي سار لهو!
هي قبرستان لڳ ڀڳ ٽن ايڪڙن تي پکڙيل ٿيندو جيڪو هن علائقي جو وڏي ۾ وڏو ۽ تاريخي قبرستان آهي پر افسوس جو هن جديد دور ۾ به هي قبرستان بنيادي سهولتن کان محروم آهي، جهڙوڪ چوديواري، نلڪو، لائيٽ وغيره. هي قبرستان وچ آباديءَ ۾ هئڻ باوجود به ان جا چارئي  پاسا چوديواري نه آهي، جنهن جي ڪري مختلف جانور ڏينهن توڙي رات جي وقت قبرستان ۾ داخل ٿي قبرن جي بيحرمتي ڪن ٿا، جنهن سان ڳوٺ ۽ علائقي واسين جي دل آزاري ٿئي ٿي. پنهنجي اخبار جي ذريعي مان ٽائون ڪاميٽي فقيرآباد جي ٽائون آفيسر سميت ٻين اعليٰ اختيارن جو ڌيان هن قبرستان ڏانهن ضرور ڇڪرائيندس ته خدارا هن قبرستان کي به بنيادي سهولتون ڏئي هن ڳوٺ ۽ علائقي واسين جي بيچيني کي ختم ڪيو وڃي.
عبدالستار کوکر/ ڪنب
بجليءَ جا ٽرانسفارمر چوري ڪندڙ گروهه کي پڪڙيو!
بدقسمتيءَ سان اسان وٽ پوليس انتظاميا جي نااهلي ۽ سستي سبب بدامني ۾ اضافو ٿي ويو آهي، ڪشمور ۽ ڀرپاسي ۾ چوپائي مال جي چورين بعد هاڻي چورن جو گروهه بجليءَ جا ٽرانسفارمر چوري ڪرڻ لڳو آهي، افسوس سان چوڻون ٿو پوي ته هڪ مهيني اندر 10 کان به وڌيڪ بجليءَ جا ٽرانسفارمر چوري ٿي چڪا آهن، ڳوٺ غلام قادر سولنگي، غلام حيدر مزاري، ڪريم داد مزاري، صادق خان مزاري، آدم خان ملڪ ۽ ڳوٺ محبت خان مزاري سميت ٻين ڳوٺن جا ٽرانسفارمر چوري ٿي ويا آهن، چورن جو ٽولو رات جو موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي مختلف ڳوٺن جي ٽرانسفارمرن وٽ پهچي تيز ڌار اوزار ذريعي تار ڪٽڻ بعد ٽرانسفارمر کي پول تان لاهي انهن ۾ پيل قيمتي سامان وغيره ڪڍي کڻي ٿا وڃن، موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي فرار ٿيندڙ چورن جو پيرو کڻي پيڇو ڳوٺاڻن لاءِ هڪ ڏکيو ڪم آهي ڇو جو چورن جو ٽولو چوري بعد موٽرسائيڪلن تي چڙهي مختلف روڊن تان نڪري سولائيءَ سان فرار ٿين ٿا، ٽرانسفارمر چوري ٿيڻ کان پوءِ مختلف ڳوٺن جا سوين گهر اونداهي جي ور چڙهڻ سان گڏ گرمي ۾ سخت تڪليفون ڀوڳڻ تي مجبور آهن، اڳ ۾ هڪ پاسي غريب ماڻهو چوپائي مال جي چوري ٿيڻ جي آزار سبب پريشان آهن ۽ وري بجليءَ جا ٽرانسفارمر چوري ٿيڻ ڪري ٻيڻي آزار ۾ ورتل آهن، سو ان سلسلي ۾ منهنجي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل آهي ته خدارا ٽرانسفارمر چوري ڪندڙ گروهه کي پڪڙڻ لاءِ پوليس جلد عملي قدم کڻي ته جيئن ٽرانسفارمر چوري ڪندڙ گروهه سوگھو ٿئي ۽ وڌيڪ ٽرانسفارمر چوري ٿيڻ کان بچي سگهن.
ماجد علي مزاري/ڪشمور 
ڳوٺ حاجي علي محمد مڇارو کي بنيادي سھولتون ڏيو!
سجاول لڳ قديمي ڳوٺ حاجي علي محمد مڇارو بنيادي سھولتن کان محروم آهي، ڳوٺ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو نظام نه هئڻ، پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال هئڻ ۽ روڊ اکڙڻ سبب ڳوٺاڻ سخت پريشاني جو شڪار آهن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان جو ڳوٺ وڏي عرصي کان بنيادي سهولتن کان محروم آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو نظام نه هئڻ ڪري اسان کي مجبورن پري پري کان پاڻي ڀرڻو پوي ٿو، ڳوٺ حاجي علي محمد مڇارو جي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال بڻجي وئي آهي، جنهن سبب ڳوٺ جا معصوم ٻارڙا ۽ اسڪول جا استاد پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي پڙهن ٿا، سجاول کان ڏيڊ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اسان جي ڳوٺ جو مين روڊ وڏي وقت کان مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي، جنهن ڪري ڳوٺاڻن کي شھر اچڻ وڃڻ ۾ وڏي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اسان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ حاجي علي محمد مڇارو ۾ درپيش مسئل کي حل ڪري اسان کي به سکيائيءَ سان زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي.
عبدالڪريم عرف وفا بابو پٺاڻ/سجاول
اوھان کي به تربيت جي سخت ضرورت آھي!‎
جڏھن اوھان ڪنھن سان عيد يا ڪنھن عام ڏينھن تي ڪنھن دوست سان ملڻ وڃو، اوھان جي اتي پھچڻ سان ڏسو ته اھو دوست ذاتي ڪم ۾ مصروف ھجي، اوھان کي لفٽ ئي نه ڏئي پوءِ به اوھان ان جي تڏي تي ڄڻ زبردستي وڃي عيد ملو، سلام دعا ڪريو ته اھا ھڪ پاسي اوھان جي ان سان گھري محبت چئي سگھجي ٿي ته ٻئي پاسي بيوقوفي به پر اوھان سان گڏ ڪو به شخص ان جو بي ڍنگو رويو ڏسي ان سان ملڻ پسند ئي نه ڪري ۽ جنھن سان توھان مليا اھو شخص اوھان کي چئي ته دوستن کي به اوھان جيان تربيت ڏيو ٻڌايو اھا به ڪھڙي تربيت آھي جو سنگت اوھان سان ملڻ اچي ۽ اوھان پنھنجي حصي جي ڪم جو ھڪ منٽ به سنگت کي نه ڏيو، ھو اوھان جي تڏي تي اوھان سان ڄڻ زبردستي اچي ملي، تنھن ڪري ٻين تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ وڏ ماڻھپو رکندڙ دوستن کي گھرجي ته پنھنجي ڳچيءَ ۾ جھاتي پائي ڏسو اوھان کي به تربيت حاصل ڪرڻ سخت ضرورت آھي، اوھان پنھنجن وڏن کان تربيت سکو ڇو جو زندگيءَ ۾ جيڪو ماڻھو خاص ڪنھن سان وڏي حب مان ملڻ وڃي ته سامھون وارو مصروفيت ۾ اڻ واقفن جيان پيش اچي ته ڇا اوھان جي دوست جو روح زخمي ڪو نه ٿيو ھوندو؟
رياض امر ٻجورو/سجاول
هڪ چٺي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڏانهن!
قابل احترام ڊپٽي ڪمشنر سکر، السلام عليڪم، اميد ته خيريت سان هوندا، محترم اڄ آئون پنهنجي اخبار ذريعي پنهنجي تعلقي جي هڪ يوسي لاءِ خط ذريعي دانهن ڏئي رهيو آهيان جنهن جي پڙهڻ سان اوهان هتان جي مسڪين ماروئڙن جي حياتي تي يا ته افسوس ڪندا يا نظرانداز ڪندا، سائين، تعلقي صالح پٽ جي يوسي وس آهي اتان جي اڳوڻي بلدياتي نمائندن ته انهي يوسي کي “بيوس” ڪري ڇڏڻ ۾ ڪا ڪثر ناهي ڇڏي جيئن ته هي يوسي تعلقي صالح پٽ جي آبادي جي لحاظ وڏي آهي جنهن جون سرحدون ڀارت سان ملندڙ آهن، هتي زراعت کي اوليت گهٽ ۽ چوپائي مال کي وڌيڪ آهي، هتي وڏي انگ ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا آهن، تيل گئس جي وچ ۾ ويٺل مسڪين ماروئڙن جو ڪاٺين جي ذريعي رڌ پچاءُ ڪرڻ ڏيئي هيٺيان اونداهي مثل آهي ۽ اهو تيل گئس پنجاب سميت ٻاهرين علائقن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ٿو پر هتان جي اٻوجھ ماروئڙا اڃ وگهي مري رهيا آهن، کين روزگار ته ٺهيو پاڻي لاءِ به سڪايو پيو وڃي، ڇا انهن جو حق ناهي؟ ضلعي جا سڀ اختيار توهان وٽ هجڻ ڪري اهي سڀ سوال آئون اوهان کان پڇڻ مناسب ٿو سمجهان. ٻي ڳالھ ته هتان جي اڳوڻي بلدياتي نمائندن يوسي چيئرمين، سيڪريٽري، ضلعي ڪائونسل سان لاڳاپيل ۽ سمورن ڪائونسلرن کان بجيٽ جو به پڇاڻو ڪريو، يوسي جي 4 سالن جي بجيٽ ڪٿي استعمال ٿي ۽ آئل فنڊ ڪيڏانهن ويا؟ قابل احترام سائين هن يوسي جي مسڪين ماروئڙن جي منهن تان مُرڪون ختم ڪندڙن ۾ آئون سمورن ڪامورن سميت فنڊن ۾ گهوٻيون هڻندڙن کي برابر جو ڏوهي قرار ڏيندس، اميد ته موڪليل چٺي جو سخت نوٽيس وٺي سمورن ڪامورن جي ڪن مهٽ ڪري هڙپ ٿيل سموري مال جو سخت پڇاڻو ڪري سٺي ساک رکندڙ آفيسر هجڻ جو ثبوت ڏيندا.
صدورو مهر/ صالح پٽ
کيرٿر جبل جي قدرتي سونهن!‎
کيرٿر جبل جي چوٽي قدرتي فطرتي حسن سان ڀرپور آھي، ھي ھنڌ چڱو ملوڻاڻي جي نالي سان مشھور آھي، ھتي قدرتي ناياب جانورن خاص ڪري گڊ وڏي انگ ۾ رھندا آھن، اونهاري جي موسم ۾ کيرٿر جبل جي چوٽيءَ تي ڏينهن هجي يا رات جنوري مهيني جهڙي ٿڌ هوندي آهي، دادو ضلعي جي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا توڙي حڪومت کي گهرجي ته واهي پانڌي شهر کان اولھ طرف کيرٿر جبل جي طرف روڊ رستي جو بندوبست ڪيو وڃي ته هتي سياحت وڌندي ۽ سنڌ حڪومت جي لاءِ تمام بهترين ٿيندو، کيرٿر جبل کي بلوچستان جي رستي سان ڳنڍيو وڃي ته هتي تمام گهڻا سياح ايندا، کيرٿر جبل تفريح لاءِ قدرتي سونهن سان مالا مال ماڳ آهي، سرڪار کي هن جبل طرف ڌيان ڏئي سنڌ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائي چڱو ڀلو ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو، جنهن سان نه رڳو واهي پانڌي ۽ ڪاڇي جي عوامي تمام گھڻو مالي فائدو پهچندو پر حڪومت جو به معاشي فائدو آهي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
آخر سنڌ مان پٺاڻن ۽ افغانين جو سلسلو ڪيئن گهٽبو!
پٺاڻ سنڌ ۾ ايتري تيزيءَ سان پيو پکڙجي جيتري تيزيءَ سان سمنڊ لاڙ جي ساحلي زمين کائي رھيو آھي، موتمار ھٿيارن، انسان دشمن بمن، راڪيٽ لانچرن، جي ٿرين، ايل ايم جين، خطرناڪ منشيات ۽ ٻي ھر قسم جي ڏوهن ۽ خاص طور مذھبي جنونيت کي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتي نموني پٺاڻ وڌائي رھيو آھي جيڪو بظاھر سادو خاموش سائيڪل تي ڪپڙو کپائيندو، بوٽ وڪڻندو، ھوٽلون ھلائيندو نظر ٿو اچي، ان ۾ زھر ڀريل آھي، پٺاڻ، ترخانن، ارغونن، منگولن کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي. سنڌ جا موٽروي، انڊس توڙي نيشنل ھاءِ ويز تي پٺاڻ مڪمل قابض ٿي چڪو آھي، ھوٽلن، دڪانن، پمپن جي ڀر ۾ وڏا تھ ٺھيل آھن، جن ۾ انھنڌ جا جديد ھٿيار لڪل آھن، ڪلاشنڪوفون، بم، جي ٿريون، راڪيٽ لانچر ھنن لاءِ معمولي ڳالھ آھي، رياست، پوليس سڀ ڄاڻن ٿا پر اھي ھڪڙا ته کين طاقتور ڪن پيا، ٻيا مال کائين ٿا، ان ڪري سندن تحفظ ڪن ٿا، ھوٽلون، پيٽرول پمپ، شاپنگ سينٽر، گاڏا، ٽرانسپورٽ، پلاٽنگ ۽ مختلف ڪاروبارن جي شڪل ۾ رھزن رت پياڪ پٺاڻ امن جي ديس کي وڏي جنگ طرف ڌڪي رھيا آھن، توھان ڪنھن روڊ رستي تي رڳو ھڪ ھوٽل جي بيراگيري ڪندڙ پٺاڻ سان ٿوري چپقلش ڪري ڏسو ته ڪئين ٿا پٺاڻن ٻرن مان مرن جيان نڪرن ۽ جديد ھٿيارن سان توھان تي حملا آور ٿين، نه فقط توھان تي حملو ڪندا پر انھن جي پٺڀرائي لاءِ وڏي سرڪار، وڏيرا، آفيسر ۽ مختلف ادارا سرگرم ٿي ويندا. ڪيس به وري اوھان تي داخل ٿيندو. سنڌين کي پٺاڻن جي وسيلي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري ڪم جي شروعات جابر جنرل ايوب ڪئي ان کي تڪميل تي عمران خان پھچائيندو ۽ اسين ھڪ ٻي جا پٽڪا لاھڻ ۾ پورا ھونداسين، اسان جو انجام پٺاڻ، بنگالي، برمي، بھاري گڏجي اھڙو ڪندا جھڙو يھودين فلسطينين سان ڪيو، ھي بحريا ٽائون، ھي ڊي ايڇ اي، ھي گرين سٽيز سڀ انھنن رياستي مھمانن لاءِ پيون ٺھن، اسان کي يا مڙس ماڻھو ٿي وڙھڻو پوندو يا گڏجي ايئن پٺاڻ اسان کي ماريندا جيئن ٻي عالمي جنگ ۾ لکين ماڻھو ھڪ ئي وقت ھولو ڪاسٽ ۽ گئس چئمبر جھڙن واقعن ۾ ماريا ويا ھئا، اسين ھاڻ وڙھو يا ختم ٿي وڃو، واري اسٽيج تي اچي بيٺا آھيون.
وقار ابراهيم راڄپر/ پڊعيدن
ملڪ رياض ۽ بحريا ٽائون جو جنُ قابو ڪريو!
بحريا ٽائون جيڪو آصف زرداري جي ذهين ۾ هڪ صاف سٿري ۽ محفوظ شهر جو تصور هو، ان تصوراتي شهر لاءِ آصف زرداري سنڌ سرڪار طرفان بحريا کي سنڌ جي زمين ڀڳڙن مٺ عيوض ملڪ رياض حوالي ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي شهر لاءِ بجلي جو پلانٽ ٺهرايو پي ويو، ڪراچي کي پاڻي نه ڏئي به اهو پاڻي ڪينجهر مان کڻي بحريا تائين پهچايو ويو، جن مان پارڪ پوکيا ويا، بک ۽ بدحالي ڪري بيروزگار ماڻهن جو روزگار کليو ته مزدورن گهٽ پگهار کي نه ڏٺو، هنن ڏهاڙي تي رات جو به ڪم ڪيو، بحريا انتظاميا جي مشينري پنهنجي هجڻ ڪري ريگستان کي جنت ۾ تبديل ڪيو، جڏهن ته اعتراض ڪوهستان جي ملڪ سردار واريو ته پئسن تي ان به خاموشي اختيار ڪئي، جڏهن ته ڪوهستان ۾ سرداري نظام آهي ته سردار جي هدايت تي ۽ وردي وارن جي خوف کان ڪوهستان جا اصلي رهاڪو خاموش ٿي ويا، پوءِ پڇڻ وارو ڪير به نه هو، اها تباهي ترقي جي نالي تي ٿي. ڪوهستان جي ماڻهن مان ڪنهن سوال اٿاريو ٿي ته اهو چئي خاموش ڪيو پي ويو ته ملڪ رياض اهي زمينون ڪهڙو لاهور کڻي ويندو؟ افسوس ته اسان وٽ سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي ڌارين حوالي ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن وڌيڪ زمين جي گهرج محسوس ڪيائون ته ٻين زمينن تي هنن کي ويهڻ لاءِ چيو ويو اتان به هاڻ گهر ڊاٿا پيا وڃن. ڪوهستاني ماڻهن سان فلسطينن وارو حشر ڪيو آهي، اصل وارثن تي گوليون وسايون پيون وڃن. اسان چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گذارش ٿا ڪريون ته بحريا ٽائون جون زمينون اصل وارثن کي ڏنيون وڃن ۽ سنڌي وسندين تي حملي ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي.
شير محمد نونداڻي/ڪوٽ غلام محمد