سوال/ سروي عيد جو اوچتو اعلان ۽ ڪورونا صورتحال، اوهان عيد ڪيئن ملھائي؟

0
375

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عيد جو اوچتو اعلان ۽ ڪورونا صورتحال ۾ اوھان عيد ڪيئن ملھائي؟ جنهن تي ماڻهن جي اڪثريت جو چوڻ هو ته اچانڪ اعلان عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ رات جو دڪانن تي عوام جمع ٿي ويو جنهن سبب ڪورونا ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿي. سوال/سروي سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مھاوير ٽيڪواڻي لکيو ته عيد جو اوچتو اعلان عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو ڪورونا وائرس جي ڪري عيد جون اڳي جھڙيون رونقون نه ھيون ھڪ ته لاڪ ڊائـون سبب بازارون بند ھيون جنھن جي ڪري عوام کي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي ويو ٻيو ڪورونا وائرس سبب تفريح گاھون بند ھجڻ ڪري عيد جون خوشيون اڳ جيان نه ملھائي سگھياسين. آفتاب لغاري لکيو ته ھن ملڪ ۾ ھاڻ چنڊ به آزاد ناهي اوچتي عيد عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو باقي ڪورونا جي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي عوام جي ذهن ۾ ڪورونا صرف ھڪ ڊرامو آهي. امتياز کوسو لکيو ته حيدرآباد ۽ ڀرپاسي اوچتو عيد جو اعلان ٿيو ته اڌ ڪلاڪ اندر سمورو شهر عوامي هجوم سان ڀرجي ويو ائين لڳو جيئن لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ جو اعلان ٿيو هجي اڌو اڌ ماڻهو درزين جي دڪان تان ٻارن توڙي پنهنجا ڪپڙا به خريد نه ڪري سگهيا ۽ ائين ڪورونا واري صورتحال ۾ شهر حيدرآباد جي ماڻهن سادگي سان عيد ملهائي. ثناالله چنا جو چوڻ هو ته11:30 وڳي رات جو اچانڪ عيد جو اعلان ٻڌي ماڻهو پريشان ٿيا ڪنهن خريداري ڪئي ته ڪنهن نه ڪئي بس عيد اچانڪ ڪري ملهائي سين . آصف علي ابڙو چيو ته عيد جي ڪافي انتظار کانپوءِ اچانڪ وڏو اعلان ٿيو جڏهن ته اڌ قوم آرام ۾ هئي، ڳالھه سمجهه ۾ نه آئي جڏهن ايترو دير اعلان ڪرڻ جو ڪهڙو سبب؟ ماڻهو اعتڪاف ۾ ويٺل هيا، تراويح نماز پڙهي، ان وقت رات جو دير سان اعلان ٿيو، اچانڪ سڀني جي چهرن تي مرڪون وکري آيون عيد جي اعلان کان پوءِ اچانڪ سڀني بازارن جو رخ ڪيو ، عيد الحمداللّه تمام سٺي گذاري. شاهد ڏاهري لکيو ته عيد جو اوچتو اعلان پريشان ڪندڙ ھيو عيد گھر ۾ سادگي سان گزاري اجتماع نه ٿيا نماڻو نوناري لکيو ته عيد جي چنڊ جو 12 وڳي اعلان ڪيو ويو ڄاڻي واڻي هڪ روزو کٽايو ويو، عوام جا ڪپڙا درزين وٽ رهجي ويا عورتون پارلر وڃڻ کان رهجي ويون سرڪاري عيدون رات دير سان ٿينديون آهن. محسن ملاح لکيو ته عيد جي چنڊ جو دير سان اعلان ٿيڻ سبب شهري ته پنهنجي گهرن کان نڪري ڪري بازارن، خريداري مرڪزن سميت ڌوٻين، درزين، حجامن، ڪريانا جي دڪانن ڏانهن رخ ڪيو پر دير سان اعلان ٿيڻ ڪري ٻهراڙين جا ماڻهو ڪجھه شين جي خريداري کان رهجي ويا جڏهن ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب جتي تفريح گاهون بند هجڻ ڪري عيد جون خوشيون اڳ جيان ڀرپور نموني ته نه ملهائي سگهياسون پر پنهنجن پيارن سان گڏ رهي ڪري عيد جا مزا ضرور ماڻيا جيئن هن عالمي وبا جو خاتمو ٿيندو ته انشاالله وري عيدون ڀرپور انداز سان ملهائبيون. اشفاق علي پنهور لکيو ته هن وبا جي ماحول ۾ عيد ۾ اها خوشي ناهي رهي ايس او پيز تحت ملهائي هي عيد باقي اميد آهي ايندڙ عيد ڪورونا کان پاڪ سنڌ ۾ ڌام ڌوم سان ملهائينداسين غفار احمد لغاري لکيو ته عيد جي چنڊ جي اوچتي اعلان سڀني کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو ڪجھه ماڻھن جو خيال ھو ته ھي سياسي عيد ھئي پر تنھن ھوندي به عوام عيد ملهائي ڪورونا سبب عيد سادگي سان ملهائي وئي. محمد پريل عباسي لکيو ته وفاقي حڪومت جي ناڪام پاليسي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي پر ڪورونا مزدور جو اڌ ساھ ڪڍي ڇڏيو ان کان پوءِ زبردستي عيد جو اوچتو اعلان عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو ڪيترائي ننڊ پيل هئا. لاڪ ڊائون جي ڪري درزين وٽان ڪپڙا به نه ملي سگھيا غريب مزدور جي عيد ته سڀ ڪجھه آھي جيڪي ويچارا عيد تي ئي نوان ڪپڙا پائيندا آھن ڪورونا جي ڪري ۽ عيد جو اچانڪ اعلان اهڙو ماحول ڪري ڇڏيو جو محسوس ئي نٿو ٿئي ته عيد به ڪا ٿي وئي آھي سڀ کان پھريان چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جي جاچ ڪئي وڃي ته آخر ڪاميٽي ايترو دير سان اعلان ڇو ڪيو؟ ۽ لڳي ٿو وزيراعظم جو سعودي عرب دوري ۾ اھو به معاهدو ھيو. آفتاب علي سولنگي لکيو ته عيد جي اچانڪ اعلان تي عوام ۾ بيچيني ڇانيل رھي رويت ھلال ڪاميٽي جي اھڙي اعلان ٿي عالم سڳورن جي راءِ ورھايل نظر آئي لڳي ٿو ته ڪورونا وائرس جي نئين لھر جي ڪري عيد جو اعلان دير سان ڪيو ويو جئين عوام عيد جي رات ھجوم جي شڪل اختيار نه ڪري. عابد حسين بليدي لکيو ته اها عيد نه پر خواري هئي حڪومت کي رات 12 وڳي چنڊ ڪيئن نظر آيو؟ بحرحال اچانڪ واري عيد پريشانيءَ ۾ گزري. مهدي حسن سومرو چيو ته اوچتو اعلان جي ڪري ڪنھن بہ قسم جي رٿابندي نه ٿي سگھي. عيد سادگيءَ سان ملهائي آھي. ماڻھون گھرن تائين محدود ھيا. حڪومت پاران اھڙي اعلان جي اميد نه ھئي. خادم گهراڻو لکيو ته عيد جو اوچتو رات جودير سان اعلان عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو ڪيترائي ننڊ پيل هئا .درزين وٽان ڪپڙا به نه مليا ڪرونا جي ڪري اهڙو ماحول هو جهڙو هڙتال عيد ڏينهن پري جا مٽ مائٽ نه آيا ڀاڪرين ملي عيد نه ٿي. شيراز چانگ لکيو ته بنا ڪنهن ايس او پيز جي عيد سادگي سان ملهائي. عتيق الرحمٰن لاکو لکيو ته عيد جي چنڊ جو مسئلو ان وقت تائين حل نه ٿيندو جيستائين پاڻ مرادو چنڊ ڏسڻيون ڪاميٽيون ختم ڪري حڪومت پنهنجي رٽ قائم نٿي ڪري. هو به شرعي لحاظ سان جمعو ۽ عيد قائم ڪرڻ حاڪم جو ڪم آهي. ممتاز علي سميجو هڪ پاسي اوچتي عيد ٻي پاسي لاڪڊائون غريب ماڻهن کي ڪافي پريشان ڪيو. وحيد مستوئي لکيو ته عيد جو اعلان زبردستي ڪيو ويو جيڪا حڪومت جي نااهلي آهي. اصغر حسين لکيو ته اسان عيد نه ملهائي حڪومت ملهائي، ڪورونا سبب ٻاهر به نه نڪتاسين ٻارن سان دل وندرائيندي عيد گزري. طارق حسين راڄپر لکيو ته ڪورونا سبب عيد گهرن ۾ ملهائي روڊ رستا ويران هيا. سينگار علي لکيو ته عيد جو اوچتو اعلان ٻيو وري ڪورونا جي لهر سبب ماڻهن ۾ عيد جي خوشي گھٽ پريشاني وڌيڪ نظر آئي. نظير ڏاهري لکيو ته عوام لاءِ عيد اچانڪ هئي حڪومت پاران سوچيل سمجهيل سازش هئي ته جيئن چڻڊ رات جو بازارن ۾ رش گھٽ ٿئي. حڪومت ان ۾ ڪامياب ٿي وئي. سليم اختر لکيو ته عيد سٺي گذري پر ھر سال وانگر اعلان ڪرڻ وقت سنسني ضرور پکيڙي وئي ان بعد پاڪستان جي اڌ عوام جيڪا پاڻ مفتي سمجهي ٿي ان فتوائون به ڏنيون پر عيد ڪئي سڀني. سياسي طور تي رد ڪري شرعي طور تي عيد ملھايائون ائين ڪنهن نه ڪيو جو ڪنهن عيد نه ملھائي ھجي.وفا بابو پٺاڻ لکيو ته عيد سادگيءَ سان ملهائي هڪ مهانگائي، ٻيو لاڪڊائون ٽيون اوچتو عيد جو اعلان ٿيو. اياز احمد لکيو ته زبردستيءَ واري عيد مهنجي خيال ۾ ڪنهن به دل سان نه ملهائي هوندي. بشير ميراڻي لکيو ته عيد جي چنڊ جو اعلان به اليڪشن جي نتيجن جيان دير سان ڪيو ويو، اهو هتان جي رياست جو اصول آهي. مهانگائي ۾ غريب ماڻهو جي ڪهڙي عيد؟ مختيار علي ڏاهاڻي لکيو ته اچانڪ عيد جي اعلان بعد عوام پريشان ٿي صبح سوير ڪجهه ضروري شيون وٺي حڪومتي اعلان تي عيد ملهائي. حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته بهترين طريقي سان عيد ملهائي وئي. بشير احمد لکيو ته اچانڪ رات جي وقت چنڊ ڏسجڻ ۽ عيد ڪرڻ جي اعلان تي عوام ايس او پيز جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون ان رات سمورو شھر کليل رھيو ۽ ماڻھن جي پيھه ٿي مگر وقت تي درزين وٽ رش ۽ حجامن وٽ رش ھئڻ ڪري ڪيترائي ماڻھو مايوسي جو شڪار ٿيا عيد تي نوان ڪپڙا پھري نه سگھيا ۽ صبح جو ناشتي کان سواءِ عيد گاھ پھچي ويا ۽ ڪنھن به چھري تي عيد جي خوشي نظر نه آئي ۽ سڀڪو پريشان لڳي رھيو ھو ھڪٻئي کي عيد مبارڪ ڏيڻ وقت “اچانڪ عيد مبارڪ” ڏيئي رھيا ھئا ۽ رات جو عيد جو اعلان ٿيڻ ڪري ماڻھو رات جو عيد وارو طعام تيار ڪري نه سگھيا ۽ عوام سادگي سان عيد ملھائي . عاشق حسين لکيو ته عيد جو اوچتو اعلان، حڪمرانن چند ڏسڻي ڪاميٽي کي يرغمال ڪري پنھنجي مرضي جو فيصلو مڙھيو آھي، لڳي ٿو وزيراعظم سعودي دوري دوران عيد ڪرڻ جي به ڊيل ڪري آيو. عبدلله ملاح لکيو ته خدا جي طرفان عيد هوندي آهي ته ڪيترو سڪون ملندو آهي اسان وٽ هن دفعي انسانن طرفان زبردستي ڪرايل عيد تي ڪو به خوش نظر نه آيو.