ٿر جا ڏوٿي ڏکايل آهن!

0
520

اتهاس جي قدامت ۽ جاگرافيائي بيهڪ ۾ اهو به چيو وڃي ٿو ته ٻه هزار ورهيه اڳ عربي سمنڊ جي هٽي وڃڻ سان ٿر ٿي پيو هو. طبعي بيهڪ جي لحاظ کان کائڙ، ڪنٺو، پارڪر، سامروٽي، ونگو، وٽ، مهراڻو، ڍاٽ، اڇڙو ٿر هن ريگستان جا ڀاڱا آهن. پارڪر جي پڌر تي ڪارونجهر جي ڀر ۾ پوک لائق ڀليون ٻنيون آهن، ته انتهائي خوبصورت سياحتي ماڳ به آهن. وڻڪار واريون ڀٽون آهن، ته تڙ ترايون به آهن. وڻ ٿر جي فطري سونهن آهن، پر هتي وڻن جي واڍي جي ڪري ماحولياتي بگاڙ پيدا ٿيو آهي. آبهوائي تبديلي جي ڪري هتي مينهن گهٽ پون ٿا.
هن ريگستاني خطي ۾ اپريل کان جولاءِ تائين اونهاري جي موسم ۾ ڪانوءَ جي اک ڪڍندڙ ٽاڪ ڪاڙها ٿين ٿا، انهن ئي ڏينهن ۾ اُساٽ جو تصور اڃان وڌيڪ تاسارو ٿي پوندو آهي. گرم هوا سان واچوڙا اُٿن ٿا، واري تپي ٿي. اپريل کان جولاءِ تائين ٿر ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، اُڃ ۽ لُوءَ جو احساس وجود تي واسو ڪندو آهي ۽ اها ويلا وڇوڙي جي ڪنهن پل کان وڌ تڙپائيندي آهي. لُڪ جُهولو ۽ تپندڙ واري جو احساس مئي جي مهيني ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي. هن ئي مند ۾ سڱريون ۽ پيرون پچن ٿا. برسات گهڻو ڪري جولاءِ آگسٽ ۾ وسندي آهي. اونهاري ۾ تيز گرم هوائون ۽ جُهولا لڳن ٿا ته سياري ۾ واري جي ٿڌڪار محسوس ٿئي ٿي. ٿر جي تصور سان رُڃ ۽ اُڃ جو تصور به اُڀري ٿو. لوءِ جي وهڪري سان ڪيئي پکي جهپڪي هيٺ ڪري مري وڃن ٿا. ٿر ۾ وڻن جي واڍي سبب پکين جا آکيرا اُجڙي ويا آهن. فطري ايڪو سسٽم جي اُجاڙ سبب پکين جا مختلف نسل ناپيد ٿيندا پيا وڃن. ڪوسي لوءِ ۾ جياپو جنجال ٿي پوي ٿو. گرم هوا سان واچوڙا اُٿن ٿا، واري تپي ٿي:
آرهڙ جو آڪاس ٻري ٿو،
ڪانوءَ لنوي ٿو ڪنڊيءَ تي…
لوءِ لڳي ٿي
آئون لکان ٿو
لکندي لکندي سج لهي ٿو
جڳ چڙهي ٿو جنڊيءَ تي.
مٿي تي ٻيلهڙا ۽ ڪڇ تي دِليون يا اُٺ پکالن تي پاڻي ڀرڻ ڪيترو اَڻانگو آهي؟ ٿر ۾ کوهه ڪيئي پُرهه اونها آهن، ٿرياڻيون ساندارين سان رسا ٻڌي پاتال مان پاڻي ڇڪي ڪڍين ٿيون. پاتالي کوهن مان پاڻي ڇڪي ڪڍڻ وارو ڪم بنهه مشڪل ۽ وقت وٺندڙ آهي. ڪوس مٿي ڇڪڻ ۽ گهر تائين پهچائڻ لاءِ گڏهن ۽ اُٺن جو سهارو ورتو ويندو آهي. سنڌوءَ کان ڏاکڻين طرف سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ هاڪڙي جي پيٽ تي واري ورڻ کانپوءِ هتي ڪو به ڪئنال نه ٺهيو. برسات نه پوڻ ڪري ترايون سُڪي وڃن ٿيون، ايئن پاڻي جي تلاش ڪوهين ڏور کوهن ڏانهن ڪرڻي پوي ٿي. اڇڙو ٿر، چولستان ۽ ڪاڇو به ساڳئي ريت پاڻي مسئلي کي ڀوڳين ٿا. ٿر جي اڪثر آبادي زير زمين کوهن جو کارو پاڻي پيئي ٿي. اهو پاڻي هيٺ لهندو وڃي ٿو. اونهاري جي مند ۾ کوهه سڪي وڃن ٿا، يا کارا ٿي وڃن ٿا. ٿري ماڻهو نو هزار پي پي ايم تائين لوڻياٺ وارو پاڻي به پيئن ٿا.
صحره ٿر ۾ جر جو پاڻي کارو هئڻ جا ٻه سبب آهن. هڪ فلورائيڊ ۽ ٻيو سنکيو جو هئڻ آهي. ٿر ۾ واٽر سپلاءِ جي سهولت نه هئڻ سبب اڪثر ماڻهو پاتالي پاڻي پين ٿا. اِهو پاڻي ذائقي ۾ ڪڙو آهي. ٿر جا ماڻهو ٽينڪر جي صورت ۾ پاڻي خريد ڪري به پيئن ٿا، پر اهو پاڻي مهانگي مُلهه ۾ ملي ٿو، تنهنڪري ڪري اڪثريت ۾ آبادي کوهن جو کارو پاڻي پيئي ٿي. ٿر جو نوي سيڪڙو پاتالي پاڻي پيئڻ جوڳو ناهي. انهي پاڻي ۾ 32 ملي گرام تائين فلورائيڊ موجود آهي. فلورائيڊ موجود هئڻ سبب ماڻهن جا ڏند زرد ٿي وڃن ٿا ۽ گُردن ، هڏن، سَنڌن ۾ سُور ۽ ٻيون بيماريون پيدا ٿين ٿيون. اهڙو کارو پاڻي پيئڻ سان هڏا ڪمزور ٿين ٿا، مُڙي وڃن ٿا ۽ ماڻهو جسماني طور بلڪل مفلوج ٿي وڃي ٿو.
ٿر ۾ نوي سيڪڙو آبادي ڳوٺن ۾ مقيم آھي. ويھه لک آبادي ۽ ٽي ھزار ڳوٺن کي مٺو پاڻي نه ملي رھيو آھي. ٽيوب ويل ۽ برساتي پاڻي جو جر ريچارج ڪرڻ ۽ آر او پلانٽس ذريعي اھو مسئلو حل ڪري سگھجي ٿو. جيئن ته زير زمين کوهن جو کارو پاڻي ڪجھه بيمارين جو سبب آهي، ان ڪري هڪ ڪئنال ۽ واٽر پائيپ لائين ذريعي ٿر جي هر ڳوٺ ۾ بئراجي پاڻي پهچائي بيمارين جي شدت گهٽائي سگهجي ٿي. ٿر ۾ پاڻي جي مسئلي جو مستقل حل ته ڪئنال آهي پر پاڻي جي پائيپ لائين ڪانٽيو، چيلهار، ڏاهلي ۽ اڳتي ٻهراڙي تائين وڇائڻ انتهائي اهم ڪم آهي. ٿر ڪول تائين پاڻي پهچي سگهي ٿو ته ڇاڇري ۽ ننگر پارڪر جي ڳوٺن تائين پاڻي ڇو نٿو پهچي سگهي؟ رڻ ڪڇ ۾ ضايع ٿيندڙ ڪارونجهر جو پاڻي اسٽور نٿو ڪري سگهجي؟ ونڊ ۽ سولر انرجي جون رٿائون عمل ۾ نٿيون آڻي سگهجن؟
سنڌ جو ريگستاني خطو ٿرپارڪر وڏي ايراضي تي پکڙيل آهي، لنڪ روڊ کانپوءِ ڪيئي ڪلوميٽر اڙانگا پيچرا آهن، ماڻهو اهڙين جاين تي رهن پيا جتي صفا سُڃ لڳي پئي آهي. ڪيترائي ڳوٺ روڊ رستن کان ڪٽيل آهن، نه اسڪول آهن ۽ نه اسپتال آهن. اِها حالت رڳو ٿرپارڪر جي ناهي پر اڇڙي ٿر سميت سنڌ جي ٻين ريگستاني علائقن ۾ به ماڻهو مصيبتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. چوپايو مال مري رهيو آهي. کوهه سڪي ويا آهن. خوراڪ جي کوٽ آهي. ناري ۽ لاڙ جي بئراجي علائقن ۽ ٿر ريگستان جو محنت ڪش طبقو سڀ کان مشڪل زندگي گذاري ٿو. ٿر جي عام کيت پورهيت ۽ هاري جو معاشي گذر برساتي کيتي باڙي ۽ چوپائي مال تي آهي. ٿري هاري ۽ پورهيت جي گهريلو معيشيت جو ڪاروهنوار “ آڻيون ۽ چاڙهيون” وارو آهي. مارو مال ڪاهي ناري ۽ لاڙ پٽ ڏانهن لڏ پلاڻ ڪن ٿا. ٿر ۾ لڏپلاڻ جوعمل مجبوري جي صورت ۾ ٿئي ٿو. اهو به خاص ڪري ان وقت جڏهن لاڙ ۾ سارين ۽ ناري ۾ ڪپهه يا ڪڻڪ لهي ٿي ۽ چونڊ يا لاباري جو آسرو هُجي ٿو. ايئن مال متاع وٺي وڃڻ ۽ اُتي رهڻ انتهائي ڏکيو آهي. جتي ماڻهو جو گهر ٺڪاڻو نه هجي اُتي رهڻ ڪيڏو مشڪل هجي ٿو. پورهئي ڪارڻ هي مارو لوڪ جتي رهن ٿا، اتي ريپ جا ڪيس ظاهر ٿين ٿا ته انهن سان مقامي ماڻهو ڪٿي ڪٿي جهيڙا به ڪن ٿا. لاباري لاءِ لڏيندڙ لوڪ وٽ زندگي جي وصف جياپي جي بقا آهي.
ٿر جي تبديل ٿيندڙ ڊيمو گرافي سبب به سماجي ۽ معاشي بگاڙ پيدا ٿيو آھي. ڌارين آبادڪاري به مقامي ڪلچر ۽ سڃاڻپ تي اثر انداز ٿي آھي. ڪنھن به سماج جي ارتقا مثبت به ٿيندي آھي ته منفي به. ٿر جون سماجي حالتون خرابي ڏانهن وڌي رھيون آھن. ٿر جي شھرن ۾ ھاڻ بليڪ مارڪيٽنگ ۽ “چائنه ڪٽنگ” جو رجحان وڌيو آهي. ان جو سبب به ڌارين آبادڪاري آھي. ھوٽلون، بنگلا، بٺا، پلاٽنگ، پيٽرول پمپ ۽ ٽرانسپورٽ جي ڪرت ڪاري ناڻي جي ڪمائي جي صورت ۾ وڌي آھي. اھڙي بليڪ مارڪيٽنگ کي ھٿي ڏيڻ يا ان ڪاري ناڻي جا نوان بنياد هجڻ سبب امن امان جي صورتحال به سٺي ڪونهي. ٿر ۾ ڏوھن جي نوعيت تبديل ٿي آھي.
طبقاتي طور ورهايل هن سماج ۾ اوچ نيچ جو تصور موجود آهي، هڪڙا طبقا بنهه ويڳاڻا ۽ ڌڪاريل آهن. سندن ڪا به سياسي ۽ سماجي حيثيت تسليم نه ٿي ڪئي وڃي. ٿر ۾ بدترين طبقاتي حالت آهي. صرف هڪ طبقي کي سماجي ۽ معاشي طور مضبوط ڪيو پيو وڃي. سياست جي هي شڪل معاشي طور غريب پرت جي سورن کي سوايو ڪري پئي. اها سياست ٿر جي سماجي ۽ معاشي مسئلن جو قطعي حل آهي؟
ٿر جو ٻاهتر سيڪڙو کان وڌ عوام غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿو. ٿر جا ماڻهو زندگي جي اڪيچار مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اصل ۾ ساڄي ڌر جي اقتدار پرست سياست ۽ بيوروڪريسي جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪري ئي ڏڪار جا اثر ڪجهه وڌيڪ آهن. اقربا پروري، پنهنجا نوازي، ڪرپشن ۽ بدانتظامي جي ڀرپور عمل سان ٿر کي ٿوهر جهڙو بڻايو ويو آهي.
گذريل پنج سالن کان ٿر ۾ ٻار مري رهيا آهن. معصوم ٻارڙن جي موت جو ڪارڻ شديد غذائي کوٽ ٻڌايو وڃي ٿو. اهم ڳالهه ته بُک بيمارين جي جڙ آهي غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين جا ڪيئي سبب آهي، پر اهم سبب بک ۽ معاشي تنگي آهي. جيڪڏهن هڪ ٻار غذائي ڪمي سان گڏ ڪنهن بيماري ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو ته اهو ٻار موت جي ور چڙهي وڃي ٿو. اهي ٻار انهن مائرن جا مري رهيا آهن، جيڪي خود غذائي ڪمي جو شڪار آهن. غذائي ڪمي جو وڌيڪ شڪار پورهيت پرت جي پريوار ۾ جنم وٺندڙ ٻارڙا آهن ڇو ته، انهن معاشي طور مسڪين ماروئڙن وٽ هڪ پنهنجيون ٿر جون زمينون نه آهن يا گهٽ آهن يا انهن جي ٻنين تي قبضا ڪيا ويا، ( ڪٿي ته کين کوھه تان پاڻي ڀرڻ ۽ رستي تان گذرڻ کان به روڪيو وڃي ٿو.) ٻيو ته پوئتي پيل پورهيت طبقي ۾ تعليم جي اڻهوند آهي ۽ ٽيون ته انهن جي سياسي وارثي نه آهي. (هلندڙ)